استاد بخاري: سنسار، سونهن ۽ سنڌ جو عاشق! (جامي چانڊيو)



استاد بخاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٻاروتڻ ۾ ٿي، جڏهن هو ۽ منهنجو والد صاحب عبدالحئي چانڊيو دادوءَ جي ڪاليجَ ۾ پروفيسر هئا. بُوبڪَ ۾ بابا جو دِلگُهريو دوست گل محمد ميمڻ رهندو هو جيڪو سنڌ جو مشهور حڪيم هو. اسان جو اُتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. هڪ دفعي مان بابا سان گڏ بُوبڪَ ويو هوئس ۽ واپسيءَ تي ڪاليج ۾ استادن جي اسٽاف روم ۾ مون پهرين ڀيرو استاد بخاريءَ کي ڏٺو. مون کي ٻاروتڻ کان شاعريءَ سان نه رڳو گهرو لڳاءُ هوندو هو پر مون کي تمام گهڻي سنڌي ۽ اُڙدو شاعري ياد هوندي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اُن ڏينهن استاد بخاريءَ لئه ۽ تالَ ڏئي ڏاڍي ترنم ۾ پنهجا شعر ٻڌايا هئا. ائين اسان جي گهر ۾ استاد بخاريءَ جو ذڪر پيو ٿيندو هو، خاص طور تي ادبي لاڙي سبب بابا مون سان هن جو ذڪر پيو ڪندو هو. مون سدائين بابا کان استاد بخاريءَ بابت مثبت راءِ ٻُڌي، سواءِ هڪ دوستاڻي تنقيد جي ته هو تاريخ ۽ فلسفي جو وسيع مطالعو نه ٿو ڪري. اها خبر مون کي وڏو ٿي پوءِ پئي ته استاد بخاريءَ زندگيءَ جو وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪيو هو، جنهن جا انيڪ عڪسَ سندس شاعريءَ ۾ آهن. هو تاريخ جو اِدراڪ رکندي علامتي انداز ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ٿو چئي:
سمنڊ نه سُڪندو، پر مون سُڪندي آهي ڏٺو،
روهُه نه ڀُرندو، پر مون ڀُرندي آهي ڏٺو،
اکين سان استاد بخاري سجَ کي،
ڪني جيڏي کڏَ ۾ ٻُڏندي آهي ڏٺو.
استاد بخاريءَ سان منهنجي واقفيت جو ٻيو حوالو رسول بخش پليجو آهي، جنهن سان منهنجي شعوري حياتيءَ جا لڳ ڀڳ 25 سال گڏ گذريا. پليجي صاحبَ جي صحبتَ ۽ ساڻس گڏ سفر ڪرڻ معنيٰ هڪ يونيورسٽيءَ جو هم سفر هجڻ آهي. استاد بخاريءَ جو مون وٽ ابتدائي تعارف هڪ بيحد رومانوي شاعر وارو هو، جيڪو خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي رومانوي روين جو ترجمان هو. اهو بخاري جيڪو پنهنجي رومانوي اظهار ۾ بيحد بيخوف آهي، هو چوي ٿو:
کڻي نگاهَه پڇيائين ته ڪانُ هو يا نه؟
چيم ته جنهن به پچايو، جُوانُ هو يا نه؟
هزار شورشُون چهرو، ڪئي قصا آنسو،
زبانَ بند هئي پر بيانُ هو يا نه؟

بخاريءَ جو رومانوي انداز به سراپاءِ باهه آهي، چوي ٿو:

اسان عشقُ ڪيو هو، اُهو نه ٿو وسري،
مچن ۾ شوقُ نچيو هو، اُهو نه ٿو وسري،
بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇالَ ڏئي بچجي،
کِنوڻ کي ٻانهَن ٻَکيو هو، اهو نه ٿو وسري.

