اشاعتیں

ستمبر, 2023 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ! (استاد بخاري)

سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! منهنجي لاءِ دردمند ٿين متان، ريت رسم منجه بند ٿين متان، منهنجي پيِڙ پريت سان پِگهارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! ماتمي لَٽا متان ڪرين مِٺا، ڏيهہ جي نظر ۾ ٿي نہ پئون ڏِٺا، ديس جو ضرور ڌيان ڌارجانءِ، منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! دل گهري ٿي تون سدا گلاب رهہ! آئيني جي اک جو انتخاب رهہ! ڳاڙها ڳاڙها ڳل ڳَريِ نہ ڳارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! اور حسن ارتقا ڪري پيو، هانءُ هن جهان جو ٺري پيو، صبح _ سانجهہ  سونهن کي سنوارجانءِ منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! زندگي اڃا ڀلي ڀلي ٿئي! آس ”استاد “ ائين جئي! نينهن کي نئين سنئين اُجارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! استاد بخاري (اوتون جوتون)

اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها! استاد بخاري

 اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها! هانءُ هِندَورو ڪَوته لُڏي ها! تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها! عشق ته مُون کي ڪرڻو هو مَنَ! پيار جو پَيٽ ته ڀَرڻو هو مَنَ! پيار ته مان هَرحال ڪريان ها، دل جو ٻَيڙو نالِ نِيان ها! چاهَي تَري ها، چاهَي ٻُڏي ها، تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها! اکڙين کي آجھاپو گھُرجي، لونءَ لونءَ کي لاڳاپو گھرجي، تڙپان ھا ته به جاني جاني، جھومان ھا ته به جاني جاني، ساجن ڌاران ڪجھه نه سجھي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! سوزَ سوا ھي سينو کوکو، پيار بنا پٿريلو پنڊو، کوکو سينو کڏ ۾ سَٽجي،  لالڻ جي لئه جي نه لُجھي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! عشق جئي ”استاد بخاري“! جنھن دل ٻاريِ، جنھن دل ٺاريِ، محبت ۾ جي مان نه پران ھا! جاڙ جيان ھا، مفت مران ھا! پاڇولي کي ڪير پڇي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! استاد بخاري