نسيم کرل: ڪرنٽ

مان هن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمهيو آهيان. منهنجو سمورو جسم اگهاڙو آهي، پر اهو هن وره پاري ۾ به کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان پگهر پيو ٽمي. هنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ ٿڌي هوا جا جهوٽا به منهنجي جان کي ڪونه ٿا ٺارين، پر رهندو اندر جي باه کي پيا ڀڙڪائن. ههڙيون ٿڌيون راتيون ديوان تي اڪيلي سمهڻ لاءِ ڪونه آهن. ههڙين راتين ۾ ته ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ هجي، جنهن ۾ ٻه جوان گرم جسم هجن ۽ جن جون دليون هڪ سر هڪ تال ۾ پيون ڌڙڪن. منهنجي ڪمري ۾ اهڙو وڪٽورين بيڊ به آهي ۽ ان ۾ هڪ جوان جسم به آهي، پر مان هن سان ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمهيو آهيان.
مان هن جي اگهاڙين پيرن اچڻ جو آواز ٿو ٻڌان. هوءَ مون کي پرچائڻ پئي اچي. مان ڏانهنس ڪونه ٿو نهاريان، ائين ئي ٻانهن ۾ منهن لڪايو پيو آهيان. هوءَ ديوان جي ويجهو اچي هٿ سان منهنجي اگهاڙي پٺيءَ کي ڇهي ٿي. مان سندس هٿ خار ۾ پري ٿو سٽيان. هوءَ مون کي وري ٻانهن کان وٺي چوي ٿي: ”اٿي اندر هلي سمهو.“
”ڪائي ضرورت ڪونهي، مان هتي چڱو هان.“
”هتي ڏاڍي ٿڌ آ.“
”توسان گڏ وري ڪهڙي گرمي آ؟ اتي به ته ساڳي ٿڌ آ.“
هوءَ ڪو جواب ڪونه ٿي ڏئي. مان وري خار ۾ کيس چوان ٿو: ”تو مون کي سک ڪهڙو ڏنو آ، جو اندر هلي سمهان.“
”اٿو اندر ته هلو.“
”ساڳيو شرط آ.“
”ڪهڙو؟“
”بتي ٻرندي ۽ تنهنجي بت تي ليڙ به ڪونه هوندي.“
”مون کان اهڙي بيحيائي ڪون پڄندي.“
”پوءِ مون ڏي آئينءَ ڇو، جي اها قبول نه هئيءِ؟“
”شرم حيا به ڪا شيءِ آ آخر.“
”ڪنهن سان شرم ۽ ڪنهن سان حياءُ؟ مان تنهنجو هسبنڊ آهيان مئڊم.“
”مان به توهان جي وائيف آهيان، مون کي به وائيف ڪري سمجهو.“
”نه ته مان توکي ڇا ٿو سمجهان؟“
هوءَ چپ.
”ٻڌاءِ نه؟“ مان وري کائنس ٿو پڇان.
”توهان چاهيو ٿا ته مان توهان سان ڪيپ جيان ٽپان ڪڏان، اهو مون کان ڪونه ٿيندو، ڀلي پيا ڪاوڙجو.“
”مئڊم، توکي اها خبر آهي ته ماڻهو وائيف هوندي ڪيپ ڇو رکندا آهن“
”مون کي ڪهڙي خبر.“
”مان توکي ٻڌايان، ٻڌندينءِ؟“
”ٻڌايو.“
”جڏهن اهي تو جهڙين بيگمات جي پڙ پئجي ويندا آهن، جي حقيقت ۾ عورتون نه هونديون آهن.“
”چئبو ته مان به عورت ناهيان.“
”نه تون به عورت ناهين.“
”پوءِ ڇاهيان؟“ هوءَ خار مان پڇي ٿي.
”تون فلڪو جو فرج آهين، ٻاهران سهڻي اندران يخ.“
مان سندس موٽڻ جو آواز ٿو ٻڌام. هوءَ خار ۾ پير سٽيندي ٿي وڃي.
