شوڪت حسين شورو: بيٺڪيت ۽ پوءِ جا اثر

17 هين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ هالينڊ ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ انهن فتح ڪيل ملڪن کي ڪالوني جو درجو ڏنو. سندن انهيءَ سامراجي نظام کي بيٺڪي راڄ Colonialism) )سڏيو ويو، جيڪو 20 هين صديءَ جي اڌ ڌاري ختم ٿيو. بيٺڪيت ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي ماڻهن کي محڪوم بنايو ويو، ۽ انهن ملڪن جي سمورن وسيلن ۽ دولت کي ڦري لٽي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويو ۽ پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ وڌايو ويو. بيٺڪيت اصل ۾ غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل هئي. بيٺڪي راڄ انهن ملڪن جي ماڻهن سان غلاميءَ وارو رويو اختيار ڪيو. انگريزن هندستان تي قبضو ڪري پاڻ کي اتي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ مٿانهين، مهذب ۽ برتر قوم سڏيو، ان احساس برتري ۾ هندستان جي ماڻهن کي اڻ سڌريل، جاهل ۽ انتهائي پستيءَ ۾ ڪريل سمجهيو ويو. هتي جي ماڻهن جي زبانن ۽ ڪلچر کي هيٺئين درجي جو ڪري ليکيو ويو، جن جي اڳيان انگريزي تهذيب ۽ ثقافت کي اعليٰ درجو حاصل هو. سامراجي طاقتن اتي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي به فتح ڪرڻ چاهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ذهنن کي متاثر ڪيو وڃي.

هندستان ۾ انگريزن جي حڪومت وڏي عرصي تائين قائم رهي. سڄي هندستان کي فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن انگريزن کي احساس ٿيو ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيترو لڳاءُ آهي ته هنن هڪ ڪاميٽيءَ جي وسيلي نئون سنڌي الف-ب ٺهرايو. هنن سڄي سنڌ ۾ اسڪول قائم ڪري انهن ۾ بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ شروع ڪئي. ان پرائمري تعليم کان پوءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڌيڪ زور انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي ڏنو ويو. انگريزي ٻوليءَ جي وسيلي هنن پنهنجن قدرن ۽ ڪلچر کي مڪاني ماڻهن جي ذهنن تي مڙهيو، اهي پڙهي تيار ٿي نڪتل مڪاني ماڻهو پاڻ کي ”صاحبلوڪ“ سمجهڻ لڳا. تعليمي ۽ علمي ترقي جي پٺيان انگريزن جو پنهنجو غرض ۽ مطلب هو. هنن کي هڪ ته ڪلارڪن ۽ منشين جي ضرورت هئي، جيڪي هيٺين سطح تي سندن بيٺڪيت واري نظام کي هلائڻ جي لاءِ ڪارآمد بنجي سگهن. ٻيو مقصد اهو هو ته پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ انگريز علمي ميدان ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ڪندا رهيا، جن سان سندن حاڪميت کي وڌيڪ استحڪام ملي. اسان جهڙيون محڪوم قومون ائين سمجهنديون رهيون ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي ڀلي لاءِ ترقيءَ طرف قدم آهي، جنهن کانسواءِ اسان جي ذهني ۽ علمي پسماندگي جو ازالو ڪرڻ ممڪن ناهي. اها خبر ڪا نه پئي ته بيٺڪيت جي نظام ۾ علمي ۽ ثقافتي پرماريت جو پهلو لڪل هوندو آهي.

سنڌ جي تناظر ۾ انگريزن جي ڪيل خدمتن تي نظر وڌي وڃي ته مٿئين سطح تي ائين چيو ويندو ته هنن گهڻن معاملن ۾ اسان جون اکيون کولي ڇڏيون. نون علمن جا دروازا کوليا، نئين زندگيءَ سان روشناس ڪرايو، نئين ڄاڻ ڏني، حڪومت جو هڪ نئون نظام رائج ڪيو ۽ صحت جي سهولتن سان ڪيترن مرضن ۽ وبائن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پر انهن سڀني ڳالهين سان گڏ انگريزن اسان جي ڳچين ۾ غلاميءَ جو جيڪو  ڳٽ وڌو، سو سندن وڃڻ جي اڌ صديءَ کانپوءِ به اسين ڪڍي ڪو نه سگهيا آهيون. گذريل 63 سالن ۾ انگريزن جي جاءِ تي آيل نون حاڪمن اسان جي ڳچين ۾ اهو ڳٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو آهي. سنڌ سان اڄ به اهو ئي رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

