فڪر ۽ اظهار جي آزادي ۽ گروهي سچ (جامي چانڊيو)



اڄ ڪله سوشل ميڊيا تي پڌرا ٿيندڙ انتهاپسند ۽ منفي رويا گهڻو بحث هيٺ آهن. دراصل سماج خارجي ۽ داخلي طور جن صورتحالن، ڪيفيتن، مصيبتن ۽ وارتائن مان گذرندا آهن، ان جو اظهار ٻين انيڪ صورتن سان گڏ پنهنجن روين سان به ڪندا آهن ۽ اهو به ضروري ناهي ته خارجي دٻائن يا انيائن جا شڪار سماج لازمي طور داخلي حوالي سان ۽ هر حوالي سان مثبت لاڙا رکندا آهن. سماج هڪ پيچيده لقاءُ آهي ۽ انڪري ان جي محرڪن، تبديلين ۽ روين توڙي حالتن ڏانهن روش کي نه رڳو پيچيده سمجهڻ گهرجي پر انهن کي سمجهڻ جي اک به سادي نه هئڻ گهرجي. انهن موضوعن تي مان ڏهاڪن کان لکندو رهيو آهيان پر نين حالتن ۾ ان جي نئين ڇنڊڇاڻ جي به گهرج آهي.
جڏهن سماج اهڙين صورتحالن ۾ ڦاسي پون جو نه انهن جا تضاد ۽ مسئلا سادا هجن ۽ نه وري انهن جا حل سادا، تڪڙا اُڪلائڻ جهڙا ۽ ٿوري مدي وارا هجن ته پوءِ فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ جون کُليل واٽون، گنجائشون ۽ تدبيرون وڏو اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. اهي ڪنهن به قسم جو جمود قائم ٿيڻ نه ڏينديون آهن ۽ مسئلن توڙي تضادن ۽ انهن جي ممڪن حل جو معروضي حالتن سان هڪ زنده ۽ نامياتي رشتو جوڙينديون آهن. مسئلو اهو آهي ته ان سموري عبوري دور ۾ مختلف گروهه پنهنجي پنهنجي گروهي نرگيست سبب ايئن سمجهندا آهن ته اهي سمورا تضاد رڳو سندن گروهي تدبيرون ئي حل ڪري سگهن ٿيون ۽ حل ڪري به رهيون هونديون آهن. جڏهن تاريخ جو اهو شعور ۽ جدلي اصول نه سمجهڻ سبب انيڪ موقعن تي سماجن ۾ فرد، گروهه ۽ تنظيمون يا خود ڪي تحريڪون اڪثر موقعن تي انفرادي يا گروهي نرگيست جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ اهڙين صورتحالن ۾ سماجن يا قومن جي نجات جي دعويداري ڪندڙ ڌريون ان نجات جي زنده وهڪري آڏو رڪاوٽ بڻجي وينديون آهن. مان سمجهان ٿو ته ان اصول جي بنياد تي ۽ ان لقاءَ جي تناظر ۾ اڄوڪي سنڌي سماج جو به گهڻ طرفو جائزو وٺڻ جي گهرج آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته حالتن کي
پُڄي نه سگهڻ لاءِ جيترو اهڙيون دعويدار ڌريون ڪمزور، محدود ۽ عدم سلامتيءَ جو شڪار ٿين ٿيون، ايترو ئي اهي وڌيڪ گروهي نرگيست، انتهاپسندي ۽ دل جي سوڙهائپ جو شڪار ٿين ٿيون ۽ اهو به ان وهم ۽ خود فريبيءَ سان ته هو ۽ فقط هو ئي حق تي آهن. سنڌ جي سماج ۾ اهڙي سوچ، خود فريبي ۽ روين کي گذريل ڏهاڪي کان وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيو ويو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ڪيو پيو وڃي. گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته ان صورتحال کي سوشل ميڊيا پيدا ڪيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته سوشل ميڊيا ان کي هڪ طرف وائکو ڪيو آهي ته ٻئي طرف انهن روين ۽ سوچڻ جي انداز کي هڪ وسيع پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. باقي اهي لاڙا سماج ۾ موجود آهن، انڪري ئي سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿين ٿا. انڪري سوشل ميڊيا ان جو سبب ناهي پر ان جي اظهار جو هڪ اثرائتو پليٽ فارم آهي.

