انيتا شاه: مادرِ علميون، استاد ۽ تحقيق!

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ منور ابڙي جو ٺاهيل هڪ ڪارٽون ڏٺم، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جي عڪاسي ٿيل هئي. بس جي مٿان، پٺيان، اندران، ٻاهران شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڄڻ ته بس جي درن ۽ درين منجهان وهن پيا. جن پڙهندڙن کي يونيورسٽيءَ جي انهن پوائنٽن ۾ چڙهڻ جو اعزاز نصيب نه ٿيو هوندو، انهن شايد انهيءَ ڪارٽون کي وڌاءُ سمجهيو هجي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن شاگردن کي ضرور انهيءَ ڪارٽون جي حقيقت پسندي ۽ حقيقي منظر نگاري جو احساس ٿيو هوندو. اهو ڪارٽون ڏسي مون کي به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارو وقت اچي ياد پيو. 1997ع ۾ جڏهن مان بي بي اي جي ٽئين سال ۾ پڙهندي هئس، تڏهن ڪاوش ۾ هڪڙو آرٽيڪل ”آءِ بي ايس جو دڙو“ جي عنوان سان لکيو هئم (آءِ بي ايس معنيٰ انسٽيٽوٽ آف بزنس اسٽڊيز، جيڪو هاڻي آءِ بي اي يعني انسٽيٽوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ٿي ويو آهي) جيتوڻيڪ سڄيءَ سنڌ جي تعليم کي مئلن جي ڪنهن دڙي سان ڀيٽجي ته ڪجهه غلط ڪو نه ٿيندو، پر تڏهن مون کي پنهنجو پيارو آءِ بي ايس ئي دڙو ٿيندو ڏسڻ ۾ آيو هئو.

انهيءَ آرٽيڪل ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه پوائنٽ بسن ۾ سفر واري تجربي جي اکيون کيريون ڪندڙ روشنيءَ ۾ لکيو هئم ته، ”جيڪڏهن ڪي ڪوتاهه نظر سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي سرشتي تي مطمئن ناهن ته کين اهو ڏسڻ گهرجي ته سنڌ يونيورسٽي ڪهڙين نين روايتن ۽ تربيتن جا رواج وجهي رهي آهي. پڙهي ته سڄي دنيا ٿي آخر ڪيستائين اسان جڳ جهان جي پوئلڳيءَ جو کارو کڻي هلندا رهنداسين؟ ڪڏهن ته اسان به ڪنهن نواڻ جا علمبردار ليکجون.“ سنڌ يونيورسٽي شاگردن ۽ خاص طور تي شاگردياڻين جي لاءِ جديد جسماني تربيت جو اهڙو ته خاص الخاص بندوبست ڪيو آهي، جيڪو توهان کي دنيا جي سڀ کان اڳڀرن ملڪن ۾ به ڳولهيو ڪو نه لڀندو. ها باقي ايترو ضرور ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٿر ۾ ڇڪڙن وسيلي لڳ ڀڳ انهيءَ جهڙي جسماني تربيت عوام کي ڏني وڃي ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جديد جسماني تربيت جي سري هيٺ جيڪو ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سيکاريو وڃي ٿو، يا جيڪو ڪجهه وقت جو وحشي گهوڙو سيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، سو ڪجهه هن ريت آهي.

(1) ڊوڙون پائي سيڪنڊن ۾ پوائنٽ جي پٺيءَ کي چنبڙي پوڻ ۽ پوءِ ڇت تي پهچي وڃڻ، جيڪڏهن ڇت تي جاءِ نه بچي هجي ته پوءِ پوائنٽ جي پٺيءَ کي ئي چنبڙيو رهڻ. اها تربيت ٻه اکيائي ۽ جنسي تعصب جي بنياد تي اڃا تائين صرف ڇوڪرن کي ملي رهي آهي. پر هوائن جو طرف ۽ بسن جو انگ ظاهر ڪري ٿو ته روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪندي تمام جلد اها تربيت شاگردياڻين کي به ڏني ويندي.