پليجو صاحب 1986ع ۾ جڏهن جيل مان نڪري آيو ته اسان سڄيءَ سنڌ جا سفرَ گڏجي ڪرڻ شروع ڪيا. سڄيءَ سنڌ ۾ جهر جهنگ وياسين. سفرَ ۾ رڳو بحث مباحثا، ادبي رهاڻيون، لطيف جا بيتَ، انقلابي شاعري، فلسفو، سياستَ ۽ عالمي موضوعَ هوندا هئا. انهن رهاڻين ۾ منهنجي سامهون هڪ نئون استاد بخاري اُڀري آيو. رُڳو رومانوي نه، پر هڪ انقلابي، قومي، طبقاتي شعورَ جو حامل ۽ بيپناهه آرٽسٽ شاعر استاد بخاري! مون کي پليجي صاحب جو بخاريءَ بابت اهو نئون موقفُ هضم ڪرڻ ۾ وڏو وقتُ لڳو ۽ ساڻس گهڻي ۾ گهڻا اختلافي بحث مباحثا به مون ڪيا، پر پوءِ جڏهن سڄي ڳالهه پيرائتي سمجهيم ته مون استاد بخاريءَ کي هڪ نئين اَکِ سان ڏسڻ، پڙهڻ، سمجهڻ ۽ پروڙڻ شروع ڪيو. اهو بخاري جيڪو رومانوي به آهي ته انقلابي به آهي، قومي ۽ طبقاتي سوچَ جو حامل به آهي ته بيحد فطرتپسند، حسنپرست به آهي. يعني مختلف شعري روايتن جو سنگم پر روايتي شاعر بلڪل به نه. هن جي عواميتَ به عوام جي سطح جي نه پر انقلابي عواميتَ آهي، يعني اُها عواميتَ جيڪا عوام لاءِ ته آهي پر عوامَ کي تبديل ڪندڙ شعورَ ۽ فڪرَ تي ٻڌل آهي. استاد بخاريءَ چوي ٿو:

جو ڪٿي رُڪجون رفيقو! ارتقا رُڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾ جُستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو! سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي!

سَڄيءَ دنيا جي ۽ سموري تاريخ جي ڪُوڙ کي بخاريءَ جي للڪارَ جو انداز ڏسو:

پنهنجي اونداه آڻ، منهنجي سوجهري جي سامهون،
تنهنجو منهنجو مامرو آ، فيصلي جي سامهون،
پير پنهنجا کوڙ، جي کوڙي سگهين او ڪُوڙ ٻُڌ!
ڌُوڙ ٿي ويندين، جو آهين زلزلي جي سامهون!

بخاريءَ جو انقلابي شعور ته پنهنجي جاءِ تي پر ان جي
اظهارَ جو اعتماد ۽ لهجو ته ڏسو:

پڇيائون ته هٿ ۾ قلم آ، يا بِجلي؟
بغل ۾ ڪتاب آ يا طوفان آهي؟
تڪي ڪامريڊَن جي مُنهن ۾ چيم:
نون انقلابن جو سامانُ آهي.

يا وري هي ڏسو:

سڄو وقت آهيون اسان انقلابي،
رُتن کي ڳُتن کان وٺي ٿا گُهمايون،
خزائُن کي لوڏي، لُڪن کي تڙائي،
بَهاريون گُهرايون، کٿُوريون ورهايون!

استاد بخاريءَ سان ان نئين ۽ شعوري ڏيٺ ويٺ ۽ تعارف کان پوءِ اتفاق سان اسان جو ذاتي طور به محبت ۽ احترام جو تعلق جُڙيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري پساهه تائين قائم رهيو. مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته هو مون سان ملڻ ڪڏهن هاسٽل هليو ايندو هو ته ڪڏهن يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جي گهر ترسي اُتي گهرائيندو هو ۽ پوءِ اسان جون طويل ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. هو دادوءَ کان ريلَ ۾ ايندو هو ۽ پوءِ مان هميشه کيس ڄامشوري ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ ويندو هوس. مون کي اهو به فخُر حاصل آهي ته هو مون کي ادبي خطَ لکندو هو ۽ مون وٽ هن جا انيڪ اهڙا خط سانڍيل آهن، جن ۾ ڪيترا شعر هن پهريو ڀيرو لکي پڙهڻ لاءِ مون کي اُماڻيا هئا.