منهنجي وائيف جي تند تند، نس نس پيار سان واندڪائي ۾ ٺهيل آهي. هن جو جسم وينس جي بت جيان هر لحاظ کان مڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به فالتو ماس ڪونهي. سندس وهسڪي جهڙي سونهري چمڙي، ساتن جهڙي ترڪڻي آهي. سندس ڄنگهون شئمپن باٽل جهڙيون متناسب آهن ۽ سندن ڇاتيون فرانسيسي ڪانچ جا ٻه شفاف گول شئمپن پيگ آهن. سندس اکيون سدائين خماريل هونديون آهن ۽ سندس چپن مان مون کي وائين جو مزو ايندو آهي. مون کي ساڻس شادي ڪئي ٻارهن مهينا ٿيا آهن، پر هر ڀيري مون کي هوءَ هماليه جبل جي ڪا اڻ سر ٿيل چوٽي لڳندي آهي. مون پهريون ڀيرو کيس ميلاد جي فنڪشن ۾ ڏٺو هو، جيڪو ممي نئين گهر جي خوشيءَ ۾ ۽ پاڙي وارن لاءِ ڪيو هو، ته مون جيڪو اٺ سال عرصو يورپ ۾ گذاريو هو، سو محض ڌوڙ پاتي هيم. مان کيس حاصل ڪرڻ لاءَ پنهنجي پئرنٽس سان رسيو هوس. کين ايلاز ڪيا هيم ۽ واپس يورپ وڃڻ جا دڙڪا ڏنا هئم. ممي مون کي ٻه ٽي ڀيرا سمجهايو هو ته اها فئملي لوئر مڊل ڪلاس جي هئي ۽ ان جو ساڻن ڳنڍجڻ تمام مشڪل هو. مميءَ مون کي آفر ڪيو هو ته مان پنهنجي ڪزن شازيءَ کي پروپوز ڪيان، جا ڪانوينٽ ۾ پڙهي هئي ۽ هر لحاظ کان ڪلچرڊ هئي. مون مميءَ کي صاف ٻڌايو هو ته جي منهنجي شادي ٿيندي ته ان سان، نه ته بنهه ڪونه. مميءَ مون کي خار ۾ چيو هو: ”واءِ ڊونٽ يو انڊر اسٽئنڊ. هوءَ تمام آرٿوڊڪس فئملي جي آهي ۽ سندس فادر باءِ فيس ۽ باءِ نيچر مولانا ٽائيپ آهي. هو اسان سان رشتو ڳنڍڻ نه چاهيندو.“
”ممي تون ٽراءِ ته ڪر، آخر هن کي ڪهڙو آبجيڪشن ٿي سگهي ٿو؟ آخر اسان به ته مسلمس آهيون.“
”ڊونٽ بي سلي پپو، تو هن جي فادر کي نه ڏٺو آ.“
”هو اسان سان مڪس – اپ ٿيڻ نه چاهي ها ته پنهنجي فئملي اسان جي گهر ڇو موڪلي ها؟“
”فئملي موڪلڻ ۾ ڇا آهي؟ آخر ته نيٺ اسان جو پاڙيسري آهي.“
”ڀلا ٽراءِ ڪرڻ ۾ ڇاهي، واٽ از دي هارم؟“
”انڪار جو ڪن ته ڪهڙو سمال فيل ڪنداسين؟“
”انڪار نه ڪندا، آءِ ول آل سو ٽراءِ آن ماءِ سائيڊ.“
”پر ڇوڪريءَ جي نالي جي خبر اٿئي؟“
”نو آءِ ڊونٽ.“
”خديجا، واٽ اي فني نيم.“
”ان نالي ۾ ڇاهي. آءِ لائيڪ دي نيم. اڄڪلهه ته اهڙن نالن جو فيشن آ.“
”پر تون ان نالي مان ٿو سمجهين ته هو ڪهڙا نه رليجس مائينڊيڊ آهن. جڏهن ته تون هڪ دفعو به پريئر آفر نه ڪندو آهين.“
”ڇو ممي، مان هن عيد تي آفر نه ڪئي هئي.“
”ونس ان اي ييئر ۾ ڇا ٿو ٿئي. اها فئملي ته پنج ئي وقت پڙهندي آهي.“
”مان به پنج ئي وقت پڙهندس.“
