امڙ

 محمود مغل صاحب ڪاوش ۾ وسعت الله خان جو ھڪ آرٽيڪل ترجمو ڪري رکيو ھئو. جيڪو مائرن جي عالمي ڏھاڙي تي پڙھندڙن لاءِ حاضر آھي.


”جڏهن ابي جي پگهار جا، ساڍا ٽي سئو رپيا پورا ٿي ويندا هئا، تڏهن امڙ، اسان جي پسند جو پڪوان تيار ڪندي هئي. ترڪيب اها ئي هوندي هئي، جو سُڪل مانيءَ جا ٽُڪر، پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا ۽ مهيني جي آخر ۾ انهن ٽُڪرن جو ڀاڳ جاڳندو هو. پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، گڏ هڪ ٻه مُٺ بچيل دالين جي پيسي، جيڪو ڪم اُکري مُهريءَ تي ٿيندو هو، ديڳڙيءَ ۾ وجهي پچڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هو، تان جو زبردست مزيداري حليم ٺهي ويندو هو ۽ اسين سڀ ٻار، اهو حليم، آڱريون چٽي کائي ويندا هئاسين. امان لاءِ صرف ديڳڙيءَ جي تَري ۾ لڳل ڪجهه ٽُڪر ئي بچندا هئا. امڙ جو چوڻ هو ته ’کُرڙ جو مزو اوهين ڇا ڄاڻو!‘ امان سُگهڙ به اهڙي هوندي هئي، جو هڪڙي ڏينهن گوبي رڌبي هئي ته ٻئي ڏينهن وري انهيءَ گوبيءَ جي پنن ۽ ڏانڊين جي ڀاڄي تيار ٿيندي هئي ۽ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو ته گوبيءَ جي ڀاڄي مزيدار وڌيڪ هئي يا انهن ڏانڊين پنن جي ڀاڄي.

امان جڏهن به بازار ويندي هئي ته غفوري درزيءَ جي دُڪان جي ڪُنڊ ۾ پيل ڪپڙي جي ڪاتر جي ڳنڍ ٻڌي کڻي ايندي هئي. ڪجهه عرصي کانپُوءِ اها ڪاتر، وهاڻن جي نئين ڇئن ۾ ڀرجي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته امڙ چواڻيءَ ’هڪ ته مهانگي ڪپهه وٺو ۽ مٿان وري ڪپهه ۾ ڪيئان به ته ٿي سگهن ٿا‘. ڪاتر سان ڀريل انهن وهاڻن تي امان رنگ برنگي ڌاڳن سان شعر ڀريندي هئي، جي ڪڏهن لاڏ ۾ ايندي هئي ته کلندي چوندي هئي ’توهان شهزادن ۽ شهزادين جا ته نخرا ئي نٿا کُٽن..... سُمهو به شاعريءَ تي مٿو رکي ٿا‘.

عيد جي موقعي تي، سڄي پاڙي جا ٻار غفور درزيءَ کان ڪپڙا سُبرائيندا هئا. اسان ضد ڪندا هئاسين ته امان چوندي هئي ’اهي ته مجبوريءَ ۾ سبرائين ٿا ڇاڪاڻ ته انهن جي گهرن ۾ ڪنهن کي سُبڻ ٽاڪڻ اچي ئي ڪونه ٿو.... مان ته پنهنجي شهزادن ۽ شهزادين لاءِ هٿن سان ڪپڙا سُبنديس‘ جمعته الوداع جي مبارڪ ڏينهن، ابو بافتي ۽ رنگين ڇيٽ جا ٻه اڌڙ اڌڙ تاڪيا، الائي ڪٿان خريد ڪري گهر ايندو هو. بافتي جي اڌ تاڪئي مان بابا ۽ ٽنهين ڇوڪرن جا، جڏهن ته ڇيٽَ جي ٿان مان ٻنهي ڇوڪرين ۽ امان جا وڳا ڪٽبا هئا. ۽ پوءِ امان، اسان سڀني کي سُمهارڻ کانپوءِ، سحريءَ تائين، ڀت پريان ڪُوارٽر واري نصيبن آپا جي گهران آندل سلائي مشين تي ويهي، اهي ڪپڙا سُبندي هئي. نصيبن آپا هر سال انهيءَ شرط تي مشين ڏيندي هئي ته سندس ۽ سندس مڙس جا وڳا به امان ئي سُبي ڏيندي هئي.

