اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها! استاد بخاري

 اکڙيون آليون ڪَو ته اُگھي ها!

هانءُ هِندَورو ڪَوته لُڏي ها!

تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها!


عشق ته مُون کي ڪرڻو هو مَنَ!

پيار جو پَيٽ ته ڀَرڻو هو مَنَ!

پيار ته مان هَرحال ڪريان ها،

دل جو ٻَيڙو نالِ نِيان ها!

چاهَي تَري ها، چاهَي ٻُڏي ها،

تون نه هُجين ها، ٻيو ڪَو هُجي ها!


اکڙين کي آجھاپو گھُرجي،

لونءَ لونءَ کي لاڳاپو گھرجي،

تڙپان ھا ته به جاني جاني،

جھومان ھا ته به جاني جاني،

ساجن ڌاران ڪجھه نه سجھي ھا!

تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا!


سوزَ سوا ھي سينو کوکو،
پيار بنا پٿريلو پنڊو،
کوکو سينو کڏ ۾ سَٽجي، 
لالڻ جي لئه جي نه لُجھي ھا!
تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا!

عشق جئي ”استاد بخاري“!
جنھن دل ٻاريِ، جنھن دل ٺاريِ،
محبت ۾ جي مان نه پران ھا!
جاڙ جيان ھا، مفت مران ھا!
پاڇولي کي ڪير پڇي ھا!
تون نه ھجين ھا، ٻيو ڪو ھجي ھا!

استاد بخاري

تبصرے