ڪتابن جو موهه (حسين ڪپري)



هو ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ ۾ هوشيار هو. جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن ڪتابن جو شوق اهڙو چڙهندو ويس جو ٻيا سڀ ڪم ڪار وساري ڇڏيائين. سندس واپاري برادري جا ماڻهو جيڪي زندگي جي هر موڙ تي آني ٽڪي جو حساب لڳائين ٿا تن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪتابن ۾ آهي ڇا، جو ونود ڪمار لائبررين جا چڪر لڳائي، بڪ اسٽالن تي وقت وڃائي ۽ پرايا ڪتاب ڦٻائڻ جي چڪر ۾ بهانا بنائي ٿو. هن سٺي نوڪري ورتي نه واپار ڪيو. هيڏانهن جو رهيو نه هوڏانهن جو. لونگ مل هن جو ڪلاسي هو، وڌيڪ ڪو نه پڙهيو ميٽرڪ پاس ڪري وڃي ريزڪي هٽ کوليائين. چون ٿا هاڻي ڪروڙن تي مٿو ڌوئي ٿو. سندس برادري جا ٻيا ماڻهو جن انهي کان وڌيڪ ڪمايو سي انڊيا لڏي ويا. اتي وڃي ڪاروبار ڪيائون هاڻي ڏاڍا آسودا آهن.

سڀني کي خبر آهي ته هي پاڻ وارو يار مهيني جي پڇاڙي ۾ سورن ۾ ته ڪو نه هوندو آهي پر تڏهن به صرفي ۾ ضرور هوندو آهي. اهو ڄڻ ته من موجي جو سودو آهي. ماڻهو گنگا اشنان ڪرڻ چاهين ٿا، دلپشوري لاءِ بينڪاڪ وڃڻ جا پروگرام ٺاهين ٿا ۽ تن من جي سک لاءِ ٻيون الائي ڪهڙيون خواهشون رکن ٿا پر هن کي ڪنهن سٺي لائبرري گهمڻ جي تمنا آهي. يورپ ۾ اهڙيون جام لائبرريون آهن جن ۾ قطار در قطار المارين ۾ سوين ڪتاب سليقي سان الف بي وار ترتيب ۾ سجايل آهن. هو هڪ باذوق ماڻهو آهي، مطالعي دوران جتي به ڪو ڪتاب ڇڏيندو، اتي مور جو کنڀ صفحن جي وچ ۾ رکي ڇڏيندو آهي. کيس اهڙن پڙهندڙن تي ڪاوڙ اچي ٿي جيڪي ڪتاب جي پني جي ڪنڊ ورائي نشان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن اڌ پڙهيل ڪتابن سان همدردي به محسوس ٿئي ٿي. شايد ڪنهن انهن کي اڌ ۾ ڇڏيو هوندو، ڪو ضروري ڪم ياد اچڻ تي. ”ماڻهن کي ڪتابن کان وڌيڪ ڪهڙا ڪم ضروري هوندا آهن؟“ هو سوچيندو آهي.

ڪتابن جا پهريان ايڊيشن هن کي ڪنواري ماين وانگر لڳندا آهن. نون ڪتابن جي ڪاغذ جي مخصوص خوشبو ۽ پڙهڻ جي ان متوقع مزي لاءِ دل هجوم ۽ مشغولين ۾ هئڻ باوجود به اڪيلاين ۽ فرصتن لاءِ واجهائيندي آهي. پگهار جو ڳچ حصو انهن کي ٽپال ذريعي ٻاهران گهرائڻ تي خرچ ٿي وڃي ٿو. يارن جي محفل ۾ جتي نئين ڪارن، پراڻين شرابن ۽ سهڻين عورتن جو ذڪر نڪري ٿو اتي به هي ڪتابن جون ڳالهيون کڻيو ويهو رهي. ماڻهو فيس بڪ تي دلچسپ ۽ اکين کي ٺارڻ واريون تصويرون رکن ٿا پر هي هميشهه نون ڪتابن جا فوٽو لڳايو ڇڏي. هو ته پنهنجي ليکي پڙهڻ جو شوق وڌائڻ لاءِ ائين پيو ڪري پر ماڻهو کيس اهڙو بيوقوف شخص سمجهن ٿا جيڪو حقيقي زندگي ۾ رهجي ويل خالن جو پورائو ڪتابن سان ڪرڻ چاهي ٿو.

رومانٽڪ ناول پڙهندي ڪڏهن کيس پنهنجي ڪلاس فيلو اوشا ڀاٽيا ياد اچي ويندي آهي جيڪا پسند ته هن کي ڪندي هئي پر جڏهن وقت آيو ته گتن واري سيٺ، اقليتي سينيٽر سان شادي ڪري اڏامي وئي. کيس جڏهن به ان جي وڃڻ جو ارمان ٿئي ٿو ته ”ڪب ياد ۾ تيرا ساٿ نهين...“ وارو غزل لڳائي ٿو. غزل ٻڌندي سندس ڌيان ڪتابن ۾ پڙهيل انهن هيروئنن ڏي وڃي ٿو جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري پنهنجي عاشقن کان جدا ٿي ويون. ”اهي به آخر ڪنهن جون محبوبائون هيون،“ هو پنهنجي دل کي تسلي ڏي ٿو.

