راشد مورائي: ھر ھڪ چوٽ لڳڻ کان پوءِ



ھر ھڪ چوٽ لڳڻ کانپوءِ مون ھر ڀيري پڇتايو آھي،
پوءِ به سونھن سزا ڀوڳڻ لئه، مونکي پئي ھرکايو آ.

نازڪ جذبا ريشم جھڙا، مان ڪو سائين نود ته ناھيان
گھاءُ رسي ٿو گھاري ٿئي ٿي، تڏھين مون گھٻرايو آ.


ڦٽ ڦڪڙيءَ کان لھرايان ٿو، فتوائن کان مان به ڊڄان ٿي ٿو،
ناصح! منھنجو ڏوھ نه آھي، مونکي نينھن نچايو آھي.


پياڪ نه آھيان مجبوري آ، دردن کي ميٽڻ ٿو چاھيان،
بيوس ٿي در مئخاني جو، مون به اچي کڙڪايو آھي.


عادت عضوو بنجي وئي آ، روز ٿو دل جو داءُ لڳايان،
پيار جوئا ۾ ھر ويلي، توڙي مون ھارايو آھي.


”راشد“ کي مون پيار ڪرڻ کان روڪيو ۽ سمجھايو آھي،
ھن جو ڳن ڪھاڙي ساڳيو اڳئين کان به سوايو آھي.


راشد مورائي

تبصرے