ڊمي

(نسيم کرل جي ڪتاب مان)

مسز ۽ ميان امين الدين وارن وٽان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گالا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن. موٽ تي به هوءَ ماٺ ۾ هئي، پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ پنهنجي نيراڻ مٽائي ميرانجهڙو ٿيندو ويندو آهي. گاڏي پنهنجي گهر جو گيٽ ٽپي اڃا مس بيٺي ته پوءِ هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ ڊرايئور جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ئي ”ڊور“ کولي تڪڙي تڪڙي فرش لتاڙيندي اندر هلي وئي. اندر گهڙيم ته سندس ولائتي سويڊ وارو پرس ٽيبل تي سٽيو پيو هو ۽ پاڻ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي هئي، جيئن ”ارمس“ جي ڪا ”ڊمي“.

مون کي ڏسي هن ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر جان رابرٽس جي ٺهيل سئنڊل کي پيرن جي لوڏي سان ڪنڊ ۾ اڇلايائين، جن مان هڪ پادر ته جيٽ جهاز جي تيزيءَ سان ٽي وي اسڪرين کان ذري گهٽ پاسو ڪري وڃي ڪئبينٽ سان ”ڪرئش“ ڪيو ۽ اونڌو پئجي رهيو.

مون هڪ نظر سندس سئنڊل تي وڌي، جي مون لنڊن ۾ رهندڙ دوست کي پنهنجي پراڻي دوستيءَ جا واسطا وجهي، ويهه پائونڊ ڀري گهرايا هئا ۽ ٻي نظر هن جي منهن تي وڌم، جو امپورٽيڊ ميڪ – اپ جي باوجود ڪنهن ديسي ڌوتل ۽ ڦٽل ڪپڙي جيان ٿي ويو هو. مان گهڙي کن ته اتي ئي هڪ جاءِ تي بيٺو رهيس، پر پوءِ کيس پرچائڻ لاءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي ٺاريندي چيم: ”ڇو، ڇاهي من؟“ ”ڪجهه ڪونهي.“ هن رکو جواب ڏنو، پر ڳالهائڻ جو انداز اهڙو، جو گهڻو ئي ڪجهه هو.

”نيٺ به؟“

”چيومانءِ نه ته ڪجهه ڪونهي.“ هن ڀيري آنڌاريءَ جون پهريون سٽون.

مون سندس ان رهڙ تي کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي سڪل نڙيءَ مان اهو آواز اهڙو نڪتو، جهڙو سڪرات واري حالت ۾ ئي نڪرندو آهي. مان تنهن هوندي به ناس پِتو پڪو ڪري هن جي ڀرسان وڃي ويٺس. هوءِ سنئي سڌي سمهي پئي هئي. سندس بلائوز ٿورو مٿي ڇڪجي ويو هو ۽ سندس ساڙهي هيٺ ڍاڪن تي کسڪي وئي هئي. ساڙهيءَ جو پلئه، جو پيٽ جا سمورا عيب ثواب ڍڪي ڇڏيندو آهي، سو هيڏي هوڏي ٿي ويو هو ۽ سندس پيٽ جا ڊٻڙ ۽ ”سيزرين“ (سيزرين = آپريشن جا نشان) جو نشان ظاهر ڪري ڇڏيو هئائين. مون پيار سان سندس پلئه ٺاهيو ته اهو ساڳيو ئي پيٽ نيري شفاف پلئه مان ائين جهلڪا ڏيڻ لڳو، جيئن ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ. هن تنهن هوندي به ڪي ڪونه ڳالهايو ۽ خالي خولي ڇت کي تڪيندي رهي، ڄڻ ته سندس وت ۾ اها تربوزي رنگ جي زبان ئي ڪونه هجي، جنهن کان ٻارن جا ته ڇا، پر منهنجا به ڏوه ڏڪندا آهن. گهڻي گهڻي دير کان پوءِ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منهنجي منهن تي ائين لڳو، جيئن ڪو برفاني هوا جو زوڪاٽ. پوءِ هن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”هڪ ڳالهه مڃيندين؟“

منهنجي دل گهريو ته کانئس جيڪر پڇان ته انهن پندرهن سالن جي عرصي ۾ مون سندس ڪهڙي ڳالهه موٽائي هئي ۽ جي مون کي ڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي اختلاف رهيو به هجي ته اهو هن هميشه واچوڙي جيان پهرين يا ٻي سٽ ۾ ڪک پن وانگر ٻهاري اڏائي ڇڏيو هو. پر جنهن وقت مون پنهنجي نظر هن جي منهن تي وڌي، جو هينئر روپ وٺڻ لڳو هو ته ان مٿي آسمان تي چوٽ چڙهي ويل آنڌاريءَ کي وري هيٺ لاهڻ ۽ ان جون سٽون سهڻ جو پاڻ ۾ ڀوتو نه ڀانيم. مون تڙ تڪڙ ۾ چيو: ”جيڪي چوين.“