(2) پوائنٽ جي ”اڳوڻي گيٽ“ جي خالي ڇڏيل جاءِ تي لڙڪي پوڻ. اڳوڻي گيٽ جو لفظ انهيءَ ڪري ڪتب آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو پوائنٽن مان گيٽ به پنهنجي جاءِ خالي ڇڏي ڏيندا آهن ته من اها جاءِ ڪنهن غريب شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي لڙڪڻ ۾ ڪم اچي. بس جي گيٽ جي خالي يادگار سان چنبڙي پوڻ جا اها مثالي تربيت (Gender Equality) يعني مرد ۽ عورت جي برابريءَ واري فلسفي تي عمل پيرا ٿيندي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڏني وڃي ٿي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ جسماني تربيت جي انهن ڊوڙن ڊُڪن ۽ ٺينگن ٽپن دوران ڪجهه شاگردياڻيون ٽنگون ڀڃائي زخمي ٿيون ته ڪن شاگردن زيرو پوائنٽ تي جام شهادت نوش ڪري تربيت کان محرومي اختيار ڪئي، پر يونيورسٽي انهن معمولي واقعن جي ڪري همت ڪانهي هاري ۽ اها تربيت اڳ کان اڳڀري آهي.

اهو ته احوال هو انهن شاگردن جو، جيڪي حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان يونيورسٽي جي بسن يا ٻي ٽرانسپورٽ وسيلي ڪلاڪ کن ۾ ڏکيا سکيا يونيورسٽيءَ پهچي وڃن ٿا. پر ڪي شاگرد ته پري پري جي شهرن کان بسن ۽ ٽرينن جا سفر ڪري سيءَ پارا ۽ ٻاريندڙ ڪاڙها جهلي پهچن ٿا ۽ پوءِ آڌيءَ مانجهيءَ گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا. ايڏا ڪشالا ڪري جڏهن اهي مورک شاگرد يونيورسٽيءَ پهچن ٿا ته کين يونيورسٽيءَ ۾ استادن وٽان ڇا ٿو ملي؟

يونيورسٽيءَ جا ڪلاس:

     ڪلاسن ۾ اڪثر استاد اهي ئي رٽيل پٽيل نوٽس وڏي چاهه سان پڙهائين ۽ لکرائين ٿا، جيڪي کين سندن استادن پڙهايا هوندا ۽ هنن وري انهيءَ ثواب کي جاري رکندي ۽ پنهنجي مرحوم استادن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ شاگردن جي هر بئنچ کي پڙهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪئي هوندي.

       منهنجي هڪ دوست اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ وئي آهي. هن مون کي اي ميل ۾ لکيو آهي ته کيس اُتي به گهڻي ڀاڱي اُهي ساڳيا ئي سبجيڪٽس پڙهايا وڃن پيا، جيڪي هن هتي پڙهيا هئا، پر هُتي ۽ هِتي جي وچ ۾ ستن سمنڊن جو نه، پر زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. هتي جن استادن اهي مضمون پڙهايا، تن اٻوجهن کي پاڻ ئي انهن جي افاديت ۽ استعمال جي خبر ڪا نه هئي ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته جن کان استاد پاڻ ئي ناآشنا هوندا، انهن جو علم هو شاگردن تائين ڪهڙي ريت منتقل ڪري سگهندا. هن لکيو ته، اڪائونٽنگ، آپريشنز ريسرچ، اسٽيٽسڪس ۽ ميٿميٽڪس جهڙا مضمون اسان کي ائين پڙهايا ويا، ڄڻ اهي ڪي مافوق الفطرت علم هجن ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ سندن ڪو به استعمال نه هجي.

