فرمائشي پروگرامن جا شوقين (زيب سنڌي)

گهر ۾ سندس ماءُ جو لاش رکيل هو، پر جڏهن ريڊيو جي فرمائشي پروگرام جو وقت ٿيو، ته هو ماءُ جي لاش وٽان اٿي، ڪانڌين کان نظر بچائي، ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران، ديوين جي ڪنڊيدار ٻوٽن پٺيان لڪي، هن اڌ ڪلاڪ جو پورو فرمائشي پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو، ته اڄ سندس نالو پروگرام ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه! ريڊيو جي انهيءَ لسنر جو تعلق ته سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سان آهي، پر اهڙا بي شمار ٻڌندڙ سڄي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ موجود آهن. لاڙڪاڻي شهر جي هڪ سرنديءَ واري ريڊيو لسنر جي اوطاق ۾، ديوارن تي ڇهه ريڊيو سيٽ ٽنگيل آهن ۽ انهن سڀني تي ڌار ڌار ريڊيو اسٽيشنس ٽيون ٿيل آهن. اتي بيٽري سيلن جا ڀريل کوکا به موجود آهن، جيئن ڪنهن سيٽ جا سيل ٿورو به ڪمزور ٿيڻ تي هڪدم تبديل ڪري سگهجن ۽ ڪنهن به سيٽ جو آواز جهيڻو نه ٿئي. اهي ڇهه ئي ريڊيو سيٽ صبح سوير کان رات دير تائين لڳاتار گڏ وڄندا رهن ٿا. اوطاق تي سڄو ڏينهن ميڙو متل رهي ٿو ۽ هڪ ئي وقت وڄندڙ ڇهن ريڊيو سيٽن مان ڪنهن اسٽيشن تان جڏهن صاحب جو نالو ڪنهن فرمائشي پروگرام ۾ نشر ٿئي ٿو ته اوطاق ۾ هوڪرا پئجي وڃن ٿا ۽ خوشيءَ مان تاڙا ملايا وڃن ٿا! پوءِ انهيءَ خوشيءَ مان اوطاق تي چانهه جو نئون دور به هلي ٿو! انهيءَ گوڙ شور ۽ هل هنگامي جي وچ ۾ جيڪڏهن ڇهن ريڊيو سيٽن مان ڪنهن هڪ تان فرمائشي نالا نشر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، ته اهو گوڙ شور ۽ هل هنگامو هڪدم بند ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن ريڊيو سيٽ تان نالا نشر ٿي رهيا هجن ٿا، ان جو آواز تڪڙ ۾ وڌايو وڃي ٿو. صاحب جو نالو نشر ٿيڻ تي وري خوشيءَ مان نعرا لڳن ٿا، پر جيڪڏهن نالو نشر نٿو ٿئي ته انهيءَ انائونسر، پروڊيوسر توڙي اسٽيشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪربا پروريءَ ۽ رشوت خوريءَ جا الزام هنيا وڃن ٿا. انهيءَ اوطاق تي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي آفيسر جيان هڪ ملازم به رکيل آهي، ته ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي روم ۾ رکيل لاگ بڪ جيان هڪ رجسٽر به رکيل آهي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي آفيسر ۽ انهيءَ اوطاق جي ملازم ۾ فرق فقط اهو آهي ته، ڊيوٽي آفيسر فقط پنهنجي هڪڙي اسٽيشن جي نشريات کي ٻڌي ٿو ۽ پروگرامن ۾ نشر ٿيندڙ گيتن توڙي اشتهارن جي لاگ بڪ ۾ داخلا ڪري ٿو، پر اوطاق وارو ملازم هڪ ئي وقت ڇهن ريڊيو اسٽيشنس جي پروگرامن طرف ڌيان ڏئي ٿو ۽ جنهن به اسٽيشن تان صاحب جو نالو نشر ٿئي ٿو، ان اسٽيشن ۽ پروگرام جي نالي توڙي وقت ۽ ڏينهن جي ان رجسٽر ۾ داخلا رکي ٿو!

هونءَ ته وڏي اڪثريت ۾ ريڊيو ٻڌندڙ ”سائلينٽ لسنرس“ هجن ٿا، جيڪي ڪڏهن به ڪنهن پروگرام لاءِ نه خط لکن ٿا ۽ نه ئي فون ڪن ٿا، پر فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌڻ جي شوقينن جي پنهنجي عجيب دنيا آباد آهي. سندن انجمنون ۽ ايسوسيئيشنس به آهن، جن ۾ باقائدي عهدا به آهن، ته ڪجهه وقت اڳ تائين سندن نمائندگي ڪندڙ ”ريڊيو پبليڪيشنس“ جي نالي سان هڪ رسالو به شايع ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن انجمنن جون گڏجاڻيون به ٿين ٿيون، جن ۾ نالو نشر نه ٿيڻ جهڙن مسئلن تي غور ويچار ڪيو وڃي ٿو ۽ مختلف ڪمپيئرن، انائونسرن ۽ پروڊيوسرن سان شڪايت جي صورت ۾ انهن خلاف، ريڊيو جي اسٽيشن ڊائريڪٽرن ڏانهن خط به لکيا وڃن ٿا.