”هل ته واپس هليا هلون.“

جون مهيني جي شروعات هئي. لڪون، ٻتون ۽ جهولا زوران زور هئا، پر اهي جهولا مون کي ٿڌي هير جيان پئي لڳا، ڇو ته انهن تي ئي پنهنجو روزگار هو. اهي جهولا ۽ ٻٽون نه پون ته ديرن ۾ پيل وليون ڪيئن ڳاهجن ۽ پيوندي باغ ۾ چونسي ۽ بيگن پالي جي وڻن ۾ ٽنگيل دليون ڪيئن ڪڪورجن. انهن ڏينهن مون سانده پندرهن ڏهاڙا زمين تان لڪون ۽ جهولا سهي سندس گهاٽن وارن جي ڇانو ۾ آس وٺڻ ۽ جيستائين هو فصلي چونسا پچن، سندس چونسي جي ڦار جهڙي زبان مان اهو ساڳيو ئي سواد وٺڻ پنهنجي گهر آيو هوس. ٻار گهڙي کن ٿي هئي جو وڃي ستا هئا. هوءَ به هئو مئو ٽاري اچي ڀرسان ليٽي هئي. مون سندس پٺيءَ تان هٿ ڦيرائي، چيلهه واري مٿاٿريءَ کان پسار ڪندو هيٺين حصي بئڪ تي پئي آندو، جو حصو ان ذات جي سونهن هوندو آهي ۽ جنهن جو سنڌيءَ ۾ اهڙو سريلو نالو ڪونهي. اهو بت جو حصو ڪپڙي بنا ڪنهن استاد گويي جي ستار جي هيٺين پالش ٿيل حصي جيان لڳندو آهي ۽ جنهن کي هو نهائين سان لائي، پوءِ ئي ڪا وقت جي راڳڻي ڇيڙيندو آهي، اهو ساڳيو حصو ڪنهن سوڙهي ڇڪي ٻڌل ساڙهيءَ ۾ ته وري ان کان به اڳرو لڳندو آهي. هو جنهن وقت ماربل يا موزي جي لسن فرشن تي ساڙهي جا پلئه ٺاهينديون، چيلهه کي موڙا ڏينديون اڳيان اڳيان ترنديون هلنديون آهن ته پويان ايندڙ مردن جي دوڏن مان نڪتل تارن جي گرميءَ تي اهو بت جو حصو مخصوص تال ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿڙڪندو آهي ۽ پويان ايندڙن جي دلين کي به ان ساڳيءَ تال ۾ ٿڙڪائي فنا ڪري ڇڏيندو آهي. مردن جون دليون هڪ ڀيرو ابتي تال ۾ ڌڙڪي هميسه لاءِ اهو روڳ حاصل ڪري وٺنديون آهن ۽ دل جي بيماري جي شروعات ان گهڙي کان ٿيندي آهي. ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ته منهنجو هٿ ان وقت دنيا جهان جي ان خوبصورت چاڙهيءَ تي پئي چڙهيو ۽ مون به رات جي راڳڻي ڳائڻ لاءِ سوڙا پئي ملايا ته هن مون واري هٿ کي عرش تان لاهي فرش تي سٽيندي چيو: ”هٿ ته پري ڪر، توبهه گرمي ته ڏس.“

”هينئر اچي ڀيڄ ڀني آ. ڪاٿي آ اها گرمي؟“ مون وات ۾ گڏ ٿيل گگ لاچار ڳهندي چيو.

”نسورو ناحق آ، دوزخ به ههڙو ڇا هوندو!“

مون ڪجهه ڪونه ڪڇيو. هونئن مان انهن ها ۾ ها ڪرڻ وارن مان هوس، جي ڏينهن جو تارا ڏسڻ تي به آمنا صدقنا ڪندا آهن، پر ان وقت مان ڪيئن پئي سندس ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو. البته دوزخ جهڙا ڀنڀٽ منهنجي دل ۾ سو ٻرڻ لڳا. هن ٿوري دير منهنجي جواب جو انتظار ڪيو. کيس ڪو جواب نه مليو ته ٿڌو ڇنڊو هڻڻ لاءِ چوڻ لڳي: ”سيارو ڪهڙو نه سٺو آ ان ڳالهه ۾.“

”سياري جو قدر به ته هي اونهارو ڪرائيندو آهي. جي اونهارو نه هجي ته سيارو ڪو وڻي.“

”ٻڌان ٿي ته اڄ ڪلهه حيدرآباد جي موسم ڏاڍي سٺي آهي. هل ته مهينو کن اتي هلي رهون.“ هن ٿورو منهنجي ويجهو ايندي چيو.

