ٻول: سک جي نه ٿو ڏين 🎶

سُک جي نه ٿو ڏين يار مونکي، ڏک ئي صنم ڏي
ڏک ئي صنم ڏي، ڪوئي ڀي غم ڏي، ڪو ته زخم ڏي.
سک جي نه ٿو ڏين............


مونکي ڪيڏو پيارو آھين، پڇيو اٿئي منھنجي دل کان.
توسان منھنجي محبت آھي، پيارا روز ازل کان.
اعتبار نه اٿئي جي، مونکي قسم ڏي، ڪو ته زخم ڏي.
سک جي نه ٿو ڏين...........

مون تي اجايو ڪاوڙجين ٿو ڏک ته توکان گھران ٿو
ماڻھون سکن لاءِ مرندا آھن. آئون ڏکن لاءِ مران ٿو
وسري نه جيڪو اھڙو ستم ڏي، ڪو ته زخم ڏي
سک جي نه ٿو ڏين ............

منھنجي وحيد آھي تمنا، تنھنجي ھجي ڪا نشاني
ياد ڪري مان جيئان جنھن کي، مون تي ڪر مھرباني
دير نه ڪر تون. ھا ھڪدم ڏي، ڪو ته زخم ڏي..
سک جي نه ٿو ڏين يار مونکي......


شمن ميرالي / وحيد ھڪڙو

تبصرے