ممي منهنجو ضد ڏسي هنن جي گهر وئي هئي ۽ خديجا جي مڌر کي چيو هئائين ته مان اٺ سال يورپ ۾ رهڻ جي باوجود مذهبي خيالن جو آهيان ۽ پنهنجي مائٽن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻين ڇوڪرين هوندي به خديجا کي پسند ڪيو آهي. هنن سوچ ويچار لاءِ ٿورو وقت گهريو هو، پر نيٺ ڳالهه پڪي ڪئي هئائون. هن جي فادر ان لا ٻٽي ڪڙا شرط به وڌا هئا ته شادي بلڪل اسلامڪ طريقي سان ٿيندي. شادي ۾ ڪو ڊانس ۽ ميوزڪ ڪنسرٽ نه ٿيندو ۽ ڇوڪري نڪاح وقت اسٽيج تي ڪونه ايندي. اسان اهي سڀ شرط خوشيءَ سان قبول ڪيا هئا. اسان جي نيٺ شادي ٿي وئي. سهاڳ رات هوءَ ويڊنگ ڪاسٽيوم ۾ بلڪل هڪ ايسٽرن پرنسيز پئي لڳي. مون سندس گهونگهٽ کوليو هو ته هوءَ شرم کان بلڪل بلڊ ريڊ ٿي وئي هئي. مان کيس پاڻ سان فري ڪرڻ لاءِ اهي سڀ تڪليفون ٻڌايون هيون، جي مون کيس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. مون کيس اهو ٻڌايو هو ته سندس فادر جي ڪانفيڊنس گين ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ”جمعا“ ساڳيءَ مسجد ۾ پريئرز آفر ڪيون هيون ۽ هر ڀيري ڪوشش ڪئي هيم ته هن جي ليفٽ يا رائيٽ تي بيهان، جيئن مون کي سڃاڻندو رهي. ان ڳالهه ٻڌڻ تي هوءَ ٿورو ٿورو مشڪي هئي ته مون سندس هٿ کي چمندي چيو هو:
”ڊارلنگ آءِ لو يو فرام دي ويري ڊي آءِ سا يو.“
هن شرم کان منهن وري گوڏي ۾ لڪايو هو ته مان سندس اڃا به ويجهو ٿي کيس ڀاڪر ۾ وڌو هو ۽ کيس پهرين ڪس ڪئي هيم. ان کان پوءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته مون کي تيستائين ڪجهه نصيب نه ٿيو هو، جيستائين مون ڪمري جون سڀ بتيون، باٿ روم جي لائٽ ۽ درين جا پردا لاهي بلڪل اونداه نه ڪئي هئي. مون سمجهيو هو ته اهو سمورو منهنجي وائف جو پهريون روايتي شرم هو. پر مهينا گذرڻ کان پوءِ به اها ساڳي ڳالهه هئي ته مون کي عجب ٿيو هو. يورپ ۾ ۽ پنهنجي ڪنٽري ۾ منهنجا جيڪي افيئرس ٿيا هئا، انهن ۾ اها ساڳي ڳالهه ڪڏهن ڪونه ٿي هئي. انهن افيئرس ۾ اهي ڇوڪريون باقاعدي روشني ۾ پنهنجي نمائش ڪنديون هيون ۽ ان لائيف ۾ پرفيڪٽ لطف ايندو هو. مان پنهنجي وائيف کي ٻٽي ڀيرا سمجهايو به هو ۽ کيس ٻڌايو هو ته ان ۾ ڪو لطف ڪونه هو، پر هوءَ هر ڀيري چوندي هئي: ”نه اهو گناه آهي، مرد نه ڏسي.“
”ڪيئن گناه آ، ڪٿي پڙهيو اٿئي؟“
”بهشتي زيور ۾.“
”واٽ نان سينس.“
ڪڏهن ڪڏهن مان ضد ڪري سندس وينس جهڙو مڪمل جسم ڏسڻ لاءِ بيڊ ليمپ ٻاريندو هوس ته هوءَ هڪدم بيڊ ڪور سان لڪائي ڇڏيندي هئي – مون کي پنهنجي مميءَ جو چيو ياد ايندو هو ته هوءَ بلڪل رليجس مائينڊيڊ آهي ۽ اها ڳالهه ٽيريبل حد تائين برابر هئي. مون سندس خيالن ۾ چينج آڻڻ لاءِ کيس سيڪس تي ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، پر مون ڏٺو هو ته انهن ڪتابن به رتيءَ جيترو فائدو ڪونه ڪيو هو. ڏينهن جو ته ان پاسي ڪو خيال ڪرڻ به گناه هو، پر رات جو اها گهڙي ايندي هئي ته هوءَ پئي نٽائيندي هئي ۽ چوندي هئي: ”توهان منهنجون نمازون ٿا وڃايو.“
”پوءِ ڇاهي ڊارلنگ، تون اسر سان شاور ڪندي ڪر.“
”روز شاور ڪندي به شرم ٿو اچي. ممي ڇا چوندي.“
”واٽ نان سينس.“ مون کي خار ايندا هئا.