استاد بخاري ذاتي طور هڪ بيحد سادو ۽ معصوم طبع ماڻهو هو. هن جي سامهون هن جي شاعريءَ تي پارکُو نظر سان ڳالهائبو هو ته هو وڏيءَ معصومانه حيرتَ وچان پيو ٻُڌندو هو، ڄڻ ته هن کي يقين نه ايندو هجي ته اهو سڄو اِدراڪ، فن ۽ ڏاهپَ سندس شاعريءَ جو مزاج ۽ جوهر هئا. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن پروري، عاشقي، فن سان محبت، قوميتَ، انقلابيتَ، جماليات ۽ فطرت پسنديءَ جا گهڻ طرفا عڪس آهن. خاص طور حُسن پروري، به ايتري جو هن کي موت جي خبر به حسين گُهرجي، هو چوي ٿو:

آگ جي درياه ۾ ڪُڏان،
هُن ڪناري تي اگر سهڻي هجي!
زندگي ڪوجهيءَ کان ڏاڍو ٿو ڊڄان،
موت جي ئي خبر پر سهڻي هجي!

پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاريءَ جي محبتي شاعريءَ تي انقلابي شعورُ وڌيڪ حاوي آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو سڄي حياتي شاعريءَ کي ارپي به هو خود ڪلاميءَ جي ڪيفيتَ ۾ چوي ٿو ته:

مڃيم سَچَ جو سجُ ۽ ٻِجُ آهين،
بُکئي لاءِ ڳڀو ناهين، او شاعري!
وڏي ڏاتَ ٿي ڏيهَه کي روز ڏين پر،
ننگي لاءِ لٽو ناهي، او شاعري!

استاد بخاري هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن پنهنجي وجود کي عشقَ، انقلابَ، سنڌ ۽ انقلابي عواميتَ جي روحَ ۾ رچائي ڇڏيو هو، ان ڪري بخاريءَ کي انهن قدُرن کان جدا ڪري ئي نه ٿو سگهجي. هو ان جو اظهار هيئن ٿو ڪري ٿو:

جذبات ۾ محتاط رهڻ ڪو نه آيو،
درياههَ کي سُونهين ٿو وهڻ ڪو نه آيو،
محبوب جي محفل مان اُٿڻ مشڪل هو،
مظلومَ ڪئي ڪوٺَ، ويهڻ ڪو نه آيو!

ان ڪري استاد بخاريءَ وٽ جتي شاعري عشق جي اظهار، فن سان محبت، ٻوليءَ سان عشقَ جو لطيف ذريعو هو، اُتي هن وٽ شاعري هڪ فڪري مورچو به هو، جتي هن پنهنجي دور کي جاڳائڻ، لوڏڻ، ڌوڏڻ ۽ متحرڪ ڪري تبديل ڪرڻ ٿئي چاهيو. سندس تصور ته ڏسو!

آڙاهَه ۾ آلاڻ، اِها اڻ ٿيڻي!
۽ سونَ ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي!
جنهن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀُڻڪي،
ڇا لاءِ، ڇاڪاڻ، اها اڻ ٿيڻي!

استاد بخاريءَ کي عقيدي پرستي ۽ اوهام پرستيءَ کان نفرت هئي، جو هو سمجهندو هو ته اهي فڪري غلاميءَ جا وَنگ نه رڳو صدين کان سندن پيرن ۾ پيل آهن، پر اهي سندن تاريخي غلاميءَ جا سبب ۽ محرڪ پڻ آهن.
هو چوي ٿو:

انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا،
ڌرتيءَ کان هلي چنڊ وڃون ٿا، سو وڃون ٿا،
تحقيق جي مضبوط هٿوڙيءَ سان ٺڪوري،
وهمن جا ٺلها ٺاٺَ ڀڃون ٿا، ڀڃون ٿا!

هو صدين جي اوهام پرستيءَ جو ٽُٽندڙ طلسم ڏسندي چوي ٿو:

جُهور عقيدو اُڊڙي پيو آ،
عقل، جُوانو اُگهڙي پيو آ،
حُجري جون ٿا ٿُوڻيون کوڙيو،
هوڏانهن عرش به اُکڙي پيو آ!