قومن جي نفسيات تي ذهني غلاميءَ جا اثر نهايت گهرا هوندا آهن. انگريزن جي حاڪميت ختم ٿيڻ کانپوءِ بعد جا اثر اڃا وڌيڪ زور وٺي ويا آهن، انگريز جيڪو ٻج پوکي ويا سو وڌي گهاٽو وڻ بنجي چڪو آهي. ان وڻ جي ڇانوَ هيٺ اسين پنهنجي ثقافت جي رنگن کي وساري ويٺا آهيون، اسين پنهنجي لوڪ ادب تي شرمندگي محسوس ڪري رهيا آهيون. جديد عقل جي آڌار تي ان کي پاڪ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل  آهيون. لوڪ ڏاهپ سان گڏ سموري علمي ورثي کي حقير ۽ جهالت جي نشاني سمجهيو پيو وڃي. ائين ته خراب روايتون، ريتون ۽ رسمون دنيا جي هر قوم ۾ هونديون آهن، پر انهن کي سماجي تبديلي سان سڌاري سگهجي ٿو، نه پاڻ تي کلڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ سان. قومي احساس ڪمتري به هڪ ذهني بيماري آهي، جنهن جون پاڙون صدين جي غلاميءَ ۾ کتل آهن.

ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب Orientalism ۾ ان بابت نئين بحث جي شروعات ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته سامراجي حاڪمن جي وسيلي مطالعو، سمجهه، علم، ڇنڊ ڇاڻ سڀ سندن حاڪمانه چالاڪين سان جڙيل آهن، طاقت (Power) جي بيٺڪيت علمن تي به اثرانداز ٿئي ٿي. ايڊورڊ سعيد لکيو آهي ته يورپي ۽ آمريڪي عالمن جي مشرقي اڀياس جا بنياد اصل ۾ مشرق جي پرماريت تي رکيل آهن. مغربي طاقتون مشرقي قدرن کي گهٽ درجي جو ثابت ڪري پنهنجي احساس برتريءَ قائم رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچن ٿيون. ٻاهرين طاقتن جون حڪومتون نه رڳو پنهنجي حاڪميت جي دور ۾ رعيت جي ذهنن ۽ دماغن کي متاثر ڪنديون آهن، پر حاڪميت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ به ايترا گهڻا ديرپا اثر ڇڏي وينديون آهن، جيڪي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڌندا ئي ويندا آهن. انهن لاڙن کي پاڻ وڌيڪ طاقت ائين ملندي رهي آهي ته اولهه مان آيل هر ڳالهه، هر خيال، هر فڪر کي اسان اکين تي رکيو آهي. اسين پنهنجي ڌرتي جي ڳالهين، فڪر ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي لاءِ مغربي فڪر ۽ راين جو سهارو وٺندا ۽ سندن حوالن کي بنياد بنائيندا رهيا آهيون. اسان پنهنجي تاريخ کي به هنن جي نظر سان پڙهيو ۽ ڏٺو آهي، ان تي پاڻ ٻئي ڀيري ڳالهائينداسين. اصل ڳالهه اها آهي ته ڊگهي عرصي جي مڙهيل تابعداري جا سماجي ۽ ثقافتي تاڃي پيٽي تي گهرا اثر پوندا آهن، جن سان ذهن ڄمي ويندا آهن، ۽ هڪڙو Mind set ٺهي ويندو آهي. سوچ جي ان انداز کي بدلائڻ جي لاءِ ايڊورڊ سعيد جهڙن مفڪرن بيٺڪيت پڄاڻان Post-colonialism جو فڪر اڳيان آندو آهي، بيٺڪي حيثيت مان نڪرڻ، ذهنن کي Decolonize ڪرڻ تبديلي جو عمل آهي. ثقافت تي بيٺڪيت جي رهيل اثرن کي ختم ڪرڻ ۽ بيٺڪيت واري سوچ جي انداز مان نجات حاصل ڪري اڳتي وڌڻ فقط ذهني ۽ سماجي تبديليءَ وسيلي ممڪن آهي.

شوڪت حسين شورو

ڪاوش، جمع 4 جون 2010ع


تبصرے