ريڊيو جي ڪجهه فرمائشي پروگرامن ۾ ٻڌندڙن کان ڪجهه سوال به پڇيا وڃن ٿا ۽ فقط درست جواب لکندڙن جا نالا نشر ڪيا وڃن ٿا. سوال نشر ٿيڻ وقت اهي فرمائشي لسنر هڪدم تحرڪ ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پري پري تائين مختلف علائقن ۾ رهندڙ، موبائيل ميسيج وسيلي هڪ ٻئي کان درست جواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه پروگرامن ۾ سوين جواب لکندڙن مان ڪنهن هڪ جو نالو ڪڻي وسيلي ڪڍيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ فرمائشي لسنر جو پورو تعارف ۽ سندس پسند جو ڪلام به نشر ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ”کيپ کٽڻ“ تي نه فقط اهو خوش نصيب دوستن جي دعوت ڪري ٿو، پر ٻيا فرمائشي شوقين به کيس دعوتون کارائين ٿا. انهن فرمائشي دوستن جي وچ ۾ نالو نشر ٿيڻ يا نه ٿيڻ، توڙي ڪنهن انائونسر پاران هڪ ساهيءَ ۾ وڌيڪ نالا کڻڻ جي صلاحيت تي به شرطون لڳن ٿيون.

ترقيءَ واري دور ۾، جڏهن هر غريب غربي جي هٿ ۾ به موبائيل فون نظر اچي ٿي ۽ خط لکڻ واري روايت ڪو پراڻو داستان بڻجي وئي آهي. تڏهن به ملڪ جي هر ريڊيو اسٽيشن تي روزانو سوين ۽ هزارين خط پوسٽ ذريعي پهچن ٿا. ڪيترن فرمائشي ٻڌندڙن جا ته سندن نالي ۽ فوٽوءَ سميت ڪارڊ به ڇپيل آهن، جن تي هو ٽپال جي ٽڪلي چنبڙائي موڪلين ٿا. اهي سڀ فرمائشي لسنر سرنديءَ وارا ناهن، پر انهن مان ڪيترائي ڪنهن هوٽل، دڪان يا فيڪٽريءَ ۾ ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ به آهن ۽ اهي سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ پورهئي کان پوءِ شام جو، پنهنجي ۽ ٻچن جي پيٽ تي لت ڏئي ٽپال جا لفافا ۽ ڪارڊ خريد ڪن ٿا ۽ رات وارن فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌڻ لاءِ اوجاڳا ڪن ٿا! ريڊيو ٻڌندي ٻڌندي ڪنهن لسنر کي انائونسر يا ڪمپيئر ٿيڻ جو شوق جاڳي ٿو، ته هو ريڊيو اسٽيشن جو رخ ٿو ڪري. اهڙا ڪي ٿورڙا مثال ته موجود آهن، ته ڪنهن باصلاحيت ٻڌندڙ جي قسمت به سندس ساٿ ڏنو ۽ اهو انائونسر يا ڪمپيئر ٿي ويو، پر گهڻا شوقين اڪثر فقط جتيون ئي گسائيندا رهيا آهن. ٿر جو اهو ڀيل فرمائشي لسنر ته اڄ تائين مون کان ناهي وسريو، جنهن کي پندرهن سورهن سال اڳ، ريڊيو جي فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌي ٻڌي انائونسر ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هو ريڊيو جي هڪ ”سڳوري“ ڪمپيئر جي هٿ چڙهي ويو، جنهن کيس انائونسر ڪرائڻ جا آسرا ڏئي سندس روزگار جو ذريعو، ٻڪرين جو ڌڻ وڪڻائي سمورا پئسا ڦٻائي ڇڏيا هئا. اهو گهٽ پڙهيل، بي پهچ ۽ موڳو مسڪين ڀيل ڪيتري وقت تائين ريڊيو اختيارين وٽ دانهين ٿيندو رهيو هو ۽ اهو سڄو اسڪينڊل ان زماني جي اخبارن ۾ به رپورٽ ٿيو هو، پر سندس داد رسي نه ٿي سگهي هئي ۽ هو واپس ٿر هليو ويو هو، جنهن کانپوءِ مون اڄ تائين سندس نالو به ناهي ٻڌو. خبر ناهي ته ٿر جو مسڪين ڀيل اهو ڌڪ پچائي ويو، يا کيس انهيءَ صدمي نهوڙي ڇڏيو!


روزاني ڪاوش

اڱارو 8 فيبروري 2011ع

تبصرے