       ٿيندو هينئن هو جو اسان کي ڇهن مهينن جي ڊگهي سيمسٽر دوران هڪ انتهائي اهم ۽ هيڏي ساري مضمون مان اڪثر استاد رڳو ايترو مس پڙهائيندا هئا، جنهن منجهان ست يا اٺ سوال ٺهي سگهن ته جيئن انهيءَ مضمون جو پيپر ٺاهي سگهجي ۽ انهيءَ پيپر مان به اسان کي اٺن مان چونڊي پنج سوال ڪرڻا هوندا هئا. سو گهڻا سهل پسند ۽ عقلمند شاگرد ته ستن بدران پنجن سوالن جي تياري ڪرڻ ئي ڪافي ڀائيندا آهن ۽ امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيندا آهن. انهيءَ ئي حوالي سان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڄامشوري جي ئي ڪنهن يونيورسٽي جي هڪ فيڪلٽي ٽاپ ڪندڙ شاگرد کي سندس شاندار مارڪن آڌار يورپ جي هڪڙي وڏي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي، جتي پهرين ئي سيمسٽر ۾ ناپاس ٿي دل برداشته ٿي پيو ۽ پنهنجي آلماماٽر جي وائيس چانسلر کي هڪڙو دل جليو خط لکيائين، جنهن جي باري ۾ پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندا ته هن ڇا لکيو هوندو؟ معيارن جا اهي ايڏا فرق هنن حالتن ۾ ڪهڙي ريت گهٽائي سگهبا؟ انهيءَ سوال کي توهان جي سوچ جي گهرج آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر اسان کي يونيورسٽي ۾ هڪ انتهائي اهم انگن اکرن وارو مضمون پڙهائڻ واري استاد لاءِ اسان کي اسان جن سينئرز ٻڌايو ته هن جيڪي سوال ڪلاس ۾ ڪرايا آهن، (جيڪي مشڪل سان اٺ نوَ هوندا) تن جي پريڪٽس چڱيءَ طرح ڪري وڃجو، سر ٻيو ته ٺهيو پر سوالن ۾ Figere به ساڳيون رکندو آهي. تن ڏينهن ۾ ته اها ڳالهه ٻڌي اسان جي خوشيءَ جي ڪا حد ڪا نه رهي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ خوفناڪ مضمون کان اسان ايڏا ته ڊنل هئاسين جو مرڳو ڊپ هو ته ڪٿي فيل نه ٿي پئون، پر هاڻي جڏهن سوچيان ٿي ته شديد افسوس ٿئي ٿو ته جن استادن جي نالن جي تختين تي ڊاڪٽر ۽ پروفيسر جا Affixes لڳل آهن، ڪاش هو انهن Affixes سان نڀائڻ ۽ انهن لفظن جو مان رکڻ جي سوچ به ڪڏهن ڪري سگهن. هتي ته حالت اها آهي، جو ڪنهن به قسم جي محنت کان جند آجي ڪرائڻ جي لاءِ ۽ يونيورسٽيءَ پاران هر سال يا ڇهين مهيني سليبس جي تبديلي يا واڌ لاءِ يا پراڻا ڪتاب بدلائڻ لاءِ ڪا به پاليسي مروج ڪانهي، يا جيڪڏهن آهي به ته انهيءَ تي عمل نٿو ڪيو وڃي. مون اهي ئي آڳاٽي زماني وارا ڪتاب پڙهيا، جيڪي منهنجن استادن ۽ انهن جي به استادن پڙهيا ۽ مان پڪ سان چوان ٿي ته ڇهن ستن سالن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين به ساڳيا ئي ڪتاب اڄ جي نسل کي پڙهايا ويندا هوندا. دنيا جي تختي تي ڪهڙيون ترقيون ۽ تبديليون ٿين پيون، مختلف مضمونن ۾ تحقيقون ڪري ڪهڙن نظرئين کي رد ڪري نوان نظريا ڏنا ويا آهن، انهيءَ سان اسان جو ڪو تعلق ڪونهي، اسان هونئن ئي وفاداري جو ثبوت ڏيندي هڪڙا Branded قسم جا ڪتاب تمام معتبر ۽ مانوارا سمجهي هينئين سان هنڊايون ويٺا آهيون. سڄيءَ دنيا جي اسٽينڊرڊ يونيورسٽين ۾ هر ڇهين مهيني يا وڌ ۾ وڌ هر سال تي سليبس کي Revise ڪري انهي ۾ گهرج پٽاندڙ تبديليون ڪيون وينديون آهن، پر اسان وٽ انهي کي به غير ضروري تصور ڪيو وڃي ٿو.

