اشاعتیں

ڪهاڻي: آخري هڏڪي (رياض اڄڻ)

تصویر
 آسمان تي ڪارا بادل ها، ڪجھ ڏينهن کان سج جو نالو نشان ئي ڪونه هو. مينهن ۾ وقفو هو. مکڻ گهر جي اڱڻ ۾ هڪ خشڪ جڳھ تي پڪل سِرَ تي ويٺو هئو، مٿي تي پيشاني تي هٿ هئس، هيٺ ڪنڌ، سوچن ۾ غرق هو.  هن جي ڏاڏيءَ ڏڍ ولوڙڻ شروع ئي. مَسَ ڪيو هو جو سندس ماءُ کي ويم جا سُور ٿيا ها، جڏهن هو ڄائو ته هن جي ڏاڏي مَکَڻ ڪڍي رهي هئي. بس ان وقت ئي سندس نالو مکڻ پئجي ويو.

پي پي پي ۽ سنڌ

تصویر
ضياءَ جي دور کان اڳ سياسي مخالفن کي دٻائڻ خاطر طاقت جو استعمال ڪيو ويندو هو پر ضياء طاقت جي استعمال سان گڏ هڪ نئين شئي ايجاد ڪئي جنهن کي بعد سياسي رشوت جو نالو ڏنو ويو. سڄي ملڪ ۽ خصوصًا سنڌ اندر سياسي مخالفن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ خاطر ضياء طرفان رشوتون ڏنيون ويون جن مان ننڍي ۾ ننڍي زڪوات جي چيئرميني هئي، جنهن جي خرچ ٿيل رقم جي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي. ان جي ئي متعلق ان دور جي مشهور مولودي ميهڙ واسي حاجي غلام نبي مهيسر هڪ شاعري ڳائي هئي: آهيون آسرن ۾ اڃا تائين اسان تون کائي چيئرمين ويا چوري زڪواتون. ضياء هي دور ۾ ايم آر ڊي جي پهرين تحريڪ کان بعد ان وقت جي مشهور صحافي ۽ هاڻوڪي مسلم ليگ نواز جي سينيٽر مشاهد حسين سيد سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هڪ رپورٽ ڇاپي ته سنڌ ۾ اٿل پٿل جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي عوام ۾ موجود مايوسي ۽ نراسائي (frustration) آ. ان جي سفارش کي مد نظر رکندي سنڌ جي ماڻهن لاءِ نوڪري جا دروازا کوليا ويا. ڪجھ اهڙا فرد به استاد مقرر ٿيا جن جي مئٽرڪ ڏي گريڊ ۾ پاس ٿيل هئي. جن مان ڪجھ، جن کي آئون سڃاڻان، اڃا تائين نوڪري ڪن ٿا پيا.

سنڌ جو سياسي ڪلچر

تصویر
ڪالھ سوشل ميڊيا جي مائيڪرو بلاگن  سائيٽ ٽوئيٽر جي فيچر اسپيس تي محترمہ عرفانه ملاح مٿئين عنوان سان هڪ سيشن جو اهتمام ڪيو. ڪافي مشهور و معروف فرد ان گفتگو ۾ شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موضوع جي پس منظر ۾ آئون ڪجھ پنهنجون گذارشات پيش ڪيان ٿو. آئون اها قطعاََ دعوي ڪونه ٿو ڪيان ته ڪو مان سماجيات يا سياسيات جو ڄاڻو آهيان، پر اهو ضرور چوندس آئون ان دور ۾ جوان ٿيس جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت اخبارون پڙهندي، بي بي سي اردو جو پروگرام سيربين ٻڌندي ۽

دنيا اک ڇنڀ جو ميلو!

تصویر
 حسين ڪپري   هي دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي. ڪجهه وقت جو جيئڻ ۽ پوءِ هميشهه لاءِ هليو وڃڻ، انهي تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دل نٿي ڪري. جر تي ڦوٽي جيئن جيون جي بي ثباتي جو احساس سدائين اداس رکي ٿو. ان مختصر حياتي کي گذارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ فاني انسان جيڪي به ڪم ۽ اٽڪلون ڪري ٿو سي سڀ ٻن ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، هڪ گناهه ۽ ٻيو ثواب! چون ٿا هي چار ڏينهن جي دنيا، هفتي ۾ ٺهي راس ٿي. انهي وچ ۾ اهو سڀ ڪجهه بنجي ويو جيڪو اسين ڏسون ٿا. 

حسين ڪپري: ڪتابن جو شوق

تصویر
  ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن کي به سمجهائين ڪونه! سمجهائڻ ته پري رهيو، هو ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته  ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري. جيڪڏهن ڪتاب ملي ويس ته واپس ڪو نه ڪندو پر جي  سختي ڪري واپس وٺبو ته ڳالهائڻ ڇڏي ويندو! معنيٰ ته ڪتاب  ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي!

حسين ڪپري: پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش!

تصویر
پهرين مون پنهنجو نالو سليٽ تي لکيو، پوءِ ڪتاب تي لکيو ۽ پوءِ ڀت تي لکيو. تڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ۽ ٻاراڻي ذهن سان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس. پر مون جيڪا به ڪوشش ڪئي سا ناڪام ٿي، ڇو ته سليٽ ٽٽي وئي، ڪتاب ڦاٽي پيو ۽ ڀت ڪري پئي! اسڪول مان ٿي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ جنه

شوڪت حسين شورو: بيٺڪيت ۽ پوءِ جا اثر

تصویر
17 هين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ هالينڊ ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ انهن فتح ڪيل ملڪن کي ڪالوني جو درجو ڏنو. سندن انهيءَ سامراجي نظام کي بيٺڪي راڄ Colonialism) )سڏيو ويو، جيڪو 20 هين صديءَ جي اڌ ڌاري ختم ٿيو. بيٺڪيت ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي ماڻهن کي محڪوم بنايو ويو، ۽ انهن ملڪن جي سمورن وسيلن ۽ دولت کي ڦري لٽي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويو ۽ پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ وڌايو ويو. بيٺڪيت اصل ۾ غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل هئي. بيٺڪي راڄ انهن ملڪن جي ماڻهن سان غلاميءَ وارو رويو اختيار ڪيو. انگريزن هندستان تي قبضو ڪري پاڻ کي اتي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ مٿانهين، مهذب ۽ برتر قوم سڏيو، ان احساس برتري ۾ هندستان جي ماڻهن کي اڻ سڌريل، جاهل ۽ انتهائي پستيءَ ۾ ڪريل سمجهيو ويو. هتي جي ماڻهن جي زبانن ۽ ڪلچر کي هيٺئين درجي جو ڪري ليکيو ويو، جن جي اڳيان انگريزي تهذيب ۽ ثقافت کي اعليٰ درجو حاصل هو. سامراجي طاقتن اتي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي به فتح ڪرڻ چاهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ذهنن کي متاثر ڪيو وڃي. هندستان...