مان چڙي، منهن سڄائي وهندو هوس ته هوءَ وري مون کي اچي پرچائيندي هئي. مان هڪدم پرچي کيس پاڻ ڏي ڇڪيندو هوس ته هوءَ چوندي هئي: ”توهان کي هڪ نه ٻئي ڏينهن ان ڳالهه ۾ ڪهڙو ٿو مزو اچي؟“
”ڊارلنگ، لائف ۾ ڪهڙو مزو آ باقي.“
”مون کي ته روز روز ڪونه ٿو وڻي.“
مان وري منهن سڄائي پٺي ڏئي سمهندو هوس ته هوءَ لاچار ٿي چوندي هئي: ”چڱو هڪ شرط تي، سڀ لائيٽ آف ڪريو.“
مان هڪدم سندس ان حڪم جي تعميل ڪري ان اونداه ۾ سندس شرٽ جي زپ ۾ هٿ وجهندو هوس ته هوءَ کلي چوندي: ”اونهون، اها نه لهندي.“
شادي کان پوءِ انهن ٻارهن مهينن جي عرصي ۾، انهن راتين ۾، جي لائيٽ آف ٿيڻ ۽ پردن ٺيڪ ڪرڻ سبب، گهگهه اونداهيون ٿي وينديون هيون، مان سندس ريشم جهڙي کل محسوس ڪئي هئي، سندس سوٽ جسم محسوس ڪيو هئم، سندس شئمپن جي باٽل جهڙين سهڻين ڄنگهن کي ڇهيو هوم، پر مون هڪ ڀيرو به جسم کي ڍو سان ڪونه ڏٺو هو. انهن ٻارهن مهينن جي سيڪس لائيف ۾ مون محسوس ڪيو هو ته هن کان وڌيڪ سرور مون کي ان نيگرو ڇوڪري ۾ آيو هو، جيڪا ويٽ سڪسٽي نائن جي بوتل جيان ڪاري ۽ بي ڊولي هئي، جنهن جا چپ هيبتناڪ حد تائين ٿلها هئا، جنهن جون ناسون تمام وڏيون هيون، پر جيڪا مون کي ڄور جيان چنبڙي پئي هئي ۽ منهنجي سڄي بدن کي پيار مان ڪتي جيان چٽيو هئائين.
مان ديوان تي پاسو ورائي سڌو ٿي ٿو سمهان. منهنجا ڪن سندس اچڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. مان ڪافي دير سندس اچڻ جو انتظار ٿيو ڪيان، پر هن جي اچڻ جو ڪوبه کڙڪو نٿو ٻڌان. سندس انتظار ڪري مان ڪڪ ٿو ٿيان ته پوءِ مان ئي اٿي بيڊ روم ۾ ٿو وڃان. هوءَ ڊبل بيڊ تي ليٽي پئي آهي. مان کيس پرچائڻ لاءِ سندس ڳلن کي چمان ٿو ته مون کي اتي آلاڻ ٿي محسوس ٿئي. هوءَ سڏڪن ۾ ٿي پئجي وڃي. مان کيس ڀاڪر وجهي پرچايان ٿو ۽ کيس چوان ٿو: ”ڊارلنگ! مون کي معاف ڪر.“
هوءَ اڃا زور سان ٿي سڏڪا ڀري.
