سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ! (استاد بخاري)

سوُر کي سوُر سان مِيسارجانءِ!
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

منهنجي لاءِ دردمند ٿين متان،
ريت رسم منجه بند ٿين متان،
منهنجي پيِڙ پريت سان پِگهارجانءِ!
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

ماتمي لَٽا متان ڪرين مِٺا،
ڏيهہ جي نظر ۾ ٿي نہ پئون ڏِٺا،
ديس جو ضرور ڌيان ڌارجانءِ،
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

دل گهري ٿي تون سدا گلاب رهہ!
آئيني جي اک جو انتخاب رهہ!
ڳاڙها ڳاڙها ڳل ڳَريِ نہ ڳارجانءِ!
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

اور حسن ارتقا ڪري پيو،
هانءُ هن جهان جو ٺري پيو،
صبح _ سانجهہ  سونهن کي سنوارجانءِ
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

زندگي اڃا ڀلي ڀلي ٿئي!
آس ”استاد “ ائين جئي!
نينهن کي نئين سنئين اُجارجانءِ!
منهنجي لاءِ تون هنجون نہ هارجانءِ!

استاد بخاري (اوتون جوتون)

تبصرے