هيءُ منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن


هيءَ رات جي راڻي، هو سوسن،
هي آهي گلاب ۽ هو سنبل،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،
هي تنهنجا گل، هو منهنجا گل.

پر تنهنجي باغ جي ڀت اُڪري،
خوشبو مون ڏانهن اچي هردم،
۽ منهنجي باغ جي خوشبو ڀي،
اُڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم.

توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي،
ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي،
ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي.

هي باغ برابر منهنجو آ،
هُو باغ برابر تنهنجو آ،
سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي،
خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي.

پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان،
هڪ ٻئي جا گل ڇني اُڇليون،
هڪٻئي جا چمن برباد ڪريون.

تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي،
مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان،
هي گل آخر ڀي گل آهن،
۽ خوشبو آخر آ خوشبو.

گل تنهنجا توسان جال جُڙن،
گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن،
۽ شال سدا آباد رهي،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،

۽ شل خوشبو آزاد رهي،
۽ شل خوشبو آزاد رهي،
       
(”جشن روح رهاڻ“، 1966ع ۾ پڙهيو ويو)
”تنوير““

تبصرے