”ڏسين ٿي ته مٿي کنهڻ جي به فرصت ڪونهي.“ مون سندس چپن تي چپ چنبڙائيندي چيو.

”هن جهان جا ته ڪم ئي ڪونه کٽندا.“

”ڇا ڪجي، مڙئي جيئن تيئن گذارڻو.“

”ڏس نه ٻارن کي به گرميءَ جون موڪلون آهن. آخر هنن ويچارن ڪهڙو گناه ڪيو جو ٻارهين مهيني به کين تفريح نه ملي.“

مون ان ڳالهه جو جواب پچائڻ لاءِ پنهنجا چپ وڌايا ته هن وري چپ ڀڪوڙيندي چيو: ”ٿورو ترس، ساه ته کڻان ڪن دم منجهائي ماريندين.“

مان حڪم جو بندو ترسيس ته هن ساڳيو الاپ ڪيو. ”جواب ڇو نه ٿو ڏئين، وات ۾ مڱ پيل ته ڪونه اٿيئي.“

”ڇا جو جواب ڏيان؟“

”مان تو سان ڇا ڳالهايو؟“

”الائي، توکي خبر آهي ته توسان هوندو هان ته پوءِ ڪا ڪل خبر ڪانه پوندي اٿم.“

هوءَ دل ئي دل ۾ گهڻو خوش ٿي ۽ مون واري نه ٻڌڻ واري گناه جي ڪا سزا نه ڏنائين، پر ٻيهر ڳالهه کي ساڄو ڪندي چوڻ لڳي: ”چيم پي ته ٻارن کي به موڪلون آهن ۽ توکي به ريسٽ ملي پوندي.“

”مان هر حال ۾ مست آهيان، پنهنجي ڳالهه ڪر.“ مون کلندي چئي ڏنو.

”ڀلا مون کي به نيٺ گهمائڻو ڦيرائڻو اٿئي. هن ننڍي شهر ۾ ته دم ئي ٻوساٽجي ويو آهي.“

مون کي اها خبر هئي ته اهو سمورو پيٽ جو سور هن کي پنهنجو هو. مون کي ۽ ٻارن کي ريسٽ ڏيڻ جون ڳالهيون ته رڳو ڀرڻيون هيون، جن سان هن پنهنجو ميدان پئي ٺاهيو. عورتون مٿي کان پيرن تائين نمائشي هونديون آهن ۽ هن ۾ اها ستي ته رهندو سرس هئي. مون کيس پِٽائڻ لاءِ چيو: ”خيرپور هروڀرو ننڍو شهر ته ڪونهي. تنهن کان سواءِ ساهيڙيون به کوڙ اٿئي. اپوا جون ميٽنگون ۽ مينا بازاريون به ٻارهوئي پيون ٿين.“

”ان ۾ ڇا ٿو ٿئي. هتي نه ڪپڙي پائڻ جو مزو ۽ نه ڏسڻ جو مزو.“

”ڇو، هتي ته ڊريس شو ٿيندا آهن!“

”ڌوڙ ٿيندا آهن.“ هن جڪ کائيندي چيو.

”باقي اهي ميلاد ٻيلاد ڇا آهن.“

”ميلاد لاءِ ته خدا لڳ ائين نه چؤ، مسلماني کان ٿو وڃين.“

”توهان عورتن واريءَ مسلمانيءَ جي به مون کي خبر آ. اوهان جو مذهب آ چلڪو.“

هن کي مون واري ڳالهه لڳي ته دل سان، پر شرم پرچائڻ لاءِ هوءَ ٽهڪڙو هڻي نٽائڻ لڳي. لاچار ٻيو ڪو چارو نه ڏسي آڳ قبوليندي چيائين: ”هتي سوسائٽي آهي ڪهڙي؟ روز ساڳيا ماڻهو، جن کي ماڊرن فيشن جي خبر ڪانه. تنهنجي منهنجي ريس ته ڪپڙو گهرائين سبائين ته فيشن نڪري وڃي. ڀلا اهڙين ساهيڙين مان مون کي ڪهڙو مزو ايندو؟“

”من، بيگم خان ۽ بيگم ڪوڪب به ته هتان جون آهن.“

”بيگم خان کي ڪهڙي فيشن جي خبر، هوءَ ته سدائين مون تي ريس ڪندي آهي. ٻٽي ڀيرا مون وٽان ڪيٽلاگ گهرايائين.“

”باقي ويچاري بيگم ڪوڪب ته هينئر ڌوپجي وئي آهي ۽ سمورو ڪلف نڪري ويو اٿس.“

”ڇو، ڇو؟“

”آخر پنجون ٻار ڄڻيون اٿائين. من، ٻار ڄڻڻ به سئي جي پاکڙي مان هاٿي لنگهائڻو آهي. توبهه منهنجا رب توبهه.“ هن کي دل ئي دل ۾ ايترن ٻارن ڄڻڻ تي افسوس هوندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو اندر جو سور ٺاريندي هئي.

