اشاعتیں

نومبر, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

شوڪت حسين شورو: بيٺڪيت ۽ پوءِ جا اثر

تصویر
17 هين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ هالينڊ ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ انهن فتح ڪيل ملڪن کي ڪالوني جو درجو ڏنو. سندن انهيءَ سامراجي نظام کي بيٺڪي راڄ Colonialism) )سڏيو ويو، جيڪو 20 هين صديءَ جي اڌ ڌاري ختم ٿيو. بيٺڪيت ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي ماڻهن کي محڪوم بنايو ويو، ۽ انهن ملڪن جي سمورن وسيلن ۽ دولت کي ڦري لٽي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويو ۽ پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ وڌايو ويو. بيٺڪيت اصل ۾ غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل هئي. بيٺڪي راڄ انهن ملڪن جي ماڻهن سان غلاميءَ وارو رويو اختيار ڪيو. انگريزن هندستان تي قبضو ڪري پاڻ کي اتي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ مٿانهين، مهذب ۽ برتر قوم سڏيو، ان احساس برتري ۾ هندستان جي ماڻهن کي اڻ سڌريل، جاهل ۽ انتهائي پستيءَ ۾ ڪريل سمجهيو ويو. هتي جي ماڻهن جي زبانن ۽ ڪلچر کي هيٺئين درجي جو ڪري ليکيو ويو، جن جي اڳيان انگريزي تهذيب ۽ ثقافت کي اعليٰ درجو حاصل هو. سامراجي طاقتن اتي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي به فتح ڪرڻ چاهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ذهنن کي متاثر ڪيو وڃي. هندستان

سنڌ ورڪي

تصویر
شوڪت حسين شورو ۽ عبيد ٿھيم  سنڌ جا صدين کان وٺي وچ اوڀر، ڏور اوڀر، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، آفريڪا، پاناما ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن سان واپاري ناتا رهيا آهن. ٺٽي جا ڀاٽيا ۽ لاڙ جا لهاڻا ڪيٽي بندر، شاهبندر، لاهري بندر ۽ علي بندر تان ٻيڙا ڪاهي واپار سانگي ڏورانهان سمنڊ جهاڳي ايندا هئا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن کي وڻجارا ڪوٺيو آهي ۽ سُر سامونڊي ۾ انهن وڻجارن جو ئي ذڪر آهي. جتي سنڌي مسلمان سنڌ ڌرتيءَ کان پير ٻاهر نه ڪڍيو، اتي سنڌي هندو سڄي دنيا کي پنهنجن پيرن سان لتاڙي آيو، ٻئي سنڌ جا ڄاوا هئا، پر