ڪهاڻي: آخري هڏڪي (رياض اڄڻ)


 آسمان تي ڪارا بادل ها، ڪجھ ڏينهن کان سج جو نالو نشان ئي ڪونه هو. مينهن ۾ وقفو هو. مکڻ گهر جي اڱڻ ۾ هڪ خشڪ جڳھ تي پڪل سِرَ تي ويٺو هئو، مٿي تي پيشاني تي هٿ هئس، هيٺ ڪنڌ، سوچن ۾ غرق هو. 

هن جي ڏاڏيءَ ڏڍ ولوڙڻ شروع ئي. مَسَ ڪيو هو جو سندس ماءُ کي ويم جا سُور ٿيا ها، جڏهن هو ڄائو ته هن جي ڏاڏي مَکَڻ ڪڍي رهي هئي. بس ان وقت ئي سندس نالو مکڻ پئجي ويو.

پنهنجي پيءُ کي ڏاڏي ۽ پيءُ وانگر اڪيلو پٽ هو. وڏڙن وٽ ٻه ٽي ٻارا ٻني جا ها ۽ ٻه ٽي ڍڳيون ڪلي تي ٻڌل هئن. ڳوٺاڻي حساب ۾ مڇي ماني لائق ها. سندس ڏاڏي صبح جو سويل اٿي ڌڻي جو ذڪر ڪري ڏُڍُ ولوڙڻ شروع ڪندي هئي. پاڙي جا ٻه ٽي گهر کانئن لسي وٺڻ ايندا ها ته کين مانيءَ مک جيترو مکڻ لوٽي ۾ ضرور وجهندي هئي. سندس وڏڙن وٽ لسي جو ٿانءُ بغير ماني مک جي موٽائڻ بد سَوڻُ ليکيو ويندو هو. ماہ پهرين سومر، يارهين ۽ محرم جا ڏھ ڏينهن گهر ۾ ڪوئي به کير ڪونه پيئندو هو. ماه پهرين سومر ۽ يارهين تي کير پاڙي وارن کي ڏيندا ها، جڏهن ته محرم جا ڏھ ئي ڏينهن گهٽيءَ ۾ ماتم ڪندڙ ٻارڙن کي سبيل طور پياريو ويندو هو. سندس گهر جي شهر ۾ هڪ دڪان واري سان آهت هئي. جتان سڄو سال سودو کڻندا ها ۽ فصل تي حساب چڪتو ڪندا ها. حساب ڇا بس جيڪو سيٺ چوندو هو سندس ڏاڏو اوترا پيسا گوڏ جي ور مان ڪڍي ڏيندو هو. نه ڪڏهن اهو ڏٺن ته اگھ ڪيترو ٿو لکي ۽ نه وري اهو ته پورو لکيو اٿئين يا وڌائي. جڏهن مکڻ جي شادي پي ٿي ته انجو به سيڌو سامان ۽ لٽو ڪپڙو ان ئي دڪاندار کان ورتو هئن. شادي واري ڏينهن سيٺ پاهت واري بوڪ کڻي لکڻ ويٺو، جيڪو پاهت مليو ان مان رڌڻ واري حجم جا پيسا ڏئي باقي سڀ پاڻ کڻي ويو. مکڻ جي ڏاڏي وڏو ديڳڙو ڀت جو به ڀري ڏنو هئس جنهن جي تري ۾ ڀوڄ ۽ مٿان چاشني رکيل هئي. ٻئي ٽئين ڏينهن مکڻ وارا حساب ڪرڻ ويا ته ٻه ٽي هزار قرض انهن رهجي ويو.

مکڻ ڪجھ وڏو ٿيو ته پهرين سندس ڏاڏو ۽ پوءِ ڏاڏي هي جهان ڇڏي ويا. ٻنهي جي وڃڻ کانپوءِ مکڻ جو پيءُ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. گهڻو وقت الائي ڪهڙين سوچن ۾ غرق رهندو هو. مکڻ جو وڏو پٽ ٻارنهن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ به گذاري ويو. جڏهن سندس وڏي نياڻي ڏهن ورهين جي ٿي ته امڙ به هي جهان ڇڏي وئي. کيس ٽي پُٽَ ۽ ٽي نيانيون هيون. ڪٽنب ڪجھ وڏو هجڻ سبب کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي هئي. ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ ڪجھ سبزي پوکڻ به شروع ڪيائين. وڏڙن جي ريت کي پاسي رکندي کير به وڪڻڻ شروع ڪيائين، جيڪو ڪڏهن عيب سمجهيو ويندو هو. ڳوٺ ۾ ففٽي موٽرسائيڪل تي هڪ مُدَرَ اچڻ شروع ٿيو جيڪو روز صبح سان کير کڻي شهر وڪڻڻ ويندو هو. ٻين ڳوٺاڻن کي ڏسندي مکڻ به کير وڪڻڻ شروع ڪيو. هر هفتي پيسا ملندا هئس جنهن مان دوا درمل ۽ ٻيو سيڌو سامان وٺندو هو.