هيءَ بنيادي طور ڪا عوامي جمهوري، سيڪيولر يا فڪري اظهار جي آزاديءَ لاءِ گنجائش رکندڙ رياست ناهي، انڪري هن ملڪ ۾ مظلوم قومن ۽ طبقن يا مجموعي طور عوام هميشه فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ جي مسلسل جنگ وڙهي آهي ۽ فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ جو اهو ميدان سلامت رکڻ لاءِ نه رڳو گهڻ طرفي جدوجهد ڪئي آهي پر ان لاءِ هر سطح تي قربانيون ڏنيون آهن. انهيءَ ڏوهه جي پاداش ۾ هن ملڪ جا اديب، شاعر، دانشور ۽ سياسي ڪارڪن توڙي سڄاڻ ماڻهو جيل، رياستي عتاب ۽ هر قسم جو جبر ڀوڳي چُڪا آهن ۽ هاڻي ته ان ڏس ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي جو”نئين پاڪستان“ ۾ فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ جون واٽون ۽ دَڳ وڌيڪ سوڙها ڪيا ويا آهن، اها ته وري به هڪ خارجي ويڙهه ۽ تضاد جي هڪ صورت آهي، جنهن جي شڪل سادي آهي ته هڪ طرف عوام آهي ۽ ٻئي طرف رياست آهي. پر اها صورتحال ان وقت وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿي جڏهن خود سماج اندر وطن، قوم ۽ عوام جي نجات جي دعويداري ڪندڙ فرد، گروهه ۽ تنظيمون ۽ سياسي يا فڪري ڌارائون پاڻ ان انتهاپسنديءَ ۽ ڪن حالتن ۾ فاشسٽ روين جو شڪار ٿين ٿيون. فاشزم کي ڪو سڱ ته ڪو نه ٿيندا آهن، ان جو بنيادي جوهر ئي اهو آهي ته مخالف يا متبادل سوچ کي نه رڳو ڌڪارجي پر ان جو وجود ئي برداشت نه ڪيو وڃي. فاشزم رڳو اعلان ڪرڻ سان ته وجود ۾ نه ايندو آهي پر اهو پنهنجن روين ۽ عملي صورتن ۾ به پيو تشڪيل ٿيندو آهي، اهي اڻ سهپ، مخالف راءِ ۽ متبادل خيال جي وجود کي ئي برداشت نه ڪرڻ جا لاڙا اڄوڪي سنڌ ۾ هر سطح تي ڏسي، پَسي ۽ پرکي سگهجن ٿا. سوشل ميڊيا تي هر هر پيدا ٿيندڙ ڌمچر ان جو ئي هڪ عڪس آهي.

رياست کان سواءِ اهو لاڙو عام طور رجعت پسند ڌرين يعني مجموعي طور ساڄي ڌر ۾ عام رهيو آهي. جو ساڄي ڌر پنهنجي وجودي فڪري بيهڪ ۾ تنگ نظر ۽ مخالف يا متبادل خيال بابت اڻ سهپ تي بيٺل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال قومي فڪر ورهاڱي کان وٺي ان جي مخالفت ۽ فڪري مزاحمت پئي ڪئي آهي ۽ ان ۾ انيڪ ڪاميابيون پڻ ماڻيون آهن پر ڪيڏو نه الميو آهي جو رياست ۽ رجعت پسند ڌرين کان فڪر ۽ اظهار جي فڪري، ادبي ۽ سياسي آزادي لاءِ وڙهندي وڙهندي اڄ اهڙا رويا انهن فردن ۽ گروهن کان به وڏي شدت سان سامهون اچي رهيا آهن، جن جون دعوائون آهن ته اهي وطن دوست، قوم دوست ۽ روشن خيال آهن. اڳي غداريءَ جا لقب رياست ڏيندي هئي ۽ هاڻي به ڏيئي پئي، ۽ فتويٰ بازي تنگ نظر ساڄي ڌر ڪندي هئي پر هاڻي ته اهو ڪم اهي فرد ۽ گروهه به ڪن ٿا جيڪي پاڻ به اهڙن روين جو شڪار رهيا آهن ۽ جن جي اها دعويٰ آهي ته هاڻي سنڌ ۾ وطن دوست، قوم دوست ۽ ترقي پسند ماڻهن تي ايترا الزام ۽ فتوائون ساڄي ڌر به نٿي مڙهي، جيترا هو هڪ ٻئي تي مڙهين ٿا. اها روش اصل ۾ انهن فردن ۽ گروهن جي زوال جي نشاني هوندي آهي، مسلمانن جي زوال جو هڪ اهم تاريخي سبب هڪ ٻئي تي فتويٰ بازي، فرقهواريت، علم کان ڪٽجڻ ۽ فڪر جي آزادي جون راهون بند ڪرڻ هو، اها ساڳي روش سنڌ جي سياسي ۽ فڪري ڪلچر ۾ به وڏي شدت سان داخل ٿي چُڪي آهي. جنهن کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.
