مارواڙي عورتن ۽ آغا صاحب جو قصو (اهي ڏينهن اهي شينهن)

پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب  اهي ڏينهن اهي شنهن مان کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندڙ ٽُڪرو 
*************
اوائلي ڏينهن ۾، سنڌ زميندار پريس مارواڙي محلي ۾ هوندي هئي، ۽ پريس جي ٻنهي پاسن ڏانهن مارواڙين جا گهر. انهن مارواڙي عورتن جهيڙي ۽ گارين جي فن کي ترقي وٺائيندي، وڃي هڪ مستقل آرٽ جي حد تائين پهچايو هو. جهيرو ٿي پيو ته هفتن جا هفتا چالو رهندو. هر فريق محلي جي ٻين عورتن کي به وٺي اچي پاڻ سان جهيڙي ۾ شامل ڪندو. ان طريقي سان جهيڙو ڪاٿي به شروع ٿئي ۽ ڪهڙين به ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿئي - پر محلو سارو ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويندو. جهيڙي جو پلان هيءُ هوندو: صبح جو گهر جي ڪم حاج لاهڻ بعد ٻيئي ڌريون گهرن کان ٻاهر نڪري اچي رستي تي ويهنديون، هڪٻئي جي سامهون. وچ ۾ چوني سان اڇو پٽو ڪڍي، طرفين جون حدون نروار ڪيل هونديون - پهريائين هڪ پارٽيءَ جون عورتون اٿنديون. گاريون وسائينديون، هٿن جا چالا ڪنديون، اڇي پٽي تي پهچنديون. ان کان پوءِ هو پوئتي ورنديون ۽ ٻئي طرف واريون اٿي حملو شروع ڪنديون. ساڳيءَ طرح گارين جا ”وڏڦڙا“ وسندا، ۽ هٿ فضا ۾ ڦرندا ايندا. شام  تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. گهر جي ڪم جو ٽائيم آيو ته ”ٽروس“ ٿي ويندو ۽ ٻيئي ڌريون کير کنڊ، جيستائين وري ٻيو صبح اچي ۽ ميدان ڪارزار نئين سر گرم ٿئي. لڙائي هڪ دفعي شروع ٿي ته مهينن جا مهينا پيئي هلندي، پر ان طريقي سان ته روزانه مقرر وقت اندر جهيڙو، ۽ ان کان پوءِ وري ٻئي ڏينهن تائين خير.

ان جهيڙي جي دوران ۾ آيو ويو، جيڪو به رستي تان لنگهندو، ان کي وچ ۾ آڻي پيون هڪٻئي کي پڻينديون - مثلاً:

”اڙي اهو ٽوپيءَ وارو توکي...“

”ٽوپيءَ وارو مون کي ڇو؟ توکي...“

آغا نظر علي خان روزانو ڏهين بجي مهل اخباري پني جي خريداريءَ لاءِ بزار ويندو هو. پريس کان ٻاهر قدم رکندو، ته جهيڙي واريون عورتون سندس اهڃاڻ ڏيئي، هڪٻئي تي گاريون وسائڻ شروع ڪنديون --

”اڙي، اهو ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ وارو تنهنجو....“

”ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو تنهنجي آڪهه جو...“ وغيره وغيره.

روزانه اها ڪارروائي هلندي رهندي هئي، ۽ واٽ ويندي پيو آغا صاحب ائين گهلبو هو، پر مون کي اها خبر ڪا نه هئي.

هڪ ڏينهن آغا صاحب فرمايو: ”اڄ مون سان گڏجي بازار هل ته توکي هڪ اهڙو مزو وٺرايان ٿو، جنهن ۾ مزي جو مزو به ۽ شرع شريف جي به ڪا ڀڃڪڙي ڪا نه.“

آءٌ تيار  ٿيس. آغا صاحب ڊگهي شيرواني زيب تن فرمائي، پوءِ ترڪي ٽوپيءَ کي برش هڻي مٿي تي رکيائين ۽ لڪڻ هٿ ۾ کنيائين. ”مولاد مدد“ ڪري، پير دروازي کان ٻاهر وڌائين. آءٌ به سندس ڪڍ.

