دنيا اک ڇنڀ جو ميلو!

 حسين ڪپري 

هي دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي. ڪجهه وقت جو جيئڻ ۽ پوءِ هميشهه لاءِ هليو وڃڻ، انهي تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دل نٿي ڪري. جر تي ڦوٽي جيئن جيون جي بي ثباتي جو احساس سدائين اداس رکي ٿو. ان مختصر حياتي کي گذارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ فاني انسان جيڪي به ڪم ۽ اٽڪلون ڪري ٿو سي سڀ ٻن ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، هڪ گناهه ۽ ٻيو ثواب! چون ٿا هي چار ڏينهن جي دنيا، هفتي ۾ ٺهي راس ٿي. انهي وچ ۾ اهو سڀ ڪجهه بنجي ويو جيڪو اسين ڏسون ٿا. 

اسان کي جيڪو علم ڏنو ويو آهي تنهن موجب ملائڪ گناهه نٿو ڪري سگهي، شيطان ثواب نٿو ڪمائي سگهي ۽ جانور ٻئي ڪم نٿو ڪري سگهي. انسان ٻئي ڪم ڪري ٿو سگهي ۽ ڪري به پيو. مگر ڪي ڪم اهڙي غلط نموني ڪري پيو، جو نه ڪري ها ته بهتر هو! اربين سالن کان هلندڙ هن ڪائنات ۾ ماڻهو جي سو ساله زندگي اک ڇنڀ آهي، جنهن کي گذارڻ لاءِ هزار قانون قائدا ٺاهيا ويا ۽ جنهن کي سڌارڻ لاءِ لک چوويهه هزار پيغمبر موڪليا ويا. پير فقير، درويش بزرگ، اوليا ولي، قطب قلندر انهي کان علاوهه آهن!

 انهي مان ٻن ڳالهين جي خبر پوي ٿي. هڪ ته قدرت طرفان انسان تي ڪيڏي ڳري سيڙپ ٿيل آهي ۽ ٻيو ته ان کي سڌارڻ ڪيڏو ڏکيو آهي. جيڪو ويهه سال بانسري ۾ پيو رهڻ جي باوجود به سڌو ٿي نه سگهيو، اهو اصل ۾ ڪتي جو پڇ نه هو پر ماڻهو جي فطرت آهي! انهي جو مطلب اهو ٿيو ته جهيڙي ڦڏي فساد جو ٻج ڄائي ڄم کان وٺي انسان جي رت ۾ شامل آهي.

ڌرتي تي موجود محدود وسيلا ۽ خزانا ڪيترا به گهٽ ڇو نه هجن پر اڃا تائين انسان جي ضرورتن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ثابت ٿيا آهن! انهن تي جهيڙي جي جو مطلب آهي ته انسان کي ماڻهو ٿيڻ ۾ زمانو اڃا لڳندو. اقتصادي علم جو ابو، آدم سمٿ شريف طبيعت دانشور هو، هن چيو ته محدود وسيلن کي لا محدود خواهشن ۾ ورهائڻ ايڪانامڪس آهي. انهي علم سڀ پول پڌرا ڪري ڇڏيا. انساني ضرورتن ۽ عياشين جو فرق سمجهڻ کان پوءِ لالچ جي تصوير ايڪس ري وانگر سامهون اچي ٿي، جنهن ۾ ڏسڻ لاءِ ڪا به ٻي شي ناهي سواءِ خرابين جي!

 هن دنيا جي هينئر جيڪا شڪل آهي سا ماڻهو پنهنجي مرضي سان ٺاهي آهي. ان جي خرابين جو ذميدار به پاڻ آهي. انسان جو ڀٽڪندڙ من شيطان جي دل پسند شڪار گاهه آهي. ماڻهو پنهنجي ذميدارين کان فرار ٿيڻ لاءِ بهانه بازي ڪري ٿو ۽ تاويلون ڳولي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته خراب ڪمن ۽ غلط سوچڻ جي سزا آهي! جي ماڻهو سماج جو قانون ٽوڙي ٿو ته اهو ڏوهه آهي ۽ جي روحاني قانون ٽوڙي ٿو ته گناهه، جنهن جي سزا ملڻي آهي. ڏوهن گناهن جي وچ تي ماڻهو جا جوابي دليل، حجتون، مجبوريون ۽ بهانا آهن. انهي ڪري غالب دنيا کي بازيچه اطفال سڏيو هو. ماڻهو جو ٻار وانگر رسڻ پرچڻ ۽ خوش ٿيڻ ٻاراڻي حرڪت آهي پر تڏهن به قدرتي آهي. 