سماجن ۾ جڏهن ڪي سياسي يا فڪري گروهه معروضي حالتن جي ادارڪ کان ڪٽجي ويندا آهن ۽ انهن کي پُڄي سگهڻ جي تدبيرن کان وانجهيل هوندا آهن، تڏهن اهي ريشمي ڪيڙي جيان پنهنجي چوڌاري گروهي نرگيست جو ڄار اڻي حالتن کان ڪٽجي ويندا آهن ۽ حقيقي شناسيءَ جي صلاحيت وڃائي ويهندا آهن، پوءِ انهن جو سمورو گذارو انهن جامع ۽ محدود ”گروهي سچن“ تي هوندو آهي، جيڪو سندن وجودي بحران جي تسڪين جو سبب بڻبو آهي. سنڌ ۾ به ڪيترن گروهن جي ذهني، فڪري ۽ سياسي صورتحال ڪيتري وقت کان ڪجهه اهڙي ئي محسوس ٿي رهي آهي، ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال اها آهي ته انهن جي پنهنجن صفن ۾ به اهڙي حقيقت پسند ۽ صاحب ادارڪ ماڻهن جي کوٽ آهي، جيڪي اندروني طور انهن جي نشاندهي به ڪن ۽ ان لاءِ ڪي عمل جوڳيون تدبيرون به جوڙين. سوشل ميڊيا تي ان بحران جا عڪس اسان کي روز روز ۽ خاص طور ڪن مخصوص موقعن تي ڏسڻ لاءِ ملن ٿا، يعني انهن حالتن ۾ جڏهن سماج ۾ خيالن جا ٽڪراءُ ٿين ٿا، تدبيرن جو فرق ۽ سوچڻ جي انداز توڙي حالتن جي پرک جا متضاد لقاءَ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اهڙين صورتحالن ۾ سخت انتهاپسندي، مخالف يا متبادل خيال لاءِ سخت ڌڪار ۽ سندن وجود کان نفرت ڪڏهن ڪڏهن اهڙن فاشي روين ۾ سامهون اچي ٿي، جنهن کي ظاهر آهي ته انهن جي ذهني ڏيوالپڻي ۽ زوال جا اهڃاڻ ئي چئي سگهجي ٿو.

اهڙي ذهني حالت ۾ ماڻهو حقيقت پسنديءَ جون اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن. گليلو جڏهن پيسا (اٽلي) ۾ دوربين ٺاهي ماڻهن کي اکين سان ڏيکاريندو هو ته ڌرتي ساڪن ناهي ۽ اها ڪائنات جو مرڪز به ناهي ته چرچ، ارسطوئي ۽ بطليموسي فڪر جا انڌا پوئلڳ چوندا هئا ته دوربين ڪوڙي آهي پر ارسطوئي ۽ بطليموسي سچ جيڪو پادرين ٻُڌايو آهي اهو ازلي ابدي سچ آهي. مسئلو اهو آهي ته ذهني ڏيوالپڻي ۽ زوال پذيريءَ کي پنهنجو بحران نظر ناهي ايندو، انهن جي جياپي جو محرڪ انهيءَ گروهي نرگيست جو ”سچ“ هوندو آهي جنهن کي هو ازلي سچ سمجهندا آهن. اسان کي ايمانداريءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان ان صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اسان کي سچ پچ هن قوم، عوام ۽ سماج جي نجات سان بنيادي وابستگي آهي يا اسان کي پنهنجا پنهنجا بطليموسي گروهي سچ آهن، جن تي اسان ڪکُ به سهڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ انهن آڏو متبادل ۽ مخالف خيالن ۽ موقف کي دلي طور ڌڪار جي ان حد تائين وڃون ٿا، جو اسان کي انهن جو وجود ئي ناگوار گذري ٿو.