تحقيق جي اڻ هوند:

  سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ۾ ڪراچيءَ کي ڇڏي ٻن يونيورسٽين ۾ ٻين ڪئين چڱن رواجن سان گڏو گڏ تحقيق جو رواج پڻ پئجي نه سگهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي هر سال بيروزگارن جي هڪ فوج پيدا ڪري ٿي، باقي يونيورسٽيءَ جو اصل ڪم ڇا آهي، انهيءَ تي سوچڻ جي تڪليف ڪنهن کان به نٿي پڄي. يونيورسٽيون ڪنهن به ملڪ ۽ سماج ۾ سوچڻ ۽ رهنمائي ڪندڙ ادارن جو ڪم ڏينديون آهن. دنيا جي تختي تي اڄ اسان جيڪي به چڱايون ۽ ترقيون پسون ٿا ۽ سندن کٽيو کائون ٿا، سو سڀ تحقيق ۽ تدبير جي نتيجي ۾ ئي ممڪن بڻيو آهي. اهو يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ استادن جي Job Description جو هڪ اهم حصو آهي ته هو پڙهن، تحقيق ڪن، ڳولها ڪن ۽ جي نه ته وٽن اهو ڪجهه ڪٿان ايندو جيڪو هو علم جي طالبن تائين پهچائي سگهن.

  پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، خود ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به تحقيق تي زور ڏنو وڃي ٿو. مون کي گهڻي تفصيل ته خبر ناهي، پر اڳئين سال ڪراچي جي ساحل تي يوناني جهاز تاسمان اسپرٽ مان جيڪو تيل وهي ڦهلجي ويو هئو، انهيءَ لاءِ به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ تحقيق ڪري هڪ اهڙو بيڪٽيريا دريافت ڪيو، جنهن جي Application سان ساحلن تان تيل جي ڪري ڦهليل گندگيءَ وارو مسئلو ئي حل ٿي ويو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ته تحقيق جو حال اهو آهي، جو اتان جا محقق اکين جا نور نچوئي، ڊُڪي ڊوڙي الاءِ ڪٿان ڪٿان مواد هٿ ڪري اسان کي اسان جن ملڪن جي باري ۾ تحقيق ۽ مطالعا ڪري نوان خيال ۽ سوچڻ جا نوان انداز عطا ڪن ٿا. رڳو اسٽينلي وولپرٽ Stanley Wolpert جو مثال ئي اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. اسٽينلي وولپرٽ لاس اينجلس جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ تاريخ واري شعبي ۾ پروفيسر آهي. (سندس مثال ڏسي سوچجي ٿو ته اسان جا تاريخ وارا شعبا ڪهڙا ڪارناما پيا ڪن) وولپرٽ کي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ تي هڪ ماهر جي حيثيت ڏني وڃي ٿي. هن محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽي، جواهر لعل نهرو، گوکلي ۽ ٻين تي تحقيق ڪري جيڪي شاندار ڪتاب لکيا آهن، تن ڏکڻ ايشيا جي انهن مختلف سرموڙ تاريخي شخصيتن بابت اسان جا خيال ئي بدلائي ڇڏيا آهن ۽ اسان وات پٽي رڳو ڪتاب پڙهڻ ۽ واهه واهه ڪرڻ ۾ پورا آهيون. اها آهي پروفيسر جي ليول! جيتوڻيڪ اسٽينلي وولپرٽ پنهنجي نالي سان پروفيسر جو حرف نٿو لڳائي، پر اسان جي پروفيسرن کي انهيءَ تي ويچارڻ گهرجي ته پروفيسر رُڳو سڏائڻ ڪافي ڪونهي، اهو لفظ ڪمائڻو پوندو آهي. اسٽينلي وولپرٽ ۽ ٻين اهو لفظ صحيح معنيٰ ۾ ڪمايو آهي. اسان وٽ تحقيق جو حال اهو آهي ته ايم اي جي ڊگري لاءِ Research Monograph تحقيق ۽ محنت ڪرڻ بدران ڪا پراڻي رپورٽ فوٽو ڪاپي ڪرائي پنهنجي نالي سان جمع ڪرائي وڃي ٿي، الا الا خير سلا! شاگرد به خوش، استاد به آجا.

