حسين ڪپري: پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش!


پهرين مون پنهنجو نالو سليٽ تي لکيو، پوءِ ڪتاب تي لکيو ۽ پوءِ ڀت تي لکيو. تڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ۽ ٻاراڻي ذهن سان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس. پر مون جيڪا به ڪوشش ڪئي سا ناڪام ٿي، ڇو ته سليٽ ٽٽي وئي، ڪتاب ڦاٽي پيو ۽ ڀت ڪري پئي! اسڪول مان ٿي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ جنه
ن اسٽاپ تان بس ۾ چڙهندا هئاسين اتي مسافرن جي پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ ٽانڪي ٺهرايل هئي جنهن تي لکيل هو، ”يادگار سرڳواسي ٽوپڻ داس.“ سيٺ جي اولاد پنهنجي بزرگ جي آتما کي سڪون پهچائڻ خاطر هي نيڪي جو ڪم ڪيو هو. هو ته پوءِ لڏي انڊيا هليا ويا پر اڃايل ماڻهن اتان پاڻي پي دعائون ٿي ڪيون. 


ثواب ڪيترو ٿي مليو سا ته خبر ڪانه هئي پر سيٺ جو نالو قائم هو. انهي مان احساس ٿيو ته نالي کي قائم رکڻ جو فضيلت ڀريو طريقو اهو آهي ته ڪو اهڙو چڱو ڪم ڪجي جنهن جو فائدو ٻين ماڻهن کي ٿئي ۽ اهي ياد ڪن. اڳتي هلي خبر پئي ته آئون پهريون ماڻهو ڪو نه هئس جنهن پنهنجي نالي ۽ شخصيت کي سڃاڻپ ڏيڻ چاهي ٿي. اڳي به بيشمار اهڙا انسان ٿي گذريا آهن جن اها ڪوشش ڪئي. انهي جي پويان لاشعور يا شعور ۾ اها سوچ هئي ته هڪ ڏينهن هن دنيا مان هليو وڃڻو آهي پر ويندي ويندي پويان پنهنجو نالو ڇڏي وڃجي ته وڌيڪ بهتر آهي.


 پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش ايڏي شديد آهي جو ماڻهو ان چڪر ۾ ملڪيتون لٽايو، سک قربان ڪريو ۽ جانيون وڃايو ڇڏين. ڪن فلاسافرن جو خيال آهي ته ان خواهش ۾ گهڻي شدت جو سبب اهو آهي ته اها لافاني زندگي ماڻڻ جي خواهش مان نڪتي آهي. ڪو به ماڻهو مرڻ نٿو چاهي. پراڻي زماني جي قصن، داستانن ۽ روايتن موجب ماڻهن هميشهه زندهه رهڻ جي لاءِ جيڪي مختلف دوائون، نسخا ۽ طريقا آزمايا تن مان هڪ آب حيات جو چشمو به هو. وڏن وڏن بادشاهن انهي چشمي جي ڳولا ۾ پنهنجا سپاهي، نوڪر ۽ وزير امير روانا ڪيا پر ڪنهن کي به ڪاميابي نه ملي سگهي. 


جي اهي مهم جو بادشاهه دائمي زندگي وارو پاڻي پي وٺن ها ته اڃا تائين جيئرا هجن ها ۽ ملڪن تي چڙهايون ڪندا ۽ فوجون ڊوڙائيندا وتن ها. وقت گذرڻ سان گڏ آهستي آهستي شعور جي ترقي کان پوءِ ماڻهو کي پڪ ٿي وئي ته اهڙي قسم جي ڪا دوا درمل يا طريقو ناهي جنهن سان لافاني زندگي حاصل ڪري سگهجي. انهي حقيقت کي سمجهڻ کان پوءِ اها سوچ غالب ٿيڻ لڳي ته جي جسماني طرح جيئرو نٿو رهي سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي سٺي نالي جي حيثيت ۾ زندهه رهجي. ماڻهن جي يادگيرين ۾ جيئرو رهجي، ڪهاڻين، شاعرين ۾ جيئرو رهجي ۽ ڪتابن ۾ جيئرو رهجي. 


نالي ڪڍائڻ لاءِ مناسب طريقو اهو هو ته ماڻهو ڪي اهڙا ڪم ڪري جن جي سڀني کي خبر پئجي وڃي. ان لاءِ ٻه طريقا هئا، ماڻهو سٺا ڪم ڪري مشهور ٿئي يا خراب ڪم ڪري بدنام ٿئي. مشهوري يا بدنامي هڪڙي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ٻنهي جو مقصد نشانبر ٿيڻ آهي. سو هڪڙا ماڻهو چڱاين جي لحاظ کان ۽ ٻيا براين جي حوالي سان نالو ڪڍائيندا رهيا آهن پر مشهور ٻئي ٿيا. جيئن سڪندر اعظم دنيا فتح ڪري پنهنجو نالو ڪڍايو ۽ سڀني کان وڏو جرنيل تسليم ڪيو ويو. چنگيز خان، امير تيمور گهڻي کان گهڻا ماڻهو مارائي، انساني سسين جا مينار ٺهرائي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرايو. ايڏي وڏي پيماني تي خون ريزين ڪرائڻ جو پهريون مقصد اهو هو ته ”نالو ئي ڪافي آهي“ واري اصول تحت ڪم ٿي وڃي. واقعي ٿيو به ائين. امير تيمور يا چنگيز خان تاتاري جي اچڻ جو ٻڌي شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ اڳواٽ خالي ٿي ويندا هئا!