مکڻ جا پٽ ۽ ڌيئر وڏا ٿيا ته سڀن جي شادي ٿي وئي. ڀاتي وڌڻ ڪري گهر جا نوان ڪمرا به ٺهرايائين. ڪجھ سالن کان ڪڏهن سوڪهڙي، ڪڏهن ماڪڙ ته ڪڏهن فصلن جي پچڻ جي مند ۾ اچانڪ برساتن جي ڪري اُپت صحيح ڪانه پي لٿي. گھر جو خرچ، ٻارن جي پڙهائي، جن کي ڳوٺ جي ڀرسان واري شهر جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو هئن، ئي مس پي نڪتو. مکڻ هر حال رب جو شڪر ڪرڻ وارو هو. ان تي به خوش ٿيندو هو ته چڱن وقتن ۾ ٻه ڪوٺا ٺهرائي ورتائين جتي سندس پٽ ۽ انهن جا ٻچڙا آساس سان ويٺا آهن. ٻه ٽي مهينا اڳ ڪنهن ناچاڪي سبب سندس ڄاٽي مکڻ جي وڏي ڌيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو هئو جيڪا پنهنجي پنجن ٻارن سان گڏ اچي پيءُ ماءُ وٽ رهڻ لڳي هئي.

هن سال ڪڻڪ آڀُن تي هئي جو اچانڪ مينهن ڪڙڪي پيا، جنهن ڪري فصل کي نقصان پهتو، اُپت گهٽ ٿي. مکڻ سيٺين جو قرض لاهڻ کانپوءِ ٻن ٽن مهينن جو اَنُ مَسَ بچائي سگهيو. ڪڻڪ جي لاڀ ۽ وونئڻن جي پوکائي کانپوءِ الائي ڇو مکڻ چپ چپ رهڻ لڳو هئو، ڳوٺ جي هوٽل تي به وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ڪڏهن ڪڏهن ڪو يار دوست سندس گهر اچي پهچندو هئو جنهن سان ڪڏهن گهر جي صحن ۾ ڪڏهن ٻاهران گهٽي ۾ کٽ رکي ڪچهري ڪندو هو. گهٽي ۾ ان جڳھ تي ڪڏهن ٽاريءَ جو وڏو گهاٽو وڻ هئو جتي هاڙ جي ٽاڪ منجهند جو گهاٽو ڇڻڪار ڪري ڪڏهن چنر  ته ڪڏهن نَوَ ٽڻ ته وري ڪڏهن چوباز کيڏندا هئا اهو به وڍجي وڍجي ويو هو. مکڻ شهر ۾ رستي تان گذرندي يا هوٽل تي پڙهيل ڳڙهيلن جي واتان ماحولياتي تبديلي جو ٻڌندو هو پر کيس خبر ڪانه هئي ته اها ڪهڙي بلا آ. 

هن سال جڏهن وونئڻ جي پوکائي جو وقت آيو ته گرميون معمول کان وڌيڪ ٿيون. درياءَ جو پاڻي گهٽجي ويو. پڇڙي ۾ هجڻ ڪري پاڻي ٻنين تي ڪونه ٿي پهتو. مجبورن ڊيزل انجڻ هلائي فصل کي پاڻي پي ڏنن. ڊيزل جي ڳاٽي ٽوڙ اگھ ڪري فصل تي لاڳت وڌندي ٿي وئي. سندس وقت ڏاڍو پريشاني ۾ پي گذريو. جون جو مهينو ڏاڍو گرم گذريو، جولاءِ جي شروع ٿيندي ئي مينهن پوڻ شروع ٿيا ته مکڻ کي ڪجھ ساھ پيو. سوچڻ لڳو ته هاڻي درياءَ جو پاڻي ايندو ۽ ڊيزل جي خرچ کان ته بچي پونداسين. گڏوگڏ اهو ارادو به ڪيائين ته هيل ڪجھ پيسا بچائي سج واريون پليٽون وٺندو ته جيئن انجڻ ان تي ڪجي ۽ ڊيزل جو خرچ بچائي سگهجي. پر چوندا آهن بندي جي مَنَ ۾ هڪ خدا جي مَنَ ۾ ٻي. آگسٽ مهيني جي اڌ کانپوءِ برسات جيئن شروع ٿي ته بيهڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي ورتائين. تيز ۽ مسلسل مينهن جي ڪري سڀ کان پهرين سندس گهر جو اهو پاسو ڪري پيو جيڪو سندس ابن ڏاڏن جوڙايو هو، جنهن ۾ هو سندس زال ۽ ڌيءُ ۽ ان جا ٻار رهندا هئا. رات جي پوئين پهر هو جڏهن پيشاب ڪري واپس آيو ته کيس محسوس ٿيو ته گهر ڪرڻ تي آ. تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي زال، ڌيءُ ۽ ان جي ٻارن کي ٻاهر ڪڍي سامان ڪڍڻ لاءِ اندر پي ويو ته وڏي ڌماڪي سان گهر ڊهي پيو. گهر جي ڪرڻ جي آواز تي گهر جي ٻئي حصي ۾ ستل هن جا پٽ، نُهر ۽ انهن جا ٻار پريشاني جي حالت ۾ گهر جي ان پاسي وڌيا جتي مکڻ وارا سمهندا هئا. هن جي ٻارن کي پراڻي گهر جي ڊهڻ جو ڏک ته هئو پر. پنهنجي پيءُ ماءُ ڀين ۽ ان جي اولاد کي صحيح سالم ڏسي ڪجھ اطمينان ۾ به هئا. سندس پٽن تڪڙ تڪڙ ۾ ملبو پري ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن ٻئي سامان سان گڏ اَنَ جا ٻه ٽي ٻاچڪا به مٽي جي ڍير مان ڪڍي سگهن. اهو ڪم شروع ئي مس ڪيو جو وري تيز مينهن وسڻ لڳو. مجبور ٿي سڀني ڏوڙي  گهر جي ٻي حصي جي دالي ۾ پناھ ورتي ۽ اتان بيهي مينهن کي وسندي ڏسڻ لڳا.

