اشاعتیں

اکتوبر, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

انيتا شاه: مادرِ علميون، استاد ۽ تحقيق!

تصویر
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ منور ابڙي جو ٺاهيل هڪ ڪارٽون ڏٺم، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جي عڪاسي ٿيل هئي. بس جي مٿان، پٺيان، اندران، ٻاهران شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڄڻ ته بس جي درن ۽ درين منجهان وهن پيا. جن پڙهندڙن کي يونيورسٽيءَ جي انهن پوائنٽن ۾ چڙهڻ جو اعزاز نصيب نه ٿيو هوندو، انهن شايد انهيءَ ڪارٽون کي وڌاءُ سمجهيو هجي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن شاگردن کي ضرور انهيءَ ڪارٽون جي حقيقت پسندي ۽ حقيقي منظر نگاري جو احساس ٿيو هوندو.

ڪتابن جو موهه (حسين ڪپري)

تصویر
هو ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ ۾ هوشيار هو. جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن ڪتابن جو شوق اهڙو چڙهندو ويس جو ٻيا سڀ ڪم ڪار وساري ڇڏيائين. سندس واپاري برادري جا ماڻهو جيڪي زندگي جي هر موڙ تي آني ٽڪي جو حساب لڳائين ٿا تن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪتابن ۾ آهي ڇا، جو ونود ڪمار لائبررين جا چڪر لڳائي، بڪ اسٽالن

فڪر ۽ اظهار جي آزادي ۽ گروهي سچ (جامي چانڊيو)

تصویر
اڄ ڪله سوشل ميڊيا تي پڌرا ٿيندڙ انتهاپسند ۽ منفي رويا گهڻو بحث هيٺ آهن. دراصل سماج خارجي ۽ داخلي طور جن صورتحالن، ڪيفيتن، مصيبتن ۽ وارتائن مان گذرندا آهن، ان جو اظهار ٻين انيڪ صورتن سان گڏ پنهنجن روين سان به ڪندا آهن ۽ اهو به ضروري ناهي ته خارجي دٻائن يا انيائن جا شڪار سماج لازمي طور داخلي حوالي سان ۽ هر حوالي سان مثبت لاڙا رکندا آهن. سماج هڪ پيچيده لقاءُ آهي ۽ انڪري ان جي محرڪن، تبديلين ۽ روين توڙي حالتن ڏانهن روش کي نه رڳو پيچيده سمجهڻ گهرجي پر انهن کي سمجهڻ جي اک به سادي نه هئڻ گهرجي. انهن موضوعن تي مان ڏهاڪن کان لکندو رهيو آهيان پر

فرمائشي پروگرامن جا شوقين (زيب سنڌي)

تصویر
گهر ۾ سندس ماءُ جو لاش رکيل هو، پر جڏهن ريڊيو جي فرمائشي پروگرام جو وقت ٿيو، ته هو ماءُ جي لاش وٽان اٿي، ڪانڌين کان نظر بچائي، ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران، ديوين جي ڪنڊيدار ٻوٽن پٺيان لڪي، هن اڌ ڪلاڪ جو پورو فرمائشي پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو، ته اڄ سندس نالو پروگرام ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه! ريڊيو جي انهيءَ لسنر جو تعلق ته سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سان آهي، پر

استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! (جامي چانڊيو)

تصویر
انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ ک رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به.

استاد بخاري: سنسار، سونهن ۽ سنڌ جو عاشق! (جامي چانڊيو)

تصویر
استاد بخاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٻاروتڻ ۾ ٿي، جڏهن هو ۽ منهنجو والد صاحب عبدالحئي چانڊيو دادوءَ جي ڪاليجَ ۾ پروفيسر هئا. بُوبڪَ ۾ بابا جو دِلگُهريو دوست گل محمد ميمڻ رهندو هو جيڪو سنڌ جو مشهور حڪيم هو. اسان جو اُتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. هڪ دفعي مان بابا سان گڏ بُوبڪَ ويو هوئس ۽ واپسيءَ تي ڪاليج ۾ استادن جي اسٽاف روم ۾ مون پهرين ڀيرو استاد بخاريءَ کي ڏٺو. مون کي ٻاروتڻ کان شاعريءَ سان نه رڳو گهرو لڳاءُ هوندو هو پر مون کي تمام گهڻي سنڌي ۽ اُڙدو شاعري ياد هوندي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اُن ڏينهن استاد بخاريءَ لئه ۽ تالَ ڏئي ڏاڍي ترنم ۾ پنهجا شعر ٻڌايا هئا.