پي پي پي ۽ سنڌ

ضياءَ جي دور کان اڳ سياسي مخالفن کي دٻائڻ خاطر طاقت جو استعمال ڪيو ويندو هو پر ضياء طاقت جي استعمال سان گڏ هڪ نئين شئي ايجاد ڪئي جنهن کي بعد سياسي رشوت جو نالو ڏنو ويو. سڄي ملڪ ۽ خصوصًا سنڌ اندر سياسي مخالفن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ خاطر ضياء طرفان رشوتون ڏنيون ويون جن مان ننڍي ۾ ننڍي زڪوات جي چيئرميني هئي، جنهن جي خرچ ٿيل رقم جي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي. ان جي ئي متعلق ان دور جي مشهور مولودي ميهڙ واسي حاجي غلام نبي مهيسر هڪ شاعري ڳائي هئي:

آهيون آسرن ۾ اڃا تائين اسان تون
کائي چيئرمين ويا چوري زڪواتون.

ضياء هي دور ۾ ايم آر ڊي جي پهرين تحريڪ کان بعد ان وقت جي مشهور صحافي ۽ هاڻوڪي مسلم ليگ نواز جي سينيٽر مشاهد حسين سيد سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هڪ رپورٽ ڇاپي ته سنڌ ۾ اٿل پٿل جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي عوام ۾ موجود مايوسي ۽ نراسائي (frustration) آ. ان جي سفارش کي مد نظر رکندي سنڌ جي ماڻهن لاءِ نوڪري جا دروازا کوليا ويا. ڪجھ اهڙا فرد به استاد مقرر ٿيا جن جي مئٽرڪ ڏي گريڊ ۾ پاس ٿيل هئي. جن مان ڪجھ، جن کي آئون سڃاڻان، اڃا تائين نوڪري ڪن ٿا پيا.

1988 ۾ جڏهن پي پي کي وفاق، سنڌ ۽ موجوده ڪي پي ۽ انوقت جي سرحد صوبي ۾ اقتدار مليو ته اهي شيون به کيس ورثي ۾ مليون. اقتدار ملڻ کانپوءِ پي پي پنهنجي ڪارڪنن کي نوڪرين ۾ کپائڻ خاطر پليسمينٽ بيورو جوڙيو جنهن جي تحت ڪافي ماڻهن کي مختلف محڪمن ۾ نوڪريون مليون. ۽ گڏوگڏ ضياء جي دور جي زڪوات واري پروگرام کي به جاري رکيو. پي پي جو اهو دور ويهن مهينن جي حڪومت تي محيط هئو. ان دور ۾ ڪوبه اصلاحات جو پروگرام شروع ڪونه ٿي سگهيو. حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ترت ئي پي پي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڄام صادق جي حڪومت ۾ سرڪار جي زير عتاب آيا. جڏهن ٻيهر پي پي مرڪز ۾ حڪومت ۾ آئي ته اڳ کان وڌيڪ مسئلن ۾ گهيريل رهي ۽ طرزِ حڪمراني ۾ اصلاحات جو ڪوبه قابل ذڪر پروگرام شروع ڪانه ڪري سگهي. 96 ۾ ٻي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پي پي جي اقتدار کان هڪ ڊگهي جلاوطني جو دور شروع ٿيو جيڪو 2008 ۾ حڪومت ملڻ سان ختم ٿي. هن دور ۾ وري پراڻن زخمن تي مرهم رکڻ سان گڏ آئيني اصلاحات ته ڪيون ويون پر نه ته صوبي سطح تي ۽ نه ئي صوبائي سطح تي ڪو اصلاحات جو پروگرام شروع ڪيو ويو. صوبي سطح تي پنهنجي بنياد کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي. 2013 وارين چونڊن ۾ سنڌ کان ٻاهر مڪمل صفائي کان بعد ۽ 2013 وارين چونڊن ۾ ئي سنڌ ۾ مخالف جماعتن طرفان سٺي مقابلي کانپوءِ صوبي ۾ مختلف ضلعن ۾ بااثر ماڻهن کي پي پي ۾ شامل ڪري ۽ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي اقتدار جي نعمتن ۾ حصو ڏئي مقابلي واري صورتحال کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان جو نتيجي ۾ ئي سنڌ اندر پي پي پنهنجي پوري سياسي تاريخ ۾ وڌ کان وڌ قومي ۽ صوبائي اسمبلي جون سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب وئي.

هن وقت سنڌ اندر پي پي پنهنجي سياسي grip مضبوط ڪري ورتي آهي. سندس مخالفت ۾ ڪابه منظم سياسي جماعت، جنهن وٽ عوامي منشور ۽ پروگرام هجي، ڪانه آهي پر پي پي ۽ اقتدار کان ٻاهر ڪجھ بااثر فرد هٿ پير هڻي رهيا آهن. جڏهن طاقت هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي ته طاقتور هڪ قسم جي نشي ۾ مست ٿي ويندو آ ۽ هو ڪنهن کي ليکيندو ئي ناهي. سنڌ اندر پي پي سان به ساڳي صورتحال آهي. ان جي مرڪزي قيادت کان وٺي مقامي قيادت تائين عوام کي ليکن ئي ڪونه ٿا. جيڪو ناراض ٿئي ٿو ان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح جي لالچ ڏئي ماٺ ڪرائي ٿا ڇڏين. صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ روڊن ۽ سڙڪن جي حالت تمام خراب آهي، ڪيترن سالن کان يا ته انهن جي مرمت ڪانه ٿي آ يا وري ايتري ناقص ٿي آ جو پهن مهينن جي اندر اندر ٽٽي پيا آهن. پرائمري تعليم طرف ايڊهاڪ ازم وارو رويو آ، زرخير ۽ قابل زراعت زمينن جي هائوسنگ سوسائٽين ۾ تبديل ٿيڻ خلاف ڪابه قانون سازي ڪانه پئي ڪئي وڃي ۽ خدشو اهو آهي ته مستقبل ۾ کاڌي جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آ. زراعت ۽ چوپائي مال واري شعبي ۾ ڪابه نئين تحقيق ڪانه پئي ٿئي. بنيادي سطح تي صحت جي سهولتن جو ڪافي فقدان آ. ڊاڪٽر ڊوٽي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. آبپاشي جو نظام مدي خارج ٿي ويو آ. پاڻي تي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم پيو ٿئي. ائين ٿو لڳي ته شايد پي پي جي سياسي ۽ حڪومتي قيادت زميني حقيقتن کان ڪوهين ڏور آ.

ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڌي پيو پر پارٽي قيادت کي يا ته ان جو ادراڪ ناهي يا وري کين صحيح حقيقتن کان آگاھ ڪونه پيو ڪيو وڃي.

ان سڄي صورتحال ۾ پارٽي جي لاءِ 2023 ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ چيلنج واري صورتحال ٿي سگهي ٿي.


(نامعلوم)

تبصرے