اشاعتیں

مئی, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

امڙ

تصویر
  محمود مغل صاحب ڪاوش ۾ وسعت الله خان جو ھڪ آرٽيڪل ترجمو ڪري رکيو ھئو. جيڪو مائرن جي عالمي ڏھاڙي تي پڙھندڙن لاءِ حاضر آھي. ”جڏهن ابي جي پگهار جا، ساڍا ٽي سئو رپيا پورا ٿي ويندا هئا، تڏهن امڙ، اسان جي پسند جو پڪوان تيار ڪندي هئي. ترڪيب اها ئي هوندي هئي، جو سُڪل مانيءَ جا ٽُڪر، پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا ۽ مهيني جي آخر ۾ انهن ٽُڪرن جو ڀاڳ جاڳندو هو. پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، گڏ هڪ ٻه مُٺ بچيل دالين جي پيسي، جيڪو ڪم اُکري مُهريءَ تي ٿيندو هو، ديڳڙيءَ ۾ وجهي پچڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هو، تان جو زبردست مزيداري حليم ٺهي ويندو هو ۽ اسين سڀ ٻار