اشاعتیں

دسمبر, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

دنيا اک ڇنڀ جو ميلو!

تصویر
 حسين ڪپري   هي دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي. ڪجهه وقت جو جيئڻ ۽ پوءِ هميشهه لاءِ هليو وڃڻ، انهي تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دل نٿي ڪري. جر تي ڦوٽي جيئن جيون جي بي ثباتي جو احساس سدائين اداس رکي ٿو. ان مختصر حياتي کي گذارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ فاني انسان جيڪي به ڪم ۽ اٽڪلون ڪري ٿو سي سڀ ٻن ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، هڪ گناهه ۽ ٻيو ثواب! چون ٿا هي چار ڏينهن جي دنيا، هفتي ۾ ٺهي راس ٿي. انهي وچ ۾ اهو سڀ ڪجهه بنجي ويو جيڪو اسين ڏسون ٿا. 

حسين ڪپري: ڪتابن جو شوق

تصویر
  ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن کي به سمجهائين ڪونه! سمجهائڻ ته پري رهيو، هو ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته  ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري. جيڪڏهن ڪتاب ملي ويس ته واپس ڪو نه ڪندو پر جي  سختي ڪري واپس وٺبو ته ڳالهائڻ ڇڏي ويندو! معنيٰ ته ڪتاب  ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي!

حسين ڪپري: پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش!

تصویر
پهرين مون پنهنجو نالو سليٽ تي لکيو، پوءِ ڪتاب تي لکيو ۽ پوءِ ڀت تي لکيو. تڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ۽ ٻاراڻي ذهن سان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس. پر مون جيڪا به ڪوشش ڪئي سا ناڪام ٿي، ڇو ته سليٽ ٽٽي وئي، ڪتاب ڦاٽي پيو ۽ ڀت ڪري پئي! اسڪول مان ٿي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ جنه

هيءُ منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن

تصویر
هيءَ رات جي راڻي، هو سوسن، هي آهي گلاب ۽ هو سنبل، هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن، هي تنهنجا گل، هو منهنجا گل. پر تنهنجي باغ جي ڀت اُڪري، خوشبو مون ڏانهن اچي هردم، ۽ منهنجي باغ جي خوشبو ڀي، اُڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم. توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي، ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي، ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي. هي باغ برابر منهنجو آ، هُو باغ برابر تنهنجو آ، سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي، خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي. پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان، هڪ ٻئي جا گل ڇني اُڇليون، هڪٻئي جا چمن برباد ڪريون. تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي، مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان، هي گل آخر ڀي گل آهن، ۽ خوشبو آخر آ خوشبو. گل تنهنجا توسان جال جُڙن، گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن، ۽ شال سدا آباد رهي، هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن، ۽ شل خوشبو آزاد رهي، ۽ شل خوشبو آزاد رهي،         (”جشن روح رهاڻ“، 1966ع ۾ پڙهيو ويو) ”تنوير““