”تون ته پنجن ٻارن ۾ به من لڳي پئي آهين.“ مان سندس چپن تي مهر هڻي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي.

”ها، پر هر ڪنهن جي هاٺيءَ تي مدار آهي. هن ويچاريءَ سان ته ٻارهين مهيني ٻار جي تعدي آهي. هڪ اڃا ڄائو ناهي ته ٻيو ان جي ڪڍ.“

”ٻيو به سبب آهي.“

”ڪهڙو؟“

”تون سدائين ٻار کي مٿيون کير پيارين.“

هن کي شايد مون واري ڳالهه مان ٿوري ٽوڪ نظر آئي يا دل ئي دل ۾ کيس پاڻ ککيو، جو پاڻ واري ننڍي ڪاڪي ٻاهرين کير تي هئي ۽ ان ۾ اها سگهه ڪونه هئي. ان ڪري هن ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي: ”ان ڏينهن ڏاڍو مزو ٿيو.“

”ڇا ٿيو؟“

”بيگم ڊي سي وٽ اپوا جي ميٽنگ هئي. مان اڳ ساڻس ڪونه ملي هيس. تازو بدلي ٿي آيا آهن نه.“

”ها، هي پاڻ وارو ڊي – سي.“

”سو مان جو ويم ته کيس ”وش“ ڪري وڃي ٻئي صوفي تي ويٺس. پر آصف هر هر جو نظر ڦيرايان ته بيگم ڊي.سي جي مون ۾ جوهه. اها ڳالهه ٻٽي ڀيرا مارڪ ڪيم. موٽندي بيگم انصاري ٻڌايو ته هن ڪو وقت مون لاءِ پئي پڇيو ۽ کيس اعتبار ئي نه پئي آيو ته مان ڪو ٻارن جي به ماءُ آهيان.“

”ها، اها ڳالهه تون اڳ ۾ به ٻڌائي آهي ته عام ڪري ناواقف ڀلجنديون آهن.“

”ها، کوڙ ڀيرا ائين ٿيو آ. الائي ڇو؟“

”من جي انصاف ڪرين ته اهو اٿئي منهنجو ڪريڊٽ. توکي رکيو به اٿم پام جي ٻوٽي جيان سائو چهچ، سنئون سڌو.“

”پر هينئر پوئين ٻار کان پوءِ پيٽ ٿورو وڌيل ٿو لڳيم.“

مون ان بهاني سموري بدني بناوٽ جو ڀرپور جائزو ورتو ۽ کيس دلجاءِ ڏيندي چيم: ”توکي اجايو احساس آهي. هي ڪو پيٽ آ؟ وري هو لنڊن مان جو ”ڪورسيٽ“ گهرايو هيئي؟“

”اهو ته پائيندي آهيان؟“

”پوءِ باقي ڇا جو ڳاراڻو؟“ مون سندس چيلهه ۾ هٿ ورائيندي چيو.

”ٻي ڪا ڳڻتي ڪونهي پر هتي سخت بور ٿي پئي آهيان.“

”ويجهه ۾ ڪو فنڪشن ڪونهي ڇا.“

”هجي ته ڇا، نه هجي ته ڇا. مان هن سوسائٽي ۾ ائين ويڳاڻي گهمندي آهيان، جيئن........ جيئن.“ هوءَ تشبيهه ڳولڻ لڳي.

”جيئن برفاني ملڪن جو نيرڳ هتان جي پولاهين ۾.“ مون کلي جملو پورو ڪيو.

”نه نه، هروڀرو اهو مطلب نه هو منهنجو.“ هن ظاهر ۾ نهنڪر ڪندي چيو.

”ڀلا ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج.“

”ها ائين کڻي چئه.“

”پوءِ ان ۾ ڪهڙو فرق؟ ساڳي ته ڳالهه ٿي.“

”توسان پڄڻ جي ڪا ڀيڻي ڪونهي. ڀلا حيدرآباد ڪڏهن ٿو گهمائين؟“

”توکي آبي ۾ بهشت ٿو گهمايان، ٿورو ڇڙو ويجهو اچ.“

”چرچن ۾ ڳالهه نه ٽار. ها ڪر يا ننهن.“

مون ان مهل ڪجهه به پئي ڪڇيو ته ڪم خراب پئي ٿيو، ان ڪري ان ڳالهه کي وري نٽائيندي کيس چيم: ”هن مهل ته اهي بي سريون ڳالهيون نه ڪر. هي وقت آ ڪو انهن ڳالهين جو؟“

”باقي ڇا جو آ؟“ سمجهندي به هوءَ وري پڇڻ لڳي.

