اھو ئي ته آھي عشق الا لا (استاد بخاري)

 اکيون به آليون، پَلوَ به آلا، 
اھو ئي ته آھي عشق الا لا!!
باھه جگر، جان جوالا، 
اھو ئي ته آھي عشق الا لا!!

عشق جي آھي اڻ جهل خوشبو، 
ان جو وڄي پيو گهر گهر گهو گهو،
توڙي در در پھرا، تالا، 
اھو ئي ته آھي عشق آلا لا!!

اھڙيون ھڻن ٿا دشمن ٽوڪون،
جھڙيون تير تکي جون نوڪون،
ڀوڳ مترڪا، طعنا ڀالا،
اھو ئي ته آھي عشق الا لا!!

قربَ رَتيِءَ تي ڪئي ڪٽجي ويا
سُھڻي سچ تي سَوَ سٽجي ويا،
جوڌن ڪاٽيا قھر، ڪشالا،
اھو ئي ته آھي عشق الا لا!!

بعضي بخاري پڄري ڄَر ۾،
بعضي تنھنجي ڀاڪر ڀَر ۾،
ڪڏھن ڪيڏارا، ڪڏھن جمالا،
اھو ئي ته آھي عشق الا لا!

(استاد بخاري)

تبصرے