مسٽر ”جي“ Mr g ناول تي تبصرو (رياض اڄڻ)

اگر انسانذات کي ڪنهن ڳجھ کي ڄاڻڻ جي شروع کان ئي جستجو رهي آهي ته اهو آهي ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو راز. انسانن کي هر وقت اها هر کر رهي آهي ته هيءَ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ هن کي تخليق ڪرڻ وارو ڪا هڪ هستي آهي يا هڪ کان وڌيڪ هستين گڏجي هن ڪائنات کي تخليق ڪيو آهي؟ هن ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي پويان خالق جو ڇا مقصد آهي؟ خالق هن ڪائنات کي هڪ ئي ڏينهن ۾ خلق ڪيو يا گهڻا ڏينهن لڳا؟

مٿي ذڪر ڪيل سوالن کانسواءِ به

اڻ ڳڻيا سوال انسانن جي ذهن ۾ اڀرندا رهيا آهن ۽ مختلف فلسفين، مذهبي رهنمائن، ۽ سائندانن انهن جا مختلف وقتن تي جواب به ڏنا آهن، پر انسان جي تخليق ڪائنات جي جستجو ختم ڪانه ٿي آ. مٿان وري اهي سوال ته مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، ڇا هي ڪائنات هڪ آهي يا اهڙيون ٻيون ڪائناتون به آهن، ڇا هيءَ ڪائنات امر ۽ لافاني آهي يا هن جو به انت ايندو.

تازو ئي هڪ ناول "مسٽر جي" انگريزي ۾ Mr g پڙهڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ تخليق ڪائنات جهڙي موضوع کي زير بحث آندو ويو آهي. ڪتاب جو ليکڪ ايلن لائيٽمين Alan Lightman آهي پاڻ ماهر طبيعيات ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. ليکڪ تصورن ۽ طبيعيات ۾ مهارت کي استعمال ڪندي تخليق ڪائنات جهڙي موضوع کي وندڙ نموني سان بيان ڪيو آهي. جيئن ته هي خشڪ موضوع آهي، لهذا پڙهندڙ کي بوريت کان بچائڻ خاطر مزاح جو به بهترين استعمال ڪيو اٿس. ناول ۾ ڪائنات خلق ڪندڙ سان گڏ ٻيا ڪردار به آهن جن سان وقت بوقت مختلف موضوعن تي مڪالمو به ٿيندو رهي ٿو جيڪو به ڪتاب ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ جو هڪ سبب ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ناول ۾ مختلف معاملن تي پڻ گفتگو ٿيل آهي جيئن آزادي جي فطري خواهش، وقت جو تصور، وجود جي معني، وجود لافاني ڇونه آهي، موت ڇو ضروري آهي وغيره.

بحيثيت مجموعي مسٽر جي هڪ دلچسپ ۽ ذهن کي جهنجهوڙڻ وارو ناول آهي جنهن ۾ ڪائنات جي اسرارن کي منفرد ۽ تخيلاتي انداز ۾ پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

تبصرے