مينهن تيز ۽ مسلسل وسي رهيو هئو. مکڻ کي وقت جي گذرڻ جو احساس ئي ڪونه پي ٿيو. سندس ديد گهر جي صحن ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي تي هئي يا وري مال جي ڇني ڏانهن جنهن جي ڇت وهي هلي هي. ڇني ۾ بيٺل ٻڪرين جا ٻه ٽي ڪَنَ ۽ انهن جا ڇيلا ڀڄي رهيا ها. باقي مينهون ته هونئن به پاڻي ۾ هجڻ پسند ڪنديون آهن. کيس ذهن ۾ عجيب عجيب خيال اچي رهيا ها. انهن کي پري ڪرڻ لاءِ رکي رکي پنهنجي مُنهِن جهڳونگاري به رهيو هو. پر خيال هئس جن پري ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي ورتو. هو خيالن ۾ گم هو جو سندس وڏي نُنهن ماني آڻي اڳيان رکيس. مکڻ جي خيالن جو سلسلو ته ٽُٽو پر ماني ڪانه هليس. ٻه ٽي گرھ ئي مس کائي سگهيو. ماني کان فارغ ٿيو ته مينهن به جھڪو ٿيو. پراڻي ٻورٽي کي وچان ڪٽي مينهن کان بچاءَ لاءِ مٿي تي رکي پوک ڏانهن نڪري ويو. کيس اهو ئي. اُلڪو ته وونئڻن جي فصل جو الائي ڇا ٿيندو. جيئن ئي پوک وٽ پهتو ته سندس وايون بتال ٿي ويون. وونئڻن ۾ پڃي جيترو پاڻي بيٺو هو. ڏکيو سکيو پوک گهمي گهر ته موٽي آيو پر سندس پريشاني وڌي وئي هئس. سندس وڏو پٽ جيڪو ڳوٺ. جو واءُ سواءُ لهي آيو هئو ٻڌايو ته ڪيترن جا ئي گهر ڊهي پيا آهن. کليل آسمان هيٺ مينهن ۾ ڀڄن پيا. مکڻ جي پريشاني رهندو وڌي وئي.

اٺ پهر مسلسل پوڻ کانپوءِ جڏهن بند ٿيو ته مکڻ جي ڳوٺ وارن جا اڌ کان وڌيڪ گهر ڪري پيا ها جنهن ۾ هن جو پراڻو اجهو به شامل هو. جڏهن ته باقي گهرن جون ڇتيون ٽپڪي پيون هيون. پوکن ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو. ڪيترن گهرن جي چُلھ ڪانه ٻري سگهي هئي ڇوته ڳوٺ ۾ گئس ته هئي ڪانه ۽ ڪاٺيون ڀڄي ويون هيون يا وري گهر جي ڪرڻ ڪري سيڌو سامان آلو ٿي ويو هو. ٻن ڏينهن کانپوءِ مينهن رڪجي ته ويو پر وڌيڪ برسات جون پيشنگويون هيون ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ڪونه هو. سندن پوکون تار بيٺيون هيون فصلن جي بچڻ جي اميد گهٽ هئن. هاڻي ته مال جي چاري لاءِ به پريشان هئا. گهر ۾ شين جي ضرورت پيدا ٿي ته پيسا کپي چڪا هئن. ڪا واھ ڪانه ڏسي مکڻ شهر سيٺ ڏانهن پنڌ پيو. مينهن جي ڪري شهر ۾ به پاڻي بيٺو هئو ان ڪري سڀ دڪان بند ها جن ۾ سيٺ جو دڪان به شامل هو. دڪان بند ڏسي مکڻ سيٺ جي گهر ڏانهن ويو. ڪافي دير کان پوءِ سيٺ گهران نڪري ته آيو پر. اڄ مکڻ کي وَٺُ ئي ڪانه ٿي ڏنس. ائين پي لڳو ڄڻ کيس سڃاڻندو ئي نه هجي. هٿين خالي گهر واپس ٿيو ته چُپ چُپ هئو. کيس ٻارن ۽ مال جي ڳڻتي هئي.