اسين سڀ ڀيڻ ڀائر، جڏهن ٿورا سانڀر ۾ ٿياسين ته اسان کي ڏاڍو عيب لڳندو هو ته پاڙي جا باقي ٻيا سڀ ٻارڙا، نَوَن نوَن رنگن وارا، الڳ الڳ چمڪيلا ڪپڙا پائيندا هئا، ۽ اسان جي گهر ۾ سڀ هڪ جهڙا ڪپڙا پائين ٿا، پر امان جي ان جواب کان اسين سڀ مطمئن ٿي ويندا هئاسين ته ”هڪ جهڙن ڪپڙن پائڻ سان، ڪُٽنب ۾ محبت قائم رهندي آهي ۽ پوءِ اهڙن ڪپڙن ٺاهرائڻ جو ڀلا فائدو ئي ڪهڙو جنهن کي توهان عيد گذرڻ کانپوءِ پائي ئي نه سگهو“.

ننڍڙي عيد، هونئن به اهو اڪيلو ڏڻ هوندي هئي، جنهن تي ابو، سڀني ٻارن کي هڪ هڪ رپي وارو چنڊ تاري وارو وڏو سڪو ڏيندو هو. جنهن جي انتظار ۽ خرچ ڪرڻ جي سوچ ۾ چنڊ رات اکين ئي اکين ۾ ڪٽجي ويندي هئي. صبح ساڻ، نماز کانپوءِ اسان ٻارن جي شاپنگ شروع ٿي ويندي هئي. سڀ کان پهرين هر ٻار، ڪوڏوءَ جي گاڏڙي تان، هڪ هڪ پنيءَ واري گول عينڪ ضرور وٺندو هو، جنهن کي پائي چال ئي مٽجي ويندي هئي. پوءِ سڀئي چانديءَ جي ورقن واري، مٺي گدامڙي ان لالچ ۾ خريد ڪندا هئاسين ته رفيق آفيمي، هر هڪ کي گدامڙي ڏيندي، تيلي ٻاري، گدامڙيءَ مان ڀمڀٽ ڪڍندو.

وري ٽولگرن جي ٺاهيل مٽيءَ، رنگين ڪاغذ ۽ بانس جي تيلين مان ٺهيل رانديڪن جو وارو ايندو هو. آخر ۾ بس ايترا پئسا بچندا هئا، جو سوڍي جي هڪ بوتل اچي سگهي. اسين پنج ئي ڀاءُ ڀيڻ، واري واري سان هڪ هڪ ڍڪ ڀريندا هئاسين ۽ بوتل تي نظرون کُپائي ويهندا هئاسين ته متان ڪو وڏو ڍُڪ نه ڀري وٺي.

قربانيءَ واري عيد تي سڀني گهرن ۾ قرباني ٿيندي هئي سواءِ اسان جي گهرَ جي، پر هتي به امڙ جي اها منطق دل کي لڳندي هئي ته ”جيڪي ماڻهو ڪنهن سببان، دنيا ۾ قرباني نه ٿا ڪري سگهن، انهن جا ٻڪرا، الله سائين مٿي گڏ ڪندو رهندو آهي. جڏهن اسان مٿي وينداسين، ته سڀ جانور گڏي قربان ڪنداسين، انشاءَ الله“

هڪ دفعي گُڏيءَ پڇيس”امان، اسان ڇا جلدي مٿي نه ٿا وڃي سگهون؟“

هر سوال تي، اسان کي مطمئن ڪندڙ منهنجي ماءُ، چپ ٿي وئي ۽ اسان کي اڱڻ ۾ ڇڏي، اڪيلي ڪمري ۾ هلي وئي. اسان ٻارن پهرين ڀيرو ڪمري مان سُڏڪن جو آواز ٻڌو، پر ڪنهن کي به جهاتي پائڻ جي همٿ نه ٿي. سمجهه ۾ نه آيو ته آخر گُڏيءَ جي ڳالهه جي ڪري، روئڻ جو ڪهڙو سبب هو!؟

ڇهن ستن مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن امان رڌڻي ۾ ڪم ڪندي ڪندي ڪري پئي. ابو نوڪريءَ تي هو ۽ اسين سڀ اسڪول. گهر اچي خبر پئي ته نصيبن آپا امان جي رڙ ٻڌي ڊوڙندي آئي۽ پوءِ گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي ويٺل، ڊاڪٽر محسن کي وٺي آئي. جنهن ٻڌايو ته امان جي دل اوچتو ساٿ ڇڏي وئي.

امان کي دفنائڻ کانپوءِ، هڪ ڏينهن گڏيءَ منهنجي ٻانهن جهلي ورتي ۽ اهو چوندي ڦاٽي پئي ته ”پاڻ ته مٿي وڃي، اڳلي عيد تي، اڪيلي اڪيلي ٻَڪر ڪٽيندي“


تبصرے