  جيتوڻيڪ ٿيڻ هيئن گهرجي ته شاگردن کي باقاعدي سيکارجي ته تحقيق ڪيئن ڪبي آهي، تحقيق جا طريقا ڪهڙ اآهن؟ ڪتابن مان حوالا ڪيئن ڳولهبا ۽ ڪيئن کڻبا آهن؟ پر استادن کي هڪ ته پاڻ ئي خبر ڪانهي، ٻيو جن کي خبر آهي، سي وري سوچين ٿا ته، ”ٺيڪ آ، جيڪو نظام جيئن هلي پيو، تنهن کي تيئن ئي هلڻ ڏجي!“ ريسرچ جي ٿيسس لکڻ سان گڏو گڏ لکرائڻ تي به مٿاڪٽ ٿئي ٿي. انهيءَ مغز ماري کان بچڻ لاءِ استاد انهيءَ مصيبت ۾ هٿ ئي نٿا وجهن. ڪي استاد ته خير ٿوري گهڻي ڇنڊ پٽيندا آهن، اهو سڃاڻي ته ريسرچ فوٽو ڪاپي ٿيل آهي. پر ڪي جوڌا ۽ جوڌيون ته پاڻ صلاح ڏيندا آهن ته ڪو مسئلو ناهي، فوٽو ڪاپي ڪرائي وٺو ۽ انهن ڳالهين جي ڪري اسان پنهنجا اهي حال ڪيا آهن ۽ هن ڪهاڻي جي سڀ کان ڪڙي حقيقت اها آهي ته اسان جي استادن ۽ انتظاميه کي تحقيق جي اهميت جي الف ب جي به خبر ڪانهي، ۽ شاگردن توڙي استادن جو ٽارگيٽ آهي، امتحان ۽ امتحان پڄاڻان هڪڙي سکڻي ڊگري، جنهن جي مارڪيٽ ۾ ڪا اهميت باقي ڪانهي بچي، ڇاڪاڻ جو اسان حقيقت جي دنيا ۽ پروفيشنلزم سان پنهنجو ڪو به تعلق جوڙي ڪو نه سگهيا آهيون.

   سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي جو انهيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي ته شاگردن کي فيلڊ ۾ موڪلي، انهيءَ قابل بنائجي، جو هو جڏهن اتان ايم اي ڪري نڪرن ته واقعي به جرنلزم جا ماهر ٿي نڪرن. بلڪه کانئن وڌيڪ ته اهي صحافي ڄاڻندا هوندا، جن وٽ جرنلزم ۾ ايم اي جي ڊگري ته ڪانهي، پر صحافت جو سٺو تجربو اٿن.

استادن جي انا:

       جتي قابليت ۽ ڪارڪردگيءَ جي گهٽتائي هوندي آهي، اُتي انائن جون ديوارون مٿي ٿي وينديون آهن. يونيورسٽيءَ ۾ اڪثر محنتي ۽ اهل شاگرد اهي دانهون ڪندا ٻڌبا ته جيڪڏهن هو استادن کان ڪو سوال پڇن ٿا، يا وٽن سندن مضمون سان لاڳاپيل ڪو اهڙو مسئلو کڻي وڃن ٿا، جيڪو هو اُڪلائي نٿا سگهن ته هو انهيءَ مامري کي پنهنجيءَ انا جو مسئلو ٺاهي ڇڏين ٿا ۽ انهيءَ ڳالهه جو حساب ڪتاب هو امتحان ۾ فيل ڪرڻ، غير حاضر ڪرڻ يا گهٽ مارڪون ڏيڻ جي صورت ۾ وٺي شاگردن کي رلائي ڇڏين ٿا. يونيورسٽي جا اڪثر استاد توهان کي لائبريرين ۾ مطالعي يا شاگردن جي Counselling ڪرڻ بدران پنهنجي آفيسن ۾ مختلف ڪرتن ۾ مصروف نظر ايندا.