”سولي سنڌيءَ ۾ ٻڌايانءِ يا فارسيءَ ۾؟“

پر هن پوءِ به شرم کان ڪو جواب نه ڏنو. مون هن کي پاڻ ڏي ڇڪيو ته منهنجي سيني سان ائين چنبڙي وئي، جيئن ساڳ جي ڪاٺيءَ ۾ اکڙوت جو ڪو پيوند. ڪپڙن جو سرڙاٽ ٿيو، پوءِ مون کي ته هن جهان جي خبر پئي نه هن جهان جي.

صبوح جو اٿيس ته پکين جي لاتين سان گڏ ٻارن ۾ به چوٻول متل هو. سوٽ ڪيسن ۽ ٽرنڪن ۾ ڪپڙن ۽ زيورن جي سٿ سٿان هئي. مان انهن يڪ طرفي تيارين تي گهڻو ئي ٻوٿ سڄايو، پر پوءِ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي چخي ئي ڪونه ڪئي. اها ڳالهه برابر هئي ته پوءِ مون به ڏنو ڪنو نه ڪيو ۽ حيدرآباد پهچڻ تائين اڳ اڳ ۾ هوس ۽ مون واري بيگم فوج سوڌو پٺيان هئي. پر جنهن ماڻهو اٺ کي ڏٺو هوندو، سو عجب نه کائيندو – اٺ جو ناڪيلي ۾ هٿ پوندو اٿس ته هڪ ئي سٽ سان ايڏي ساري جبل جيڏي جا وڃي گوڏا کپندا آهن. پوءِ جت جي هوندي اٿس مٿس سٿ سٿان، پر حرام جو پوءِ ڪو ڪڻڪي. منهنجا گوڏا ته وري منڍ کان ان جاءِ تي کتل آهن ۽ رهندو لائن واري رات منهنجي سالين سس اهڙا ساٺ سڳڻ ڪيا؟ جو جيڪي ٿوري گهڻي رڏي هيم سا الائي ڪاڏي غائب ٿي وئي. رهندو جو چکي چريو ٿيس ته قصو حاتم طائي وانگر. هڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا اٿم. ان تمنا ۾ مون واري نڪ ۾ جيڪا ناڪيلي آهي، سا اڃا دائم قائم آهي ۽ هڪ ڀيري جو هيٺائين ٻولي، اٺ وانگر پنهنجي مٽ ۾ پاڻ ترڪيو آهيان ته پيو ترڪان. حيدرآباد ۾ وري سوٽ جو گهر اٿم، جو به ساڳي وڻ جي ٻي لام يعني منهنجي ساليءَ سان پرڻيل آهي. سو اتي جڏهن پهتاسون ته ڄڻ پنهنجي گهر آياسون. ٻنهي ڀينرن جو پاڻ ۾ تارون مليل هيون ۽ اسان ٻنهي سوٽن کي رڳو تيار ٿيل پروگرام مليو، جنهن ۾ صبوح جو ڪوٽڙي گهمائڻي هئي ته شام جو المنظر، رات جو سيڪنڊ شو کان پوءِ مون کي سو ”ٿرڊ شو“ جي اجازت هئي، پر سڄو ڏينهن ڄنگهون هڻڻ بعد اهو شو مون کي ائين لڳندو هو، جيئن ڪو ”چئريٽي شو“ جنهن ۾ ٻئي ڌريون ڇڙو بيگر لاهينديون آهن. پوءِ جڏهن حيدرآباد جون سموريون فلمون ڏسجي چڪيون ۽ نوان ڪپڙا سبجي چڪا، تڏهن هڪ رات ٿڌي هير ۾ ساڳيو ئي ويراڳ هليو. هوءَ منهنجي انهن سمورين ڳالهين تي تئو گهمائيندي چوڻ لڳي: ”گهمائيندين ڦيرائيندين يا ائين ٻڌي ٻوٿ واپس موٽائيندين؟“

”۽ هن وقت تائين ڇا هو؟“ مان جڪ کائيندي ٻرندي پڇندي چيو.

”ان کي گهمڻ ڦرڻ ٿورو چئبو آ.“

”باقي ڇا کي چئبو آ؟“

”هتان جي فئمليز سان ته دعا سلام ڪيون نه......“

”ته ڪيتري پاڻي ۾ آهن؟“ مون جملو پورو ڪندي چيو.

”تون ته هر ڳالهه مان پنهنجو مطلب ٿو ڪڍين. حيدرآباد جي هوائن مٿو ڦيري ڇڏيو اٿئي.“ هن منهن ۾ سونڊ وجهي چيو.

