اشاعتیں

سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ! (استاد بخاري)

سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! منهنجي لاءِ دردمند ٿين متان، ريت رسم منجه بند ٿين متان، منهنجي پيِڙ پريت سان پِگهارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! ماتمي لَٽا متان ڪرين مِٺا، ڏيهہ جي نظر ۾ ٿي نہ پئون ڏِٺا، ديس جو ضرور ڌيان ڌارجانءِ، منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! دل گهري ٿي تون سدا گلاب رهہ! آئيني جي اک جو انتخاب رهہ! ڳاڙها ڳاڙها ڳل ڳَريِ نہ ڳارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! اور حسن ارتقا ڪري پيو، هانءُ هن جهان جو ٺري پيو، صبح _ سانجهہ  سونهن کي سنوارجانءِ منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! زندگي اڃا ڀلي ڀلي ٿئي! آس ”استاد “ ائين جئي! نينهن کي نئين سنئين اُجارجانءِ! منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ! استاد بخاري (اوتون جوتون)

اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها! استاد بخاري

 اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها! هانءُ هِندَورو ڪَوته لُڏي ها! تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها! عشق ته مُون کي ڪرڻو هو مَنَ! پيار جو پَيٽ ته ڀَرڻو هو مَنَ! پيار ته مان هَرحال ڪريان ها، دل جو ٻَيڙو نالِ نِيان ها! چاهَي تَري ها، چاهَي ٻُڏي ها، تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها! اکڙين کي آجھاپو گھُرجي، لونءَ لونءَ کي لاڳاپو گھرجي، تڙپان ھا ته به جاني جاني، جھومان ھا ته به جاني جاني، ساجن ڌاران ڪجھه نه سجھي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! سوزَ سوا ھي سينو کوکو، پيار بنا پٿريلو پنڊو، کوکو سينو کڏ ۾ سَٽجي،  لالڻ جي لئه جي نه لُجھي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! عشق جئي ”استاد بخاري“! جنھن دل ٻاريِ، جنھن دل ٺاريِ، محبت ۾ جي مان نه پران ھا! جاڙ جيان ھا، مفت مران ھا! پاڇولي کي ڪير پڇي ھا! تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا! استاد بخاري

مفت printable پنا (رانديون، ليڪن وارا پنا وغيره)

پرنٽ ايبل پيپر (لڪيرون وغيره) ورڪشيٽ (رانديون وغيره)

اومني ڪلڪيوليٽر: زندگيءَ جي وهنوار جا 3346 ڪليوليٽر

اومني ڪلڪيوليٽر

مسٽر ”جي“ Mr g ناول تي تبصرو (رياض اڄڻ)

تصویر
اگر انسانذات کي ڪنهن ڳجھ کي ڄاڻڻ جي شروع کان ئي جستجو رهي آهي ته اهو آهي ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو راز. انسانن کي هر وقت اها هر کر رهي آهي ته هيءَ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ هن کي تخليق ڪرڻ وارو ڪا هڪ هستي آهي يا هڪ کان وڌيڪ هستين گڏجي هن ڪائنات کي تخليق ڪيو آهي؟ هن ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي پويان خالق جو ڇا مقصد آهي؟ خالق هن ڪائنات کي هڪ ئي ڏينهن ۾ خلق ڪيو يا گهڻا ڏينهن لڳا؟ مٿي ذڪر ڪيل سوالن کانسواءِ به

ڪهاڻي: آخري هڏڪي (رياض اڄڻ)

تصویر
 آسمان تي ڪارا بادل ها، ڪجھ ڏينهن کان سج جو نالو نشان ئي ڪونه هو. مينهن ۾ وقفو هو. مکڻ گهر جي اڱڻ ۾ هڪ خشڪ جڳھ تي پڪل سِرَ تي ويٺو هئو، مٿي تي پيشاني تي هٿ هئس، هيٺ ڪنڌ، سوچن ۾ غرق هو.  هن جي ڏاڏيءَ ڏڍ ولوڙڻ شروع ئي. مَسَ ڪيو هو جو سندس ماءُ کي ويم جا سُور ٿيا ها، جڏهن هو ڄائو ته هن جي ڏاڏي مَکَڻ ڪڍي رهي هئي. بس ان وقت ئي سندس نالو مکڻ پئجي ويو.

پي پي پي ۽ سنڌ

تصویر
ضياءَ جي دور کان اڳ سياسي مخالفن کي دٻائڻ خاطر طاقت جو استعمال ڪيو ويندو هو پر ضياء طاقت جي استعمال سان گڏ هڪ نئين شئي ايجاد ڪئي جنهن کي بعد سياسي رشوت جو نالو ڏنو ويو. سڄي ملڪ ۽ خصوصًا سنڌ اندر سياسي مخالفن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ خاطر ضياء طرفان رشوتون ڏنيون ويون جن مان ننڍي ۾ ننڍي زڪوات جي چيئرميني هئي، جنهن جي خرچ ٿيل رقم جي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي. ان جي ئي متعلق ان دور جي مشهور مولودي ميهڙ واسي حاجي غلام نبي مهيسر هڪ شاعري ڳائي هئي: آهيون آسرن ۾ اڃا تائين اسان تون کائي چيئرمين ويا چوري زڪواتون. ضياء هي دور ۾ ايم آر ڊي جي پهرين تحريڪ کان بعد ان وقت جي مشهور صحافي ۽ هاڻوڪي مسلم ليگ نواز جي سينيٽر مشاهد حسين سيد سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هڪ رپورٽ ڇاپي ته سنڌ ۾ اٿل پٿل جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي عوام ۾ موجود مايوسي ۽ نراسائي (frustration) آ. ان جي سفارش کي مد نظر رکندي سنڌ جي ماڻهن لاءِ نوڪري جا دروازا کوليا ويا. ڪجھ اهڙا فرد به استاد مقرر ٿيا جن جي مئٽرڪ ڏي گريڊ ۾ پاس ٿيل هئي. جن مان ڪجھ، جن کي آئون سڃاڻان، اڃا تائين نوڪري ڪن ٿا پيا.