ڪتابن جو شوق کيس تڏهن کان پيو جڏهن اڃا ٿورو پڙهڻ سکيو هو. ان زماني ۾ گهر اڳيان وڻ هيٺان ويهي، سستي ڪاغذ تي ڇپيل ڪنهن ڪتاب کي وچان ڪٿان کولي بي خيالي سان پنا ورائيندو ۽ ان ۾ لڳل تصويرون ڏسندو هو. پنجين درجي جي امتحان ۾ پهريون نمبر آيو ته جنرل ناليج جو ڪتاب انعام ۾ مليو. اهو سندس زندگي جو دلچسپ ترين ڪتاب هو جنهن جي کولڻ سان ئي حيرانين سان ملاقات ٿيندي هئي. ”الف“ سان اجگر! اهو نانگ جيڪو ڪنهن ساهه واري جسم کي ويڙهجي گهٽي پاسراٽيون ٽوڙي ساهه ڪڍي ڇڏيندو آهي. ”ب“ سان بادشاهه پير جنهن ٻارهن مهينن جا ٻڏل ٻيڙا تاري ڏيکاريا هئا! ”د“ سان ديوار چين، ديڳڙو، دنبورو ۽ ٻيو الائي ڪهڙيون عجيب غريب شيون ۽ دنيائون کلنديون وينديون هيون.

ڪاليج تائين پهچندي کيس رات جو دير تائين پڙهڻ جي عادت پئجي وئي. سنڌي، اردو، پنجابي ادب جو پنهنجو چس هو. جڏهن اهي سڀ ڪتاب پڙهي کٽائي ڇڏيائين ته عالمي ادب کي انگريزي ۾ پڙهڻ لڳو. ان کان پوءِ ٻيا رنگ جهڪا پئجي ويا. ٻاهر جي دنيا سان سندس تعارف ڪتابن جي ذريعي ٿيو ته هن عظيم بت تراشن جي گهڙيل مجسمن ۽ مصورن جي تصويرن کي اکيون کولي ڏٺو، اعليٰ شاعرن کي پڙهي گنگنايو ۽ نثر نگارن تي ته فدا ٿي ويو. حالانڪه هونئن ته تاريخ ۾ هن کي سيزر وڻن ٿا پر جنگ باز بادشاهن جي فتوحات، خونريزيون ۽ سسين جي مينارن بابت پڙهندي کيس الٽي اچڻ لڳيو وڃي. ڊرامن ۾ کيس بيوفائي جون ڪهاڻيون ڪو نه وڻن پر وفادار، انسان دوست ۽ اشراف قسم جا ڪردار پسند آهن. شايد نفسياتي طرح اها ڳالهه درست آهي ته ڪتابن جي چونڊ مان پڙهندڙ جي شخصيت اندر جي خبر پئجي وڃي ٿي.

هن پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبرري ٺاهي آهي جنهن ۾ ڪتابن کي انهي سائنسي ترتيب سان رکيو آهي جيڪا اڍائي هزار سال اڳ ارسطو پنهنجي لائبرري لاءِ ايجاد ڪئي هئي. سندس ڪٽنب کي مطالعي جو ايڏو شوق هو جو ان کي ”پڙهندڙن جو گهر“ سڏيو ويندو هو. ارسطو جي لائبرري جو علمي خزانو ته الائي ڪٿان ڪٿان آيو پر هن جي ذخيري جو گهڻو حصو پراڻي ردي ڪتابن جي گاڏن تان اچي ٿو. انهن مان سڀني کان سٺا ڪتاب ابو ڀائي جي گاڏي تان ملن ٿا. ابو ڀائي جو گاڏو ڀلي تلڪ چاڙهي، گاڏي کاتي، پٺاڻ ڪالوني يا ڪٿي به ڇو نه هجي، هي ڳوليندي اتي پهچيو وڃي.

ابو ڀائي اڳي آفيم کپائيندو هو، هاڻي ڪتاب وڪڻي ٿو. کيس خبر آهي ته آفيم جا موالي ۽ ڪتابن جا شوقين پاڻهي ڳولي اچي ڏسندا آهن. سندس گاڏي تي ڪتابن جي رينج عجيب آهي: ”ليمي سان ڪينسر جو علاج“، ”ستن ڏينهن ۾ انگريزي سکو”، ”ڪاري جادو جو ٽوڙ“، ”اڪائونٽنگ جا اصول“ ۽ انهن منجهه ڪٿي ”آگ ڪا دريا“ يا ”گمشدهه جنت“ جهڙا هڪ ٻه ڪم وارا ڪتاب به نظر اچي ويندا آهن. پر اڄ خوش نصيبي سان جام ڪتاب پيا آهن. هن ڪوچ جي ڀاڙي جا پيسا ڪڍي هڪڙي پاسي رکيا ۽ باقي ابو ڀائي جي حوالي ڪيا. بس اسٽينڊ تي لهي، ٿلهن ڪتابن جي ڀري ڪلهي تي رکي چنگهندي چنگهندي مٺي شهر جي بازار مان لنگهيو ته دڪان تي ويٺل سندس سوٽ گرڌاري چيو، ”ڪتابن جو موهه هن کي کائي ويو!“
husainkapri@yahoo.com

تبصرے