سندس اوچتو پسرجڻ تي مون کان اهو سچ چوڻ وارو دورو وسري ويو. مون ان جي اگرن نتيجن تي سوچيو ته منهنجي هٿن مان ڀولي به ڇڏائجي وئي. مون دستور موجب ٺاه ڏانهن قدم وڌائيندي چيو: ”جاني، ڪجهه ڀوڳ مان ”انجواءِ“ ڪرڻ ته سک.“

”نه نه، مون کي اهڙا ڀوڳ نه وڻندا آهن.“

”ڀلا ڪنهن جي گهر هلندينءَ؟“ مون سنئين سڌي پٽڙي ورتي.

”توکي خبر، هيترا سارا دوست اٿئي.“ هن به ڪانٽو بدلايو.

”نادر ڏي هلون جنگشاهي؟“ مون کي ڀاڄائيءَ جي پلي جو پلاءُ ياد اچي ويو ۽ سندس سڪ مان سگهري اچڻ جون دعوتون.

”گهڻو پنڌ آ هتان جنگشاهي؟“

”اهو سؤ سوا ميل اوٽ موٽ.“

”جنگشاهيءَ ۾ ڇا رکيو آهي؟ آهي ته ننڍو واهڻ.“

”اتي ڀرسان نوري ڄام تماچي واري ڍنڍ آهي، ڪينجهر.“

”ڍنڍ کي ڇا ڪنداسون؟“

”بوٽنگ به ڪنداسون ته ڍنڍ ڪناري پسار به ڪنداسون.“

”نڪو“ هن ٻوٿ چٻو ڪيو.

”پوءِ ڪاڏي؟“

”هتي به ته کوڙ دوست هوندءِ، اتي ته ڊاڙ هڻندو آهين.“

”ڀلا شارق مشرف؟“

”اهو جنهن جي گهر کي ڪبوترن جي کڏ سان ڀيٽايو هيئي؟“

”اهي ته مان ڀوڳ ڪيا هئا، پر تون قرب ته ڏس. شارق جي ماءُ جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ.“

”مسز شارق ڪونهي ڇا؟“

”نه پيڪين ويل آهي.“

”پوءِ ان کان سواءِ ڪهڙو مزو.“

”ڀلا غلام علي موهل؟“

”ڪٿي رهندا آهن.“

”گهر جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻو ڪري ريشم گلي ڀرسان.“

”نه بابا نه.“

”توکي ته ڪو گهر وڻي ئي ڪونه ٿو.“ مون ڪڪ ٿيندي چيو.

”لطيف آباد يا جي آر ڪالونيءَ ۾ ڪو دوست اٿئي؟“

ايندي ويندي ٻنهي ڪالونين جا سهڻا بنگلا ڏٺا هئائين.

”هڪ نظر حسن آهي، پر ان کي ڀاڀي مريءَ کنڀي کڻي وئي آهي.“

”ها ڏس نه ان کي چئبو گهمائڻ ڦيرائڻ. توکي ته حيدرآباد تائين پئي ٻرو چڙهيو.“

دل گهريو ته نظر حسن بابت ٻڌايانس ته سندس گهر واريءَ کيس به ائين حرام ڪري ڇڏيو آهي، جو نه ڪنجهي ٿو ۽ نه ڪڻڪي ٿو. پيو ڀولي وانگر ڪڍ گهمي. پر مون کي خبر هئي ته هوءَ ان ڳالهه کي هڪدم پاڻ ڏانهن اشارو سمجهندي. ان ڪري مون ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو. فقط ايترو چيم: ”ڀلا فيصلو ڪر نه.“

”فيصلي لاءِ ڇڏيو ڇا اٿئي؟“

”هيترا گهر ٻڌايامانءِ.“

”سڀ ڪنگلا، ڪنهن گهر ۾ ڊرائنگ روم به ڪونه.“

”ڇو خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه اٿن. ڊرائنگ روم نه هوندن ته ڪو پٽ تي ٿورو ويهاريندءِ.“

”اهڙو خدا جو ڏنو شل دشمن کي به نه ڏي. ويچارين جي ته حياتي ئي زهر هوندي.“ هن کي مون وارن يارن جي گهر وارن جي اچي ڳڻتي لڳي.

