اشاعتیں

جولائی, 2020 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

نسيم کرل: ڪرنٽ

مان هن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمهيو آهيان. منهنجو سمورو جسم اگهاڙو آهي، پر اهو هن وره پاري ۾ به کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان پگهر پيو ٽمي. هنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ ٿڌي هوا جا جهوٽا به منهنجي جان کي ڪونه ٿا ٺارين، پر رهندو اندر جي باه کي پيا ڀڙڪائن. ههڙيون ٿڌيون راتيون ديوان تي اڪيلي سمهڻ لاءِ ڪونه آهن. ههڙين راتين ۾ ته ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ هجي، جنهن ۾ ٻه جوان گرم جسم هجن ۽ جن جون دليون هڪ سر هڪ تال ۾ پيون ڌڙڪن. منهنجي ڪمري ۾ اهڙو وڪٽورين بيڊ به آهي ۽ ان ۾ هڪ جوان جسم به آهي، پر مان هن سان ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمهيو آهيان. مان هن جي اگهاڙين پيرن اچڻ جو آواز ٿو ٻڌان. هوءَ مون کي پرچائڻ پئي اچي. مان ڏانهنس ڪونه ٿو نهاريان، ائين ئي ٻانهن ۾ منهن لڪايو پيو آهيان. هوءَ ديوان جي ويجهو اچي هٿ سان منهنجي اگهاڙي پٺيءَ کي ڇهي ٿي. مان سندس هٿ خار ۾ پري ٿو سٽيان. هوءَ مون کي وري ٻانهن کان وٺي چوي ٿي: ”اٿي اندر هلي سمهو.“ ”ڪائي ضرورت ڪونهي، مان هتي چڱو هان.“

مارواڙي عورتن ۽ آغا صاحب جو قصو (اهي ڏينهن اهي شينهن)

پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب  اهي ڏينهن اهي شنهن مان کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندڙ ٽُڪرو  ************* اوائلي ڏينهن ۾، سنڌ زميندار پريس مارواڙي محلي ۾ هوندي هئي، ۽ پريس جي ٻنهي پاسن ڏانهن مارواڙين جا گهر. انهن مارواڙي عورتن جهيڙي ۽ گارين جي فن کي ترقي وٺائيندي، وڃي هڪ مستقل آرٽ جي حد تائين پهچايو هو. جهيرو ٿي پيو ته هفتن جا هفتا چالو رهندو. هر فريق محلي جي ٻين عورتن کي به وٺي اچي پاڻ سان جهيڙي ۾ شامل ڪندو. ان طريقي سان جهيڙو ڪاٿي به شروع ٿئي ۽ ڪهڙين به ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿئي - پر محلو سارو ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويندو. جهيڙي جو پلان هيءُ هوندو: صبح جو گهر جي ڪم حاج لاهڻ بعد ٻيئي ڌريون گهرن کان ٻاهر نڪري اچي رستي تي ويهنديون، هڪٻئي جي سامهون. وچ ۾ چوني سان اڇو پٽو ڪڍي، طرفين جون حدون نروار ڪيل هونديون - پهريائين هڪ پارٽيءَ جون عورتون اٿنديون. گاريون وسائينديون، هٿن جا چالا ڪنديون، اڇي پٽي تي پهچنديون. ان کان پوءِ هو پوئتي ورنديون ۽ ٻئي طرف واريون اٿي حملو شروع ڪنديون. ساڳيءَ طرح گارين جا ”وڏڦڙا“ وسندا، ۽ هٿ فضا ۾ ڦرندا ايندا. شام  تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. گهر جي ڪم جو ٽائيم آيو ته ”