اشاعتیں

اپریل, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

عثمان حجم جو روزو رکڻ

عثمان حجم جو روزو رکڻ  علي احمد بروهي ------ عثمان حجم کي روزو رکائڻ هڪ اهڙو ڪٺن ڪم هو، جھڙو ڪنهن پئنچ کي پاٽ تي وهارڻ يا اٺ کي پتڻ ٽپائڻ. ڇاڪاڻ ته عثمان پنهنجي پنجاهه سالن جي حجامڪي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڀلجي به روزو نه رکيو هو. روزو ته درڪنار، پر ٻاڪري عيد جي سوا پهر ڏينهن تائين روزو رکڻ به سندس لاءِ ناممڪن امر هو. پر اڳيان به هئا مڇڏا مڙس، جھڙوڪ صفر پان ٻيڙيءَ وارو، عدو موچي ۽ سومر نانوائي، جن يارهن مهينا اڳ اها سازش سٽي هئي ته عثمان کي روزو ضرور رکايو وڃي، سي ڪيئن ٿا باز اچن. عدو موچي، جو سازش جي پاڙ هو، تنهن ته ماه رمضان جي آمد کان ڪافي ڏينهن اڳ، روزي جي برڪت ۽ فضيلت جي بيان ۾ روايتون ۽ حديثون ٻڌائڻ شروع ڪيون. عثمان کي هرکائڻ لاءِ مٿس وقت بوقت پڌرو ڪندو رهيو ته ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت جو سودو فقط روزو رکڻ ساڻ لاڳو هو ۽ روزي رکڻ جي حالت ۾ بهشتي برڪتون ستر سيڪڙي گڏيل وياج جي حساب پلئه پيون ٿي.