پيچيده صورتحالن ۾ ڪنهن معاملي ۾ ڪنهن جو موقف ڪيترو درست آهي، اهو ڪو فزڪس جو ميڪانڪي قائدو ته ناهي جنهن کي ڪو چئلينج نٿو ڪري سگهي. جدلي حساب سان چئلينج رڳو خارجي قوتن يا دٻائن کي نه ڪبو آهي پر گڏوگڏ داخلي تضادن کي به پرکي ۽ ان بنياد تي شين، بيٺل بظاهر حقيقتن، گروهي سچن کي پوريءَ سگهه سان چئلينج ڪرڻ به سماجن جي نجات جي پنڌ جو هڪ اهم رستو آهي، ان جي رستا روڪ قوم ۽ سماج کي بند گهٽيءَ ۾ وٺي وڃڻ جي واٽ ۽ بي سمجهي ڪن حالتن ۾ شعوري بدنيتي آهي، سنڌ ۾ گهربل تبديليون ان سطح تي نه اچي سگهڻ جو هڪ اهم سبب پڻ اهو آهي جو اسان فردن ۽ پاڻمرادو طئه ڪيل گروهي سچن کي ايترو ته مقدس، جامع ۽ ازلي بڻائي ڇڏيو آهي جو قوم، عوام ۽ سماج جي نجات جون دعوائون ڪندي ڪندي لاشعوري ۽ اڻ ارادي طور اسان پاڻ اهي رڪاوٽون بڻجي وڃون ٿا. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هن قوم ۽ سماج کي خطرو ڪنهن فرد يا گروهه جي متبادل خيال ۽ موقف مان نه پر ان جي فاشي طريقي سان رستا روڪ ۾ آهي. تقدس تنقيدي شعور ۽ متبادل واٽ جي نفي ۽ زوال جي نشاني آهي. سماج جو هر سوال کُليل هئڻ گهرجي. جنهن تي ماڻهو آزاديءَ سان ڳالهائي، لکي ۽ عمل ڪري سگهن ۽ قوم يا سماج جي نمائندگي ڪو سرڪاري ٺيڪو ناهي جو ان کي فڪري اقربا پروريءَ ڪري مخصوص گروهن جي حوالي ڪري ڇڏجي، فڪر ۽ اظهار جي آزادي پڻ اسان جي قوم، عوام ۽ سماج جي نجات جي ضامن ۽ ان جو دڳ هئڻ گهرجي. انڪري رڳو سوشل ميڊيا کي نندڻ بدران اسان کي پنهنجو ۽ سماج ۾ اڀرندڙ منفي لاڙن جو تنقيدي ۽ حقيقت پسند جائزو وٺڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو به گروهه پنهنجو بطليموسي گروهي سچ سماج تي زوريءَ مڙهي ان کي ئي قطعي سچ سمجهڻ ۽ فاشي طريقن سان مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري ته ان جي به ايتري ۽ ائين ئي فڪري، سياسي ۽ سماجي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، جيئن اسان خارجي قوتن جي جبر ۽ ڏاڍ جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪندا آهيون. مڇريل هجومن کي فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ تي راتاها هڻڻ ۽ ماڻهن جون آزاديون کسڻ جو حق ڪڏهن به نه هئڻ گهرجي. ها البته جوابي فڪري ۽ اظهار جي آزاديءَ سان انهن کي فضيلت سان رد ڪري سگهجي ٿو. تنقيد ڪري سگهجي ٿي ۽ پنهنجي ڳالهه کي پير کوڙڻ لاءِ گهڻ طرفي ڪوشش ۽ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ڪم ۽ عمل تڏهن پنهنجي وقت ۽ معنيٰ وڃائي ٿو ويهي جڏهن ڪنهن موقف جي جاءِ تي الزام، ڪردارڪشي، فتوائون ۽ ڌمچر ذريعي شعوري يا لاشعوري طور فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ جي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي. مان سمجهان ٿو ته فڪر ۽ اظهار جي آزادي اسان جي قوم، عوام ۽ سماج جي گهڻ طرفي نجات جو هڪ اهم ۽ لازمي شرط آهي. جنهن جو اسان کي نه رڳو احترام ڪرڻو پوندو پر ان جو تحفظ به ڪرڻو پوندو. 

تبصرے