”ڊارلنگ، هاڻي ڇڏ به روئڻ.“ مون سندس هٿڙن کي چمي ڏني. سندس پير ٿو چمان ته هوءَ مون کي ٻانهن کان پڪڙي ٿي ۽ چوي ٿي: ”منهنجي پيرن کي نه چمندا ڪريو، مون کي گنهگار ٿا ڪريو.“
”ڪهڙو گناه آ ڊارلنگ؟“
”بس گناه آ توهان جي لاءِ.“
”جي اهو گناه آ ته جيڪر روز پيو ڪيان.“ هوءَ مشڪي ٿي.
مان پلنگ تي ويهي سندس ڳچيءَ کي ٿو چمان ۽ کانئس پڇان ٿو: ”تون مون سان ناراض آهين ڊارلنگ؟“
هوءَ ڪنڌ لوڏي ٿي.
”ان ٿوريءَ ڳالهه تي؟“
”اها ڳالهه ٿوري ڪانهي. توهان مون کي صفا ليڪي مان ٿا ڪڍڻ گهرو، سو مون کان ڪونه پڄندو، کڻي ڀلي روز ڪاوڙجو.“
”ڊارلنگ، باقي شادي ڇو ڪبي آ؟“
”شادي ان لاءِ ته هروڀرو.......“
”نه ته ڇا لاءِ، ڇا پڙهيو اٿئي پنهنجي بهشتي زيور ۾؟“ هوءَ چپ.
”ٻڌاءِ، جواب ڏي نه!“
”اولاد لاءِ جيئن نسل وڌي.“
سندس جواب ٻڌي اوچتو مون کي ڪو خيال ٿو اچي وڃي. مان کانئس ٺهه پهه ٿو پڇان: ”پوءِ ڪٿي آ پاڻ کي اولاد؟ ٻارهن مهينا ٿي ويا آهن.“
”نيٺ ته ٿيندو.“
”اهي افعال آهن ته ڌوڙ ٿيندو.“
”خير ته گهرو.“
”خير ڇا گهران، ڳالهه صاف لڳي پيئي آهي. سيڪس تي جيڪي ڪتاب لکيل آهن، سي ڪوڙا ته ڪونهن.“
”پر ان ڳالهه جو بتين ٻارڻ ۽ ٻين بيحيائين سان ڪهڙو واسطو آهي؟“
”گهڻو ئي واسطو آهي. تون ڪتاب پڙهين ته سمجهين. تنهنجو ته وس پڄي ته جيڪر مون سان ساڳي ڪمري ۾ گڏ به نه سمهين.“
”نه نه مون کي اوهان جي ڳالهين تي اعتبار ڪونه ٿو اچي. اوهان چرچا ٿا ڪريو.“
”چڱو جي تون اهي چرچا ٿي سمجهين ته آئينده توکي زور نه ڀريندس. جيئن تنهنجي مرضي آهي، تيئن پيو ٿيندو. ممي کي به چوندس ته ٻٽي سال گرئنڊ سن جو آسرو ڇڏي ڏي.“
”ممي پڇي پئي ڇا؟“
”نه ته وري، هن جون اکيون سدائين تنهنجي پيٽ ڏانهن هونديون آهن. هر مهيني پڇندي آ: ”پپو! ننڍڙو مهمان ڪڏهن ٿو اچي؟“ - ڪلهه ته مون کي چيائين ته: ”تنهنجو علاج ڪرايان ته پوءِ من ٻار ٿئي.“ مان کيس ڇا ٻڌايان؟ مون ته کڻي چپ ڪئي.“
”ڪوڙ نسورو ڪوڙ.“
مان رسي ڀت ڏي منهن ٿو ڪيان. هوءَ مون کي پرچائڻ جي ڪوشس نٿي ڪري، شايد هوءَ ڪنهن سوچ ۾ آهي. مان سندس پرچائڻ جو انتظار ڪندي ڪندي اکيون ٿو ٻوٽيان ۽ مون کي ننڊ ٿي کڻي وڃي.
اوچتو ڪنهن پياري پياري ڇهاءُ تي منهنجي ننڊ ٽٽي ٿي وڃي. منهنجيون اکيون کلن ٿيون. ڪمري جون چارئي وال لائيٽس وچين شئڊليئر سوڌو روشن آهن. هوءَ وينس جي بت جيان صفا نيوڊ آهي ۽ مون کي ڄور جيان چنبڙي پيئي آهي.

تبصرے