سنڌ جو سياسي ڪلچر


ڪالھ سوشل ميڊيا جي مائيڪرو بلاگن  سائيٽ ٽوئيٽر جي فيچر اسپيس تي محترمہ عرفانه ملاح مٿئين عنوان سان هڪ سيشن جو اهتمام ڪيو. ڪافي مشهور و معروف فرد ان گفتگو ۾ شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موضوع جي پس منظر ۾ آئون ڪجھ پنهنجون گذارشات پيش ڪيان ٿو.

آئون اها قطعاََ دعوي ڪونه ٿو ڪيان ته ڪو مان سماجيات يا سياسيات جو ڄاڻو آهيان، پر اهو ضرور چوندس آئون ان دور ۾ جوان ٿيس جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت اخبارون پڙهندي، بي بي سي اردو جو پروگرام سيربين ٻڌندي ۽ دڪانن، اوطاقن وغيره تي مختلف سياسي معاملن تي گفتگو ڪندي هئي. ان پس منظر کي نظر ۾ رکندي منهنجي اها ناقص راءِ آهي ته گذريل صدي جي آخري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن کان وٺي سنڌ ۾ سياست وينٽيليٽر تي هلي وئي آ. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو جهٽڪو کائي اٿندي آ جو ائين لڳندو آ ته مڪمل صحتياب ٿي وئي آ، پر اها خوشي به اڌوري ثابت ٿيندي آ. ان جا ويجها مثال ٻٽي مڪاني نظام جي خلاف سنڌ اندر سڀني سياسي جماعتن جي جدوجهد، جنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ان وقت جي حڪمران جماعت پي پي مذڪوره قانون کي واپس ورتو، 2013 جي چونڊن ۾ قومپرست اميدوارن جو سٺي انگ ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ، بحريه ٽائون جي ڏاڌاين خلاف احتجاج ۽ ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاج شامل آهن. پر هميشه جيانڪجھ وقت جي اندر سياست وري ساڳي ماٺار.

سنڌ اندر سياسي تحرڪ جي شروعات 60 جي ڏهاڪي ۾ جيڪا 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ به ڀرپور نموني جاري رهي. ان تحرڪ جي پويان سياسي ڪارڪنن جي رومانيت جو وڏو عمل هئو. دنيا ۾ جاري قومپرست ۽ پورهيت تحريڪن جي ڪاميابي جو سڌو سنئون اثر هتان جي سياسي ڪارڪنن جي حوصلن تي پوندو هئو. پر 90 واري ڏهاڪي ۾ دنيا م ڪميونسٽ تحريڪ جي سرواڻ سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ اوڀر يورپ ۾ ڪميونسٽن جي تڏا ويڙھ جو ائين ئي سڌي ريت هتي پيو. سياسي ڪارڪنن مايوسي جي عالم ۾ شهرن جو رخ ڪيو. معاش جي فڪر ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو جي خاطر انهن مان ڪيترا صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيا ته ڪن وري اين جي اوز وسايون. پر ڪجھ اهڙا به هئا جيڪي مايوسين جي ور چڙهي ويا.
ان سڄي عمل جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جاڳيرداري پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ جديد جاڳيرداري جنم ورتو جيڪا بغير خوف جي ڏينهن و ڏينهن پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪندي پئي وڃي. اڳ ۾ جيڪي وڏيرا نوڪري کي گهٽ درجي جو ڪم سمجهندا هئا انهن پنهنجي خاندان جي نوجوانن کي سول سروسز ۾ ڀرتي ڪرائي ان طرف به پنهنجا قدم ڄمائڻ شروع ڪيا، پر بعد واري نسل کي نوڪري سان ڪا دلچسپي ڪان هئي ان ڪري مٿي کان هيٺ تائين هر سطح جي سياسي عهدي تي خاندانن جي هڪ هٽي جو ڄار وڇايو ويو. 1988 ۾ پي پي جي چونڊ صرف چئن خاندانن جا هڪ کان وڌيڪ فرد چونڊجي آيا هئا پر اڄ اها صورتحال آهي جو يونين ڪائونسل جي چيئرمين کان ويندي ايم اين اي تائين تقريبًا هر خاندان پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ هڪ هٽي لڳايو ويٺو آ. تازو ٿيل مڪاني ادارن جي پهرين مرحلي جي چونڊن ۾ اهڙو لقاءُ ڪجھ وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو. هڪ ٻي تبديلي اها آئي آهي ته سياسي ماڻهن جي ويجهو اڄڪلھ اهو آهي جيڪو وڌيڪ ڪمائو آهي.

ان سڄي وايومنڊل ۾ سنڌ ۽ هيٺين ۽ وچولي طبقي وارو ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿو. ڀرپور ڪاوڙ ۽ مايوسي جي عالم ۾ وري به کيس مجبوري ۾ انهن کي ئي ووٽ ڏيڻو پوي جيڪي گذريل ٽن عام چونڊن کان اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. جن جي وڏين دعوائن باوجود بنيادي صحت، پرائمري تعليم، روينيو، پوليس،آبپاشي ۽ اهڙن ٻين محڪمن ۾ ترقي جي بجاءِ تنزلي آئي آهي. سنڌ جي ٻهراڙي جا روڊ مڪمل طور تي تباھ آهن. بس کين ڏيکارڻ جي لاءِ سکر آئي بي اي، اين آئي سي وي ڊي، گمس، ايس آئي يو ٽي ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر ٿيل ناهن. ريسرچ جو فقدان آ. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ سهولتن جو فقدان آ. ڇوڪرين جي تعليمي ادارن کي بسون ته مليل آهن پر اهي هلن ڪونه پيون جنهن ڪري اهي پرائمري کان مٿي پڙهي ڪونه پيون سگهن. سنڌ جي موجوده حڪمران ڌر اهڙو ته مضبوط ڄار اڻي ڇڏيو آ جو ان کي ٽُڪڻ هن وقت ناممڪن پيو لڳي. اتر سنڌ جي مشهور پيراڻي گادي جيڪا هميشه پي پي مخالف اتحاد جي سرواڻ هوندي هئي اها به شايد بحران جو شڪار آ. جيڪب آباد کان ٺٽي تائين بااثر وڏيرا يا ته پي پي ۾ شامل آهن يا وري تقريبًا مقامي سطح تي سياسي اڪيلائي جو شڪار آهن. پي پي مخالف سياسي جماعتون ۽ فرد ان جي خلاف جڏهن به ڪو اتحاد ٿا جوڙن ته اهو اُڏام وٺڻ کان اڳ ئي سيٽن جي ورڇ ۽ عهدن تي اختلافن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

هن سڄي صورتحال ۾ سنڌ کي هڪ اهڙي سياسي جماعت جي ضرورت آ جنهن جو سائنسي بنيادن تي قيام ٿئي. جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ هر تعلقي سطح تي، ڀلي هڪ ڪمري واري ئي، آفيس هجي. جنهن جي مقامي قيادت اتان جي عوام جي مسئلي جي حل لاءِ مقامي وڏيري کان اڳ ڪوشش وٺي ۽ مرڪزي قيادت صوبي جي اجتماعي مسئلن خاطر ڀرپور جدوجهد هلائي. ۽ ايندڙ وقت ۾ تيزي سان ايترو نيٽ ورڪ جوڙي جو هر وارڊ سطح تائين ان جا ميدوار هجن. ڇو ته موجوده چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ جيڪي ڪجھ فرد چونڊجي آيا آهن جن جي ڪاميابي ۾ سياسي شعور کان وڌيڪ انهن جي ڪردار جو عمل دخل آ.

(نامعلوم)

تبصرے