استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! (جامي چانڊيو)

انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ ک رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو  عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي، پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي،  ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو  سندس گهڻ رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه پر انقلابي معنيٰ ۾ آهي.


 (1)مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي، تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال، سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي  ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو.


منهنجيءَ نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي. جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏي، پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو:


وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ،
ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا،
ذِهَن جتي اُونداهيون غارون،
فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا.

استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي “ڪاريهر فڪر” سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري گهٽ ڳائي وئي آهي.


 (2) ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بخاري هڪ غيرمعمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت هن جي شاعريءَ سان گڏ هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪه روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن، پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي، اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گِهرائيءَ سان  پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي، پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي.


(3) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گِهرائيءَ سان موجود آهي، پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو:



اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو،
ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو،
ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي،
مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو.

استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي، جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي.. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي.


(4) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خود قياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي “دين” ۾ خودقياسي “ڪُفر” آهي. ان نقطي تي استاد بخاري شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اياز صاحبَ جي شاعريءَ خود قياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو، پر استاد بخاريءَ لاءِ خود قياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجيون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري قوم، عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ ٿو کڻي، چوي ٿو:


مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير!
مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان،
پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير!

(5) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾


 ايتري عام ناهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي، هو “هيڻن” کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غيرمعمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غيرمعمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي، چوي ٿو:


مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو،
ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو،
بنا ڪاوشن جي ڪرشمو ٿئي ڇو؟
ڏُکن کان لِڪي پوءِ خوشي ٿا گهُرو.

(6) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي.


حقيقت ۾ تخليقي ادب زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي، نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟  استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءُ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو ۽ حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو ته ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گِهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ، سندس شاعريءَ جو گِهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن، پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي “فڪري استاد” به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو “سُونهون” ۽ “ويڄ” شاعر ڪوٺيو آهي.


(7) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻولي، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترائي باڪمال آهن، جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غير روايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون،  نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو  هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا.


مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن “استاد” شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو!


ڪاوش

اربع 09 آڪٽوبر 2013ع 


 


تبصرے