اشاعتیں

جولائی, 2022 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

پي پي پي ۽ سنڌ

تصویر
ضياءَ جي دور کان اڳ سياسي مخالفن کي دٻائڻ خاطر طاقت جو استعمال ڪيو ويندو هو پر ضياء طاقت جي استعمال سان گڏ هڪ نئين شئي ايجاد ڪئي جنهن کي بعد سياسي رشوت جو نالو ڏنو ويو. سڄي ملڪ ۽ خصوصًا سنڌ اندر سياسي مخالفن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ خاطر ضياء طرفان رشوتون ڏنيون ويون جن مان ننڍي ۾ ننڍي زڪوات جي چيئرميني هئي، جنهن جي خرچ ٿيل رقم جي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي. ان جي ئي متعلق ان دور جي مشهور مولودي ميهڙ واسي حاجي غلام نبي مهيسر هڪ شاعري ڳائي هئي: آهيون آسرن ۾ اڃا تائين اسان تون کائي چيئرمين ويا چوري زڪواتون. ضياء هي دور ۾ ايم آر ڊي جي پهرين تحريڪ کان بعد ان وقت جي مشهور صحافي ۽ هاڻوڪي مسلم ليگ نواز جي سينيٽر مشاهد حسين سيد سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هڪ رپورٽ ڇاپي ته سنڌ ۾ اٿل پٿل جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي عوام ۾ موجود مايوسي ۽ نراسائي (frustration) آ. ان جي سفارش کي مد نظر رکندي سنڌ جي ماڻهن لاءِ نوڪري جا دروازا کوليا ويا. ڪجھ اهڙا فرد به استاد مقرر ٿيا جن جي مئٽرڪ ڏي گريڊ ۾ پاس ٿيل هئي. جن مان ڪجھ، جن کي آئون سڃاڻان، اڃا تائين نوڪري ڪن ٿا پيا.

سنڌ جو سياسي ڪلچر

تصویر
ڪالھ سوشل ميڊيا جي مائيڪرو بلاگن  سائيٽ ٽوئيٽر جي فيچر اسپيس تي محترمہ عرفانه ملاح مٿئين عنوان سان هڪ سيشن جو اهتمام ڪيو. ڪافي مشهور و معروف فرد ان گفتگو ۾ شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موضوع جي پس منظر ۾ آئون ڪجھ پنهنجون گذارشات پيش ڪيان ٿو. آئون اها قطعاََ دعوي ڪونه ٿو ڪيان ته ڪو مان سماجيات يا سياسيات جو ڄاڻو آهيان، پر اهو ضرور چوندس آئون ان دور ۾ جوان ٿيس جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت اخبارون پڙهندي، بي بي سي اردو جو پروگرام سيربين ٻڌندي ۽