       منهنجي خيال ۾ استادن کي تنگ نظريءَ کان ڪم وٺڻ بدران وڏي دل ڌاريندي پنهنجيون ڪچايون محنت ۽ مطالعي وسيلي دور ڪرڻ گهرجن. تازو مون کي يو ڪي جي يونيورسٽي ۾ رسرچ لاءِ اتان جي ڪنهن پروفيسر پاران Placement letter گهربل هئو، سو هڪ دوست جي حوالي سان کيس پنهنجي Resume اي ميل ڪيم ۽ آسرو لاهي ڇڏيم ته ڪو جواب ملندم، پر مون کي ويساهه نه پيو اچي، جڏهن مائي سڳوري نه رڳو دلچسپيءَ جو اظهار ڪرڻ فرمايو، بلڪه هڪ مهيني جي مختصر عرصي ۾ مو ن کي گهربل خط ٽپال، فيڪس ۽ اي ميل وسيلي موڪلي به ڇڏيائين ۽ مان سوچيندي رهجي ويس ته اهي ماڻهو ائين ڇو ٿا ڪن؟ انهيءَ ڪري جو انهيءَ سان سندن ملڪ ۾ اداري جي ناماچاريءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو. اسان سندن ادارن ۾ وڃي تحقيق ڪيون ٿا، کانئن صلاحون مشورا وٺون ٿا، اسان جي تحقيق سندن اداري جي نالي سان ڇپجي ٿي، اسان پنهنجي آڌار سندن ادارن ۾ سيمينار يا ليڪچر ڏيون ٿا، اهو به هو پنهنجي اداري جي لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ ڀانئن ٿا. مان ڪا تعليمدان ڪو نه آهيان، پر مون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نه رڳو 6 سال گذاريا آهن، بلڪه تڏهن کان وٺي ڪڏهن به اهو چاهڻ ڇڏي ڪا نه سگهي آهيان ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي انهيءَ جو شاندار ماضي موٽي ملي ۽ سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جون سڀئي يونيورسٽيون نه رڳو پاڪستان، پر عالمي سطح تي پنهنجي قابليت ۽ ڪارڪردگيءَ آڌار مڃتا ماڻڻ جهڙيون ٿين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ مون اتي جي تعليمي سرشتي جي کوٽن، شاگرد سياست جي نالي ۾ دهشتگردي، ٽرانسپورٽ جي مسئلن، لائبريرين ۾ ڪتابن جي کوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ڪيئي آرٽيڪل لکيا، جن جي نتيجي ۾ تمام گهڻي مخالفت ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيم. ڪجهه ڏاهن جو خيال هئو ته ائين پنهنجن ادارن تي تنقيد ڪرڻ سان اسان جا ادارا بدنام ٿيندا. ٿوريون گهڻيون ڪچايون ڦڪايون، جتي ڪٿي آهن. تنهن جي ڪري پنهنجي ادارن کي Promote ڪجي. سو ايترا سال ماٺ ڪري سوچيندي رهيس ته مسئلن تي ڳالهائڻ، مٿن سوچڻ ۽ سُلجهائڻ ۾ اسان جي چڱائي آهي. اها ئي صحيح واٽ آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي اسان جو اصل آجپو آهي.

       شاگرد جڏهن يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺي نوڪريءَ جي ڳولها شروع ڪن ٿا ۽ فيلڊ ۾ وڃن ٿا، تڏهن هو Realize ڪن ٿا ته هنن ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي ادارا جن مقصدن لاءِ جوڙجن ٿا، جيڪڏهن هو انهن مقصدن جي پورائي لاءِ ڪا به وک نٿا وڌائين ته پوءِ انهيءَ فضول ڊگري لاءِ مائٽ پنهنجا پگهر جا پورهيا ڪري ڇو پنهنجي اولاد کي يونيورسٽين ڏانهن اماڻين ۽ شاگرد ڇو اهي اذيتون سهن، جن کي توهان منور ابڙي جي ٺاهيل ڪارٽون ۾ ڏٺو هوندو. اهو ته بلڪل ائين آهي، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مشهور چوڻي آهي ته،

اٺ آنا اُٺ، ٻارنهن آنا گهلاڻي
ڪري پوي کوهه ۾، ته رپيو ڪڍاڻي


ڪاوش: 15 فيبروري 2005ع

تبصرے