ّذلفن کي ھٽاءِ رخ تان، درشن ۾ خلل ٿو پئي.
سنگيت نه ٿو ڇيڙين، گيتن ۾ خلل ٿو پئي. دل۾ ٿا اٿن اڀرن، جذبن ۾ خلل ٿوپئي. ديدار بنا تنھنجي سو چون به نه ٿيون گھٽجن، سامھون ٿو اچين جنھن دم، سوچن ۾ خلل ٿو پئي. رخسارمٿي پھرو ڇو يار لڳايوٿئي، ذلفن کي ھٽاءِ رخ تان، درشن ۾ خلل ٿو پئي. چھري تي صنم تنھنجي ٿو چنڊ جڏھن اڀري، ان وقت ستارن جي جلون ۾ خلل ٿو پئي. مرڪڻ سان مٺا تنھجي مھڪي ٿو چمن سارو، مکڙين ۽ گلابن جي مرڪن ۾ خلل ٿو پئي. اوجھل ٿو اکين کان ٿين الڪا ٿا اليرون ڪن، ايندي ٿو ڏسان توکي، الڪن ۾ خلل ٿو پئي. ڇا توتي غفور لکي تون پاڻ غزل آھين، توتي جي لکان ٿو مان، حرفن ۾ خلل ٿو پئي. غفورشاھ تقوي ھن غزل جي ھڪ سٽ سان شمن ميراليءَ جو گيت به آھي، ”ذلفن کي ھٽاءِ رخ تان درشن ۾ خلل پئي ٿو“ جنھن جو شاعر زاھد شاھ آھي. انتھائي بھترين گيت آھي.