 تڏهن بهادري ۽ وحشت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو هو، تنهنڪري انهن جي حيثيت جو تعين پنهجي دور جي جي رائج معيار موجب بهادر طور ٿيو! ساڳيو اصول چڱاين ۽ براين تي به لاڳو ٿئي ٿو. انهن جا معيار به هميشهه هڪجهڙا نه هوندا آهن ۽ وقت سان گڏ تبديل ٿيندا رهندا آهن. صليبي جنگن واري زماني ۾ غير مذهب جي ماڻهن کي مارڻ ثواب جو ڪم سمجهيو ويندو هو پر هاڻي ائين ڪونهي. گيليلو جي زندگي ۾ هڪڙو دور اهڙو آيو جو هو سزا يافته ڏوهاري هو، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ اڳتي هلي تاريخ ۾ بي ڏوهي ۽ چڱي ماڻهو جي حيثيت سان مشهور ٿيو. کيس سزا ڏيندڙ پادرين جي حيثيت به بدلجي وئي، اهي هاڻي بدنام، خراب ۽ علم دشمن ماڻهو شمار ٿين ٿا. انهي ڪري اڪثر حالتن ۾ تاريخ جا فيصلا صحيح سمجهيا وڃن ٿا ۽ انهن کي دائمي حيثيت ملي ٿي! 

 

اها ڳالهه صحيح آهي ته وقت سان گڏ گهڻين شين جي پرکڻ جي معيار ۾ تبديلي اچي ٿي مگر ماڻهو جي نالو ڪڍائڻ جي خواهش ۾ تبديلي نه آئي آهي. بادشاهه هاسيڪار لالچون، ترغيبون ڏيئي ۽ زور زبردستي ڪري ڪتاب لکرائيندا هئا. اهي ڪتاب اڃا پيا آهن جن ۾ انهن فاتحن جو ذڪر تمام عاليشان لفظن ۾ ڪيل آهي. ڪن ماڻهن جو ڪم اهڙو هوندو آهي جو بنا ڪنهن ڪوشش جي انهن جا نالا پاڻهي ڪتابن ۾ درج ٿي ويندا آهن. مثال، جيئن لوئي پاسچر، گٽن برگ يا ان قسم جا ٻيا ماڻهو جن سٺا ڪم ڪيا ۽ امر ٿي ويا! لوئي پاسچر جو ڪارنامو اهو آهي ته هن ويڪسين ايجاد ڪري بيشمار انساني زندگيون بچايون ۽ گٽن برگ جي ڇاپي خاني جي ايجاد ڪري ڪتاب گهڻا سستا ٿي ويا، پڙهڻ ۾ انقلاب آيو، جنهن ڪري دنيا بدلجي وئي! 


اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته نالو ڪڍائڻ جا طريقا ۽ انهن جا مقصد گهڻا اهم هوندا آهن. برصغير ۾ بادشاهن مقبرا، محبت جون يادگارون ۽ عبادت گاهون تعمير ڪرايون. صنعتي انقلاب کان پوءِ يورپ ۾ بادشاهن تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ لائبرريون ٺهرايون، ٻنهي جا نالا تاريخ ۾ محفوظ آهن پر تعليم جو فائدو گهڻ ماڻهن کي پهچي ٿو. اصل نڪتو به اهو ئي آهي ته گهڻن ماڻهن کي فائدو پهچائجي ۽ پوءِ ڀلي مشهوري ماڻجي. ماڻهو ٻين جي ڀلائي ان ڪري ڪرڻ چاهين ٿا جو انهن کي ننڍي هوندي کان ائين سيکاريو ويندو آهي. جيڪي شخص چڱا ڪم ڪن ٿا ۽ پويان پنهنجو نالو ڇڏي وڃڻ چاهين ٿا سي هڪ بهترين مثال قائم ڪن ٿا. ان عمل سان ٻين کي به اهڙو ٿيڻ ۽ اهڙا ڪم ڪرڻ جي ريس ٿئي ٿي، جنهن سان ماڻهن جي زندگي آسان ٿئي ٿي ۽ سماج کي مضبوطي ملي ٿي. انهي ۾ جيتري ذاتي تسڪين ملي ٿي اوترو اجتماعي فائدو پڻ ٿئي ٿو.

تبصرے