حسين ڪپري: ڪتابن جو شوق

 

ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن کي به سمجهائين ڪونه! سمجهائڻ ته پري رهيو، هو ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته  ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري. جيڪڏهن ڪتاب ملي ويس ته واپس ڪو نه ڪندو پر جي  سختي ڪري واپس وٺبو ته ڳالهائڻ ڇڏي ويندو! معنيٰ ته ڪتاب  ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي!

مفت جو ڪتاب وٺي پڙهڻ کي ڪي ماڻهو ڪتاب دوستي ته ڪي وري ڪتاب دشمني ٿا سمجهن. ڪتاب ڇا ڪن سمجهه سمجهه جو ڦير آهي، ڪو محرم سمجهي ته ڪو مجرم! بس نڪتي جو فرق آهي. مگر انهن نڪتن ته سڄي ڳالهه کي منجهائي ٻيڙو ٻوڙيو آهي نه ته ماڻهو هرو ڀرو اهڙا بيوقوف به ڪونهي جو ڪتابن کان وئون وڃن! اهڙن ڦڏن جي ڪري ڪتابن جو شوق ٻين چڱين پراڻين عادتن ۽ رسمن وانگر هاڻي اسان وٽان ختم ٿيندو پيو وڃي.

ڪتاب خريد ڪرڻ جا جيترا سبب آهن نه خريد ڪرڻ جا ان کان وڌيڪ آهن ۽ خريديل ڪتاب نه پڙهڻ جا ته ايترا گهڻا بهانا  آهن جو  انهي تي باقائدي ڪتاب لکي سگهجي ٿو.  پر ائين نه ڪبو ڇو ته جي لکجي ويو ته پوءِ اهو چپبو ۽ چپجي وڃڻ کان پوءِ وري اهو ساڳيو معاملو ٿيندو ته ٻيو ڪير وٺي نه وٺي سو لاچار پاڻ کي ئي پنهنجو ڪتاب خريد ڪرڻو پوندو. اهو معاملو انهي ميهار جهڙو ٿي ويندو جيڪو پنهجي گهر جو کير جنهن دڪاندار کي وڪڻي پوءِ انهي جو ڌونرو ان کان ئي خريد ڪري! پاڻ اهڙا سادا ناهيون. هونئن چون ٿا ته جيڪي سادا ماڻهو آهن سي ڪتاب لکندا آهن، جيڪي هوشيار ماڻهو آهن سي ڪتابن جو دڪان کوليندا آهن ۽ جيڪي گهڻا هوشيار  ماڻهو آهن سي وري ڪتابن کي ردي ۾ وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سڀني ردي ڌنڌن ۾ گهاٽي يا نقصان جو ڪو انديشو ڪونهي ۽ صرف فائدو ئي فائدو آهي.

ڪتاب جي چونڊ پڙهندڙ پنهنجي طبيعت موجب ڪندا آهن.  وسوسن جا ماريل ماڻهو ستارن جو حال يا  زنجاني جنتري  پڙهندا آهن،  وهمي ماڻهو ڪاري سفلي جادو جي ٽوڙ جو مطالعو ڪندا آهن ۽ تقدير کي تدبير سان بدلائڻ وارا مهم جو هڪ ٽڪ تعويذن، ڪرامتن ۽ معجزن جا ڪتاب پڙهندا آهن. جيڪي ماڻهو حال کان بيزار آهن سي ماضي ۾ فرار حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي فڪشن پڙهندا آهن ۽ پراڻن فاتحن جي جنگي ڪارنامن تي خوش ٿيندا آهن. ڪنجوس ماڻهو تاريخي ڪتاب پڙهي انهي ويل وقت کي ياد ڪندا آهن جڏهن سچو گيهه رپئي جا ٻه سير ملندو هو! مگر هڪڙو ڪتاب اهڙو آهي جنهن کي سڀ ماڻهو پڙهڻ چاهين ٿا ۽ اهو آهي قسمت جو ڪتاب جنهن ۾ ماڻهو جو نصيب لکيل هوندو آهي. چون ٿا اهو واحد ڪتاب آهي جنهن کي انسان پڙهي نٿو سگهي! پر تڏهن  به ماڻهو پنهنجي قسمت ڄاڻڻ لاءِ نجومين، جوتشين، جوڳين ۽ طوطي وارن بزرگن جا چڪر ڪاٽي ٿو! 

ماڻهو ڪتابن سان پنهنجي مزاج ۽ طبيعت موجب سلوڪ ڪندا آهن. عام طور ڪتابن ۾ هڪ ڏوري يا سڳو هوندو آهي، جنهن جو استعمال اهو  آهي  ته دورانِ مطالعه جي ڪو پڙهندڙ اڌ ۾ اٿي ته  ان کي پنن جي وچ ۾ نشاني طور رکي ڇڏي ۽ وري واپس اچي اتان ئي پڙهڻ شروع ڪري.  ڪي ماڻهو ساڳي ڪم لاءِ ڪتاب جي پني جي ڪنڊ چٻي ڪري نشان ڪندا آهن، پر ڪي ته اهڙا شوقين پڙهندڙ  آهن جيڪي مرڳو  مور جي پڇ مان کنڀ پٽي ڪتاب ۾ نشاني طور رکي ڇڏيندا آهن. گهر جو مور ويچارو ڪنهن کي دانهن ڏي! چالاڪ قسم جا ماڻهو ڪتاب جي آخر ۾ لکندا، ”پڙهي پورو ڪيم“ پوءِ انهي جي هيٺان پنهنجي صحيح (دستخط) ڪري، تاريخ لکي ڇڏيندا آهن!

