اشاعتیں

نومبر, 2018 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

نَوَ ٽِڻ راند جي باري ۾

تصویر
ڊسمبر 2016 ۾ هڪ بلاگ ۾ لکيل نَوَ ٽِڻ راند بابت هي ليک هن نئين بلاگ تي ونڊجي ٿو: اسڪول جي ڏهاڙن ۾ گرمين جي موڪلن ۾ دوستن سان گڏ مون ”نَوَ ٽڻ“ راند ڏاڍي کيڏي. مارن جي واندڪائي جي وندر انتهائي هوشياري ۽ حاضر دماغي جي طالب هيءَ راند سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري زمين تي ليڪا پائي کيڏي ويندي آهي. ڪاٺين يا ڀترن کي سارين (Pieces) طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ڪنهن به خرچ يا سامان جي ضرورت نه پوندي آهي.  نَوَ ٽڻ کي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هجي جنهن جي مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي پر انگريزي ۾ هن راند کي

ابنِ انشاء : اڃايل ڪانءُ

تصویر
هڪ اڃايل ڪانوَ کي هڪ جاءِ تي پاڻيءَ جو مٽڪو پيل نظر آيو. ڏاڍو خوش ٿيو پر اهو ڏسي مايوسي ٿيس ته پاڻي  هيٺ تري ۾ ٿورو ئي پيل هئو. سوال اهو هئو ته پاڻي کي ڪيئن مٿي کڻي اچي ۽ پنهنجي چنهنب کي آلو ڪري.

بلاگ تي منهنجي پهرين تحرير

اوچتو لکڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، پر ڪجهه نه ڪجهه لکڻ به لازمي آهي اهو ڏسڻ لاءِ ته جيڪا بلاگر جي ٿيم کي سنڌي سونهن ڏني آهي ها ظاهر ڪيئن ٿي ٿئي. مان ڪو ليکڪ نه آهيان. نه ئي ڪو لکڻ جو ڏانءُ آهي.  پر لکڻ جو شوق ته آهي نه! بلاگر سڏرائڻ جو شوق به آهي سو ان شوق جي پوئواريءَ لاءِ هڪ ڪوشش آهي . ڏسون ڪيترو نڀائي ٿو سگهان ان شوق سان. اوهان هتي ڀيرو ڀريندا رهو.