هڪڙا ماڻهو جهڙا اچن جڳ ۾ تهڙا وڃن موٽيو، مطلب ته هو ڪجهه به ڪو نه ٿا ڪن. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي کي عبرت جو مثال بنايو ڇڏين! ٽيان ماڻهو پنهنجي زندگي سٺي نموني گذارڻ لاءِ صرف پئسو ڪمائڻ جي ڌن ۾ هوندا آهن ۽ ڪي وري آخرت واري زندگي سنوارڻ لاءِ هر وقت عبادتن ۾ مصروف. هڪ سلجهيل ۽ ايماندار ماڻهو کي خبر آهي ته معاملو ايترو سادو ناهي، ٻنهي ۾ هڪ توازن رکڻو آهي. پنهنجي زندگي چڱي نموني گذارڻ سان گڏ ٻين جو به خيال ڪرڻو آهي. زندگي جيڪا هن پل هيتري حسين آهي ان جو سبب انهن لکن ڪروڙن ماڻهن جي بي پناهه محنت آهي جن وِهه کي ماکي بنايو، مشڪلاتون دور ڪري آسانيون پيدا ڪيون.

 اسان تي انهن جا قرض آهن جيڪي اسان کان پهرين هن دنيا ۾ آيا. اهي ماڻهو ياد اچن ٿا جن پنهنجون پوريون حياتيون ليبارٽرين ۽ لائبررين ۾ ڳاري ڇڏيون. جن پاڻ تي زندگي جا سک آرام ۽ آسائشون حرام ڪري ڇڏيون، جن کي خبر هئي ۽ آهي ته کين پنهنجي پورهئي جوڦل نصيب نه ٿيندو پر تڏهن به پنهنجي ڪم سان لڳا رهيا! انهن جا وڏا احسان آهن جن بيمارين جا علاج ڳوليا، نيون ايجاديون ۽ دريافتون ڪيون جن سان زندگي محفوظ ۽ خوش گوار بنجي وئي. انهي ۾ مشهور ۽ گمنام، وڏا ۽ ننڍا هر قسم جا ماڻهو شامل آهن. 

ان کان علاوهه اسان تي گهڻا ئي فرض آهن، جيئن ملڪ جا فرض، قوم جا فرض، مذهب جا فرض! فرضن جي هن سنسار ۾ سنتون به آهن جن تائين آئون اڃا پهچي نه سگهيو آهيان. انهي کان سواءِ حق اڃا ڌار آهن، مثال، مائٽن جا حق، ٻارن جا حق، زال جا حق، پاڙي وارن جا حق، غريبن جا حق! پوءِ ذميداريون به آهن جيئن گهريلو ذميداريون، شهري ذميداريون ۽ فطرت جون ذميداريون. واعدن، اميدن ۽ قول اقرارن جو بيان به رهيو پيو آهي. مختصر اهو ته ماڻهو جو ذرو ذرو قرضن ۾ دٻيو پيو آهي!

ماڻهو کي جڏهن کان پورو شعور اچي ٿو تڏهن کان قرضن جو اهو جبل سر تي کنيو وتي جيڪو ڪنڪر ڪنڪر ۽ پٿر پٿر گڏ ٿي پربت بڻجي ٿو. ايڏو وزن کڻي هلڻ ڪا مشڪري ناهي. اهي جبل ڪيئن لاهجن مٿي تان، اهي وزن ڪيئن گهٽائجن. مون پاڻ کي ڏهن جو کوڙو هڻي ونڊ ڪري ورهايو پر پورو پئجي نه سگهيس. مون پاڻ کي ڏهن جنمن سان ضرب ڪري ڏٺو پرتڏهن به انهن فرضن کي پوري طرح نڀائي نٿو سگهان. انهي جي باوجود به ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه پيو آهي پر اوڏانهن ڌيان نٿو وڃي. 

سٺا ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي ماڻهو هئڻ جو شرط لازمي ناهي. اها غلط فهمي دور ٿيڻ کپي ته عام فرد ڪجهه نٿا ڪري سگهن. ڪو شخص ڀلي کڻي ڊاڪٽر، انجينير، پوليس وارو يا سياستدان نه به هجي پر جي پنهجي حيثيت آهر چڱائي ڪري ته وڏي ڳالهه ٿي ويندي! برابر سڀني حقن، فرضن، سنتن، واعدي وچنن ۽ ذميدارين کي نڀائيندي نڀائيندي جيڪا حالت ٿئي ٿي سا ايڏي سٺي ناهي پر تڪليفن جي ڪري چڱاين کي ڇڏي ڏيڻ انسان جو وڙ ناهي! اسان تي پوين نسلن ۽ موجودهه دور جي ماڻهن جو جيڪو قرض چڙهيل آهي سو ته ادا ڪرڻو پوندو. هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي ۽ پوءِ لازمي هليو وڃڻو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي.

تبصرے