اوچتو مون کي ڪوه نور ملز وارو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ميان امين الدين ياد اچي ويو، جنهن سان منهنجي سٺي سلام دعا هئا. مان حيدراباد ايندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويندو هوس. پاڻ ميان صاحب ۽ بيگم صاحبه هر ڀيري ڊنر کارائڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندا هئا. وڏي شاهي ڊائننگ ٽيبل جي ٽاپ تي براس جي چمڪندر ڪئنڊل اسٽئنڊس ۾ وڏيون موم بتيون هيون. الائي ڪيترا ڪورس سرو ٿيندا هئا ۽ هر ڪورس بعد انگلش ايماسڊ پليٽ بدلبي هئي. ان جي بجاءِ ٻي رکبي هئي. اها دعوت ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي هئي. ميان ۽ بيگم صاحب وڏا مانائتا هئا ۽ مان ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندا هئا. ميان ۽ بيگم صاحبه کي يورپ ۾ به ڪاروبار هو ۽ سال مان ڇهه مهينا ٻاهر ولايتن ۾ پيا گهمندا آهن. ميان صاحب جو يادگيرو ايندي منهنجي مٿان پيل ڇپ ڇيتيون ڇيتيون ٿي پئي ۽ مون سک جو ساه ڀريندي کيس چيو: ”ها هڪ جاءِ سجهي ٿي، تنهنجي ئي مطلب جي. سڀاڻي اوڏانهن هلنداسون.“

”مون کي به ته ٻڌاءِ.“

”مسٽر ۽ مسز امين الدين ڪوه نور ملز وارا.“

”ها، ايڏانهن هل نه. باقي اڳهون ڪهڙيون ڍونڍون ڍورا کنيا هيئي.“

”مون کي هينئر ياد آيو.“ مون ڏند ٽيڙي خطا مڃي.“

”پوءِ ڪڏهن؟“

”ڪنهن به وقت، صرف چوڻ جي دير آهي.“

”پوءِ ڪرين ڇو نه ٿو ٽيليفون؟“

هوءَ تيستائين منهنجي ڪڍ ڪڍ هئي، جيستائين مون ميان صاحب سان ڳالهائي ”ڪنفرم“ نه ڪيو هو. ميان صاحب ته ان کي پنهنجي عزت افزائي سمجهي اسان کي ڊنر يا لنچ لاءِ چيو هو، پر مون ٻئي هنڌ هجڻ جو بهانو ڏئي صرف چانهه جي ڪوپ جي استدعا ڪئي هئي. ان ئي ڏينهن شام جو هڪ وڏو لفافو نارمل دعوت نامي سان اچي پهتو هو.

ٻئي ڏينهن اٿڻ سان هن شام لاءِ تياري شروع ڪئي. سڀ کان وڌيڪ اونو کيس پنهنجن هٿن، پيرن ۽ منهن جو هئو. هونءَ به هوءَ روز سيارو هجي توڙي اونهارو، اٿڻ مهل ۽ سمهڻ مهل پاڻ کي الائي ڪهڙين ڪريمن سان مهٽ مهٽان ڪندي هئي. وري جڏهن کان ملڪ ۾ خواتين ڊائجسٽ شروع ٿيا هئا ته سبزي مارڪيٽ مان ايندڙ سلاد جا پن، ونگا ۽ ليما ته هن جي بلي هوندا هئا ۽ منهنجي گنهگار اکين ڪڏهن مانيءَ جي ٽيبل تي ڪونه ڏٺا هئا. وري منهنجو هڪ دوست لنڊن پهتو هو ته هن اتان ٻه عورتن جا پرچا ”وومن“ ۽ ”ومنز اون“ جاري ڪرايا هئا، جن جي پڙهڻ کان پوءِ ته کيس ڪابه لوڪل شيءِ نه وڻڻ لڳي هئي ۽ سندس جتين کان وٺي پرسن ۽ ڪريمن تائين سڀ شيون اتان اچڻ لڳيون هيون. پر اهو صبوح ته سڀني صبوحن کان وڌيڪ پيارو هو ۽ اهڙي شام روز روز نه اچڻي هئي. ان ڪري هن نئين سر منڍ کان وٺي شروعات ڪئي هئي. ان مهٽ مهٽان جي مرحلن کان واندي ٿي، هن باٿنگ سالٽ جي سموري شيشي ٽب ۾ اوتي. هن هڪ وڏو غسل ورتو هو ۽ جڏهن اهي سڀ خوشبويون سندس جسم جي خوشبوءِ سان رلي ملي هڪ ٿي ويون، تڏهن هوءَ اهي سموريون سرهاڻيون کڻي مون وٽ آئي ۽ مون کان پڇڻ لڳي: ”هاڻي ٻڌاءِ ته شام پايان ڇا؟“

”اهو پرابلم تنهنجو آ.“ مون ڪتاب ٺپيندي جواب ڏنو. مون کي خبر هئي ته ڪتاب پڙهندي کيس جواب ڏنم ته چيهاڙيون چيهاڙيون هوندو.

”مطلب ته ساڙهي پايان يا ڪو بيل باٽم سوٽ؟“

”لازما ساڙهي.“ مون ٺهه پهه چيو. هڪ ته ساڙهي هن کي پسند هئي، ٻيو ته شام جو سندس پويان هلڻ وقت پنهنجي به چاندي ئي چاندي هئي.

