اشاعتیں

مارچ, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ابنِ انشاءِ جي ھڪ تحرير مان ٽڪرو

تصویر
  پراني زماني ۾ جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هئو تہ ڊاڪٽر وٽ ويندو هئو. ڊاڪٽر کيس ڏسندو هئو، معائنو ڪندو هئو. سندس بيماري ٻڌائيندو هئو. دوا ڏئي  سمهي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندو هئو. مريض وڃي سمهي آرام ڪندو هئو. دوا پيئندو هئو ۽ يا تہ ٺيڪ ٿي ويندو هئو يا ڪونہ ٿيندو هئو.  هاڻي طبي سائنس ترقيءَ ڪري وئي آهي. هاڻي مريض کي وڏي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃبو آهي جنهن کي ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر چوندا آهن. اهو ڏسي ”هان“، ”هون“ ڪندو آهي ۽ مريض کي دل جي بيمارين جي ماهر ڏانهن موڪليندو آهي جيڪو کيس رت جي چڪاس لاءِ موڪليندو آهي، اهو کيس وري پيشاب جي ماهر ڊاڪٽر ڏي موڪليندو آهي. ايتري ۾ مريض بيزاريءَ جو اظهار ڪري تہ کيس ماهرِ نفسيات ڏانهن هڪليو ويندو آهي. ان بعد آپريشن جي ضرورت پئي تہ هڪ ماهر انجيڪشن يا ڪلوروفام سُنگهائي بيهوش ڪندو آهي،انکانپوءِ اڪثر ڪري مريض صورِ اسرافيل جو آواز ٻڌي اٿي کڙو ٿيندو آهي جتي فرشتہ حساب ڪتاب لاءِ رجسٽر کنيو بيٺا هوندا آهن.  (ابنِ انشاء جي ڪتاب "آپ سي ڪيا پرده" مان ٽڪرو)