مارواڙين جو جهيڙو اڳ ۾ چالو ٿي چڪو هو. پري کان هڪل ڪئي هڪ عورت:

”اڙي! توسان اهو ڊگهي ڪوٽ وارو مولانا...“

ٻيءَ وراڻي ڏني:

”ڊگهي ڪوٽ وارو توسان، تنهنجيءَ آڪهه سان..“

آغا صاحب ڪنڌ ورائي فاتحانه انداز ۾ مون ڏانهن ڏٺو، پر ان وچ ۾، دانهن آئي -

”اڙي اهو ڊگهي ڪوٽ وارو منهنجي آڪهه سان ڇا ڪندو. مان سندس آڪهه...“

يعني گارين جو رخ ڦري پيو ۽ هينئر طرفين جون گاريون سڌيءَ طرح خود آغا صاحب قبلي تي وسڻ لڳيون. عورتن ڏسي ورتو هو ته اهو شخص روزانه جهيڙي جي ٽائيم تي اچي وچ ۾ پوي ٿو، تنهنڪري اڄ ضرور سندس حاج به لاٿي وڃي.

هيڏانهن گارين جي ٽاڙا واڙي تيز ٿيندي ويئي، ۽ هوڏانهن آغا صاحب جا قدم تيزيءَ سان اٿڻ لڳا. گهڙي ڀر ۾ وڃي نيم جي چاڙهيءَ وارن هٽن ۾ پناهه ورتائين. مان ڪيتري به ڪوشش ڪئي، پر آغا صاحب کي پڄي نه سگهيس. تنهنڪري موٽي پريس ۾ آيس. آغا صاحب سارو ڏينهن گهر بدر رهيو. شام جو جهيڙي ختم ٿيڻ بعد ئي واپس آيو. سخت ناراض. مون ڏانهن اکيون کڻي نه سگهي. هليو هو پاڻ به شرعي مزو ماڻڻ ۽ مون کي به راهه هلندي لطف وٺائڻ. مزو مزي جي ماڳ، وچان مٿس گارين جا بادل برسي پيا.

مون کي حڪم فرمايائين ته بطور ايڊيٽر جي آءٌ هڪ زوردار ليٽر پوليس جي فوجدار ڏانهن لکان، جنهن ۾ کيس استدعا ڪريان ته هو انهن عورتن جي جنگ بند ڪرائي، ڇو ته ان مان پاڙي پنبي وارن لاءِ سخت آزار متو آهي. ليٽر ويو. پوليس آئي. جهيڙو بند ٿيو. پر عورتن جي دل ۾ آغا ڏانهن پاڻ زهر وڌيو.

آغا صاحب جو دستور هوندو هو ته صبح ويلي اس وٺڻ جي غرض سان کڏيءَ تي چڙهي ويهندو هو. اها کڏي حاطي واري دروازي جي مٿان هوندي هئي. هڪ ڏينهن آغا صاحب حسب دستور وڃي کڏيءَ تي ويٺو.هيڏانهن هن جو موڙي تي ويهڻ ۽ هوڏانهن مٿانس پٿرن جو وسڪارو شروع ٿيڻ! شڪست خورده مارواڙي عورتن رات جو ئي پنهنجن گهرن ۾ پٿر گڏ ڪري رکيا هئا، جيڪي هينئر آغا صاحب تي وسڻ لڳا.

مان اندر ڪمري ۾ هوس. اوچتو آغا صاحب جون دانهون ڪنن تي پيون. ٻاهر نڪري اچي ڏٺم ته نه فقط کڏيءَ تي پر اسان جي ساري اڱڻ تي پيا پٿر وسن. پوئين دورازي کان نڪري، آءٌ ۽ آغا صاحب وڃي فوجداريءَ ۾ پهتاسون. اتانهون پوليس وٺي اچي ان مصيبت کي ختم ڪرايوسين.

انهن ڏينهن کان پوءِ پريس ۽ پاڙي وارن جا تعلقات ناخوشگوار ٿي پيا ۽ سلامتي ان ۾ ڏٺي ويئي ته پريس جي جاءِ بدلائي وڃي. چنانچ اسان پريس کڻائي، وڃي ڪوئنس روڊ تي هوتچند وڪيل جي جاءِ ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪا ليوڪس پارڪ جي ڀر ۾، ۽ چرچ آف انگلنڊ جي بلڪل سامهون هوندي هئي.

تبصرے