شهر ڏانهن واپس ٿيو ته مکڻ وڌيڪ چپ ٿي ويو. هن جي زال ۽ پٽ ته سمجهيا پي پر سندس نُهر ۽ پوٽا پوٽيون ڪٿان سمجهن. چوندا آهن مالڪ سائين هڪ واھَ بند ڪندو آهي ته ست کوليندو آ پر مکڻ ۽ هن جي ڳوٺ وارن جون باقي واهون ته بند ٿي ويون هيون بس هڪ واھ کلي. سندن ڳوٺ ۾ مال جو واپاري اچڻ شروع ٿيو جنهن ماڻهن جي مجبوري جو فائدو وٺي اڌ بها ۾.جانور خريد پي ڪيا. مکڻ کي وچين پٽ جڏهن واپاري جو ٻڌايو ته هن جي اکين ۾ ڪجھ چمڪ موٽي آئي. فيصلو ڪيائين ته چئن مينهن مان ٻه کپائي في الحال خرچ کاٻارو هلائجي. الله مالڪ آ وري وٺي وٺبيون. ننڍي پٽ کي موڪلي واپاري سڏايائين. مکڻ معمول وارن ڏينهن کي نظر ۾ رکندي بن مينهن جي ڇھ لک رقم ڪئي. واپاريءَ وڏو ٽهڪ ڏئي چيس ته چاچا الائي ڪهڙي جهان ۾ گم آهيو. مون وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ڪونهي توهان وري آسمان کي ڇهندڙ رقم ڪئي. آ مينهن جي. واپاري ٻنهي مينهن جا آخري اڍائي لک چئي اڳتي روانو ٿيو ته مکڻ اچانڪ ڪري پيو. پٽن کيس کڻي کٽ تي ليٽايو پر ڏاڍا پريشان ٿي ويا. کين پيءُ کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي وڃڻ جا پيسا ڪونه هئا. وڏي پٽهنس نه ڪنهن پڇيو نه ڳڇيو تڪڙو تڪڙو وڃي واپاري کي پهتو. هن جي پيءُ جي بيهوش ٿيڻ جي خبر واپاري کي به پئي چڪي هئي جيڪو وڌيڪ پڪو ٿيو. هڻندي ماريندي ٻه لک ستر هزار ۾ سودو طئي ٿيو. ڏاھ هزار بيانو وٺي مکڻ جو وڏو پٽ تڪڙو تڪڙو گهر واپس آيو. ننڍي ڀاءُ کي چنگ چي واري کي وٺڻ لاءِ موڪلي وچين کي ٻڌايائين ته ٻه لک ستر ۾ مينهن جو سودو ڪري آيو آ، واپاري ڏھ هزار بيانو ڏئي ويو آ. مان ۽ ننڍو بابا کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ٿا وڃو تون گهر هج، واپاري اچي ته ٻه لک سٺ هزار وٺي ٻئي مينهون ڇوڙي ڏجان.

هو پيءُ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا. ڊاڪٽر مکڻ کي ڪجھ سُيون لڳايون ۽ ڪجھ دوا ڏئي کين ٻئي ڏينهن وري وٺي اچڻ جو تاڪيد ڪندي تسلي ڏنن ته جلدي هوش ۾ اچي ويندو. هنن جي گهر واپسي کان اڳ ئي. واپاري بقايا رقم ڏئي مينهون ڪاهي ويو. مکڻ کي جڏهن هوش ۾ آيو ته پهرين نظر مال واري پاسي وئي. مينهن جا ٻه ڪلا خالي ڏسي اکين ۾ لڙڪ تري آيس. اوڏانهن نظر ڦيرائي پٽن ڏانهن ڏسي ئي پيو جو وري بيهوش ٿي ويو. بيهوشي واري حالت ۾ آخري هڏڪي ڏنائين. لڙڪ اکين مان ترندا مکڻ جي ڳِٽن تي اچي بيهي رهيا.

(رياض اڄڻ)

تبصرے