روشن خيالي، سنڌ ۽ پورهيت عوام بخاريءَ جي محبت جا محور هئا، سنڌ ۾ ته هن جو ساهُه هو، جنهن باشعور سنڌ جي هن پنهنجيءَ شاعريءَ ذريعي آبياري ڪئي، ان جي ارڏي باغيانه مزاج بابت هن جو اتساهه ۽ اعتماد ڏسو:

تِڙڪي جي تَتان، سمنڊ سُڪي ناممڪن،
ڪڪرن جي اڳيان، ڪوهُه ڊُڪي، ناممڪن،
تاريخَ ڪري چيخَ چيو: او آمر!
جابرَ جي اڳيان سنڌُ جُهڪي، ناممڪن!

پر ساڳئي وقت هو سنڌ جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي خبردار به ڪري ٿو:

ته ڇا گمنام ٿي وينداسين، پر آهستي آهستي؟
خيالخام ٿي وينداسين، پر آهستي آهستي؟
پراون کي پناهون ڏيندي ڏيندي ڏينهن هڪُ ايندو،
اسين خود سامَ ٿي وينداسين پر آهستي آهستي؟

بخاريءَ کي خبر هئي ته نئين سنڌ جي اڏاوتَ ڏاهپَ، جدوجهد ۽ مزاحمت سان ئي ٿي سگهي ٿي، تڏهن ته هو چئي ويو:

صدين ۾ ٿيو به هڪڙو ديده ور پئدا ته ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيهَه کي ڏاهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سُقراطَ، افلاطون پيو استاد پئدا ڪري،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.

مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن هو ڪينسر جي بيماريءَ وِگهي ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو، پر بخاريءَ جو اُتساهه، زندگيءَ ۾ ويساهُه، حوصلو، تخليقيتَ، اُميد پسندي ۽ هڪ نئين سنڌ ۽ نئين دنيا جي اڏاوت ۾ ايمان هماليه کان به اوچو هو، هو ته سراپا پنهنجي هن شعر وانگر هو:

ٻيلو نه جهلي ٻُور، اهو ناممڪن!
تنهنجو نه پوي پُورُ، اهو ناممڪن!
اُستادَ جو آواز لَٽيو ٿا لُڙَ ۾،
اوندهه ۾ لڪي نُورُ، اهو ناممڪن آ!

وفات کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ علي دوست عاجز سان مون کي ملي وڃڻ جو نياپو ڪيائين، مان وٽس دادوءَ واري گهر ويس، ته هي هماليه کان سگهارو سنڌ جو انقلابي ۽ رومانوي شاعر، هڏن جي مُٺ جيان هنڌ تي پيو هو. مان وٽس گهڻي دير ويٺو رهيس، جڏهن ته ماڻهن سان ملڻ جي کيس مڪمل منع ٿيل هئي، ان حالت ۾ به ڇا ته لفظ چيائين، “موتَ کان نه ٿو ڊڄان، پر زندگي بيحد وڻيم ٿي، ڄاڻان ٿو انسان ڪينسر جو علاجُ ڳولهي لهندو، پر تڏهن مان نه هوندس”.
ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سندس فاني جسم ته وڃي ڌرتيءَ جي هنج ۾ سُتو، پر سنڌ جو استاد بخاري رڳو ڪو فاني جسم ته نه هو، سنڌ جو روحُ، سنڌ جو احساسُ هو، شعور هو، شُعار هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه سدا حيات عاشقُ هو، اهو ڪيئن ٿو مري سگهي؟ هو پاڻ ئي ته بشارت ڏئي ويو هو ته:

جو قومَ جياري، اُهو جيئندو رهندو،
جو عامُ اُجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخَ ۽ تقديرَ ڏني پڪَ آهي،
جو سنڌُ سنواري اهو جيئندو رهندو

روزاني ڪاوش حيدرآباد، 09 آڪٽوبر 2014ع

تبصرے