ّذلفن کي ھٽاءِ رخ تان، درشن ۾ خلل ٿو پئي.



سنگيت نه ٿو ڇيڙين، گيتن ۾ خلل ٿو پئي.
دل۾ ٿا اٿن اڀرن، جذبن ۾ خلل ٿوپئي.

ديدار بنا تنھنجي سو چون به نه ٿيون گھٽجن،
سامھون ٿو اچين جنھن دم، سوچن ۾ خلل ٿو پئي.

رخسارمٿي پھرو ڇو يار لڳايوٿئي،
ذلفن کي ھٽاءِ رخ تان، درشن ۾ خلل ٿو پئي.

چھري تي صنم تنھنجي ٿو چنڊ جڏھن اڀري،
ان وقت ستارن جي جلون ۾ خلل ٿو پئي.

مرڪڻ سان مٺا تنھجي مھڪي ٿو چمن سارو،
مکڙين ۽ گلابن جي مرڪن ۾ خلل ٿو پئي.

اوجھل ٿو اکين کان ٿين الڪا ٿا اليرون ڪن،
ايندي ٿو ڏسان توکي، الڪن ۾ خلل ٿو پئي.

ڇا توتي غفور لکي تون پاڻ غزل آھين،
توتي جي لکان ٿو مان، حرفن ۾ خلل ٿو پئي.


غفورشاھ تقوي

ھن غزل جي ھڪ سٽ سان شمن ميراليءَ جو گيت به آھي، ”ذلفن کي ھٽاءِ رخ تان درشن ۾ خلل پئي ٿو“ جنھن جو شاعر زاھد شاھ آھي. انتھائي بھترين گيت آھي. 

تبصرے