”ساڙهي تي ته منهنجي به مرضي هئي، پر پايان ڪهڙي؟“

”هاڻي اها صلاح پاڻ ۾ ڀينر ڪيو.“

”تون به صلاح ڏي نه.“

”پيازي ليس واري ساڙهي پاءِ.“

”اها هڪ ٻه ڀيرو پاتي آ، هينئر ڪڪ ٿي پئي آهيان.“

”ڀلا بنارسي ”موف“ ڪلر واري.“

”اونهون، بنارسي ته هر ايرو غيرو ٿو پائي.“

”پوءِ؟“ مون ڪڪ ٿيندي چيو. پائيندي اها جا سندس دل ۾ هوندي.“

”بلو شفان واري ساڙهي لاءِ ڪهڙو خيال اٿئي؟“

”ڪهڙي؟“

”اها جنهن تي سيڪونس جو ڪم ٿيل آهي، جا مهينو ٿيو ٻارهين سوين ورتي هئي.“

”اڙي ها، اها ته مون کان وسري وئي.“

”آهي به ماڊرن فيشن ۽ ان تي ولائتي جتيون ۽ پرس به اٿم.“

”ٻيو ڇا کپي، خدا خير ڪري.“

شام جو جڏهن هوءَ چار ڪلاڪ اڳ تيار ٿيڻ شروع ٿي، تڏهن ئي ڪو وقت تي وڃي سندس ميڪ – اپ پورو ٿيو. ميزبانن جي شاهي محلات جهڙي بنگلي ۾ هلي اسان جي گاڏي بيٺي ته بيگم ۽ ميان اسان کي پورچ جي ڏاڪڻ وٽ گريٽ ڪيو. هوءَ خوش خوش بيگم صاحبه سان گڏ اندر ڊرائينگ روم ڏانهن هلي وئي. مان ۽ ميان صاحب ٽيرس تي ڪرسيون وجهائي چيس راند ۾ لڳي وياسين. اندران ڊرائينگ روم مان ڪڏهن ڊنر بيل جهڙين گهنٽين جهڙا ٽهڪڙا پئي ٻڌڻ ۾ آيا، جن منهنجي ڪنن جو سمورو گوش پئي ان پاسي ڪيو. منهنجيون ويڳاڻيون اکيون به نور وڌائڻ لاءِ پئي هيڏانهن هوڏانهن ڦريون ۽ ڪو ساڙهيءَ جو جهلڪو يا سٺي صورت ڏسي پي ٺريون. راند ۾ منهنجو ڌيان پورو سارو هو، سو پهرين راند هارائي، ٻي لاءِ پئي ڳوٽون ويهاريوسين ته اندران واپس هلڻ جو پيغام آيو.

مسٽر ۽ مسز امين الدين کان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئنٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گلا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن....... پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ، پنهنجي نيراڻ مٽائي ميرانجهڙو ٿيندو ويندو آهي..... اندر گهڙيم ته ڏٺم ته هوءَ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي هئي، جيئن آرمس جي ڪا سينگاريل ڊمي...... گهڻي دير کان پوءِ هن اهڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منهنجي منهن تي ائين لڳو جيئن ڪو برفاني هوا جو زوڪاٽ...... پوءِ هن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”هل ته واپس هليا هلون.“

”ڇو من، اڃا ته هفتو کن ٿيو آ آئي.“

”پويان سمورو گهر رلي ويو هوندو.“

”پر پوئتي گهر ۾ آهي ڪير؟ سڀ ڀاتي ته هتي آهيون.“ مون کيس ياد ڏياريو.

”نيٺ گهر ته آهي. پويان نوڪر جيڪي ڇنڊ ڦوڪ ڪندا هوندا سا خبر اٿئي.“

”من خيرپور ۾ ته اڃا ڇتي گرمي هوندي.“

”پنهنجي گهر ۾ گرمي به سون.“

هن جڏهن ڪا جاءِ نه ڏني ته مون پوءِ کانئس سڌو سوال ڪيو: ”تون شايد ”امينز“ وٽ انجواءِ نه ڪيو.“

”نه خاص ڳالهه ته ڪونهي.“ هوءَ هيٺائين ڪيئن ٻولي.

”مسز امين ۽ سسٽرس ڪيئن هيون؟“ مون ٻيو رستو ورتو ان راز ڳولڻ لاءِ.

”مڙئي ماڻهن جهڙا ماڻهو.“

”نه من، مسز امين ته پنهنجي نالي ساڻ آهي.“

”اوهان مردن کي هروڀرو پراڻو چلڪو وڻندو آهي.“

”مان هن کي توسان ڀيٽايان ته ڪونه ٿو، پر.......“

”ها چمڙي سو مون کان ”فيئر“ اٿس.“ هن مس ڪا ڳالهه مