ڪهاڻي: آخري هڏڪي (رياض اڄڻ)
آسمان تي ڪارا بادل ها، ڪجھ ڏينهن کان سج جو نالو نشان ئي ڪونه هو. مينهن ۾ وقفو هو. مکڻ گهر جي اڱڻ ۾ هڪ خشڪ جڳھ تي پڪل سِرَ تي ويٺو هئو، مٿي تي پيشاني تي هٿ هئس، هيٺ ڪنڌ، سوچن ۾ غرق هو. هن جي ڏاڏيءَ ڏڍ ولوڙڻ شروع ئي. مَسَ ڪيو هو جو سندس ماءُ کي ويم جا سُور ٿيا ها، جڏهن هو ڄائو ته هن جي ڏاڏي مَکَڻ ڪڍي رهي هئي. بس ان وقت ئي سندس نالو مکڻ پئجي ويو.