اسان وٽ جيڪي ڪتاب لکجن ٿا انهن ۾ هڪڙا  اهڙا آهن جيڪي پڙهڻ ۾ سولا پر معيار ۾ صفا ردي هوندا آهن جنهن سان فائدي بجاءِ نقصان ٿئي ٿو، ٻيا ڪتاب اهڙا آهن جن سان علم ۾ اضافو ته ٿئي ٿو پر پڙهڻ ۾ ڏکيا آهن. ٽيان وري اهي ڪتاب  آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ عمل ڪرڻ تي دل چوي ٿي. مثال هڪدم امير ٿيڻ جا ڪامياب نسخا، سون ٺاهڻ جا آسان جديد طريقا،  چاليهه ڏينهن ۾ طاقت، شباب ، جواني دوبارهه حاصل ڪريو، ٽيهن ڏينهن ۾ گهر ويٺي  ڪورس ڪري مڪمل لا جي ڊگري وٺو، ٻن هفتن ۾ انگريزي سکي، سرڪاري عملدارن تي رعب وجهو! پڇاڙي واري دعويٰ گهڻي حد تائين سچي  آهي ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ توهان جهڙي به انگريزي ڳالهائيندا هنن تي ضرور رعب پوندو.  اڄ ڪلهه سرڪار پنهنجن اهڙن ماڻهن کي نوڪري ۾ رکيو آهي جنهن ۾ ڪا به علمي قابليت ڪونهي! انهي کان علاوهه ڪي  ڪتاب صرف گل رکڻ لاءِ هوندا آهن ۽ عشق جي شروعاتي مرحلن ۾ عاشقن جي ڪم ايندا آهن،  ڪي ڪتاب وري ڪنهن کي ارپڻ لاءِ هوندا آهن جن ۾ ناڪام ليکڪ  پنهنجي دل جو تمنائي ڪوڙ هڻندي ديباچي کان پهرين لکندا آهن، ”مسمات فلاڻي جي نانءٌ، جنهن جو نالو به نٿو ڳنهي سگهجي!“ ڪجهه ڪتاب وري  آتم ڪٿائن وارا هوندا آهن جن ۾ ليڪک دنيا جون سڀ خوبيون پنهنجي ذات ۾ گڏ ڪري، پنهنجي سڄي زندگي جي هڪ هڪ ڏينهن جو  ڊائري نما احوال نامو عرف روز نامچو لکند آهن.  انهي ۾ ٻڌايل هوندو آهي ته سڀني مائٽن، دوستن، ۽ زماني جي مخالفتن جي باوجود  هو پنهنجي ماءُ جي دعائن ۽ خداد صلاحيتن جي زور تي ڪامياب ٿيا.  ڪتابن جي هيڏي وڏي بي پناهه ڍير ۾ تمام ٿورا ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي واقعي پڙهڻ لائق  هوندا آهن!

اڄڪلهه جيڪي ماڻهو ڪتاب لکن پيا انهن مان اڪثر کي ڏسندي اهو لڳي ٿو لکڻ لاءِ هروڀرو ڪو آئن اسٽائن جهڙ و دماغ ڪو نه کپي، بس ”اچ قلم ويهي لکون..“ چئي شروع ٿي وڃڻو آهي. ڪتاب لکڻ لاءِ اهوضروري آهي ته موضوع  ڀلي کڻي ڪيترو به آسان يا سولو ڇو نه هجي پرڪوشش اها ڪرڻي آهي ته ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. جي سمجهه ۾ اچي وئي ته پڙهندڙ چوندا، اها ته اسان کي اڳئي خبر هئي انهي ۾ ليڪک جو ڪهڙو ڪمال آهي! جي سمجهه ۾ نه آئي ته دل ئي دل ۾ چوندا ته ” مار! جيڪڏهن اسان کي به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته معنيٰ ڪا وڏي ڪمال جي شي چيل آهي.“ پوءِ پنهنجي ناسمجهي لڪائڻ لاءِ ليڪک جون تعريفون شروع ڪري ڇڏيندا. پڙهندڙن کي منجهائڻ جا ڪيترا ئي طريقه آهن جن مان ڪجهه ته هميشهه ڪامياب ثابت ٿيا آهن. انهي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين لفظن ٿا اچن جن کي خاص احتياط سان استعمال ڪرڻو پوندو آهي. جيڪو مطلب سڌو سئون سنڌي لفظ ۾ بيان ٿي سگهي ٿو انهي کي هروڀرو انگريزي ۾ تحرير ڪيو ويندو آهي، يعني پيار کي لو، بيوقوف کي اسٽيوپڊ ۽ ملڪ کي ڪنٽري لکبو آهي. انگريزي جو دٻدٻو پوليس جي رعب  وانگر آهي جيڪو اسانجي دماغ تان لهي ئي نٿو! ريڊر کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ لاءِ  ڳالهه کي ابتو ٻڌائبو آهي يعني پهرين پڇاڙي بيان ڪيو، پوءِ وچ جو احوال ڏيو ۽ آخر ۾ شروعات يا منڍ لکو. اڄڪلهه ڪنهن به ڪهاڻي، ڳالهه يا مضمون کي سڌي نموني بيان ڪرڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، هاڻي ته فيشن اهو آهي جو سئين سڌي شي کي ڦيرائي، ور وڪڙ ڏيئي اهڙو ته پيچيدهه نموني بيان ڪرڻو آهي جو پڙهندڙ  ڀلي ته ڪياڙي کنهڻ تي مجبور ٿي وڃي.  تحرير جو مقصد رڳو پريشان ناهي ڪرڻو پر پڙهندڙ کي منجهائي مارڻو آهي. انهن ئي سببن ڪري ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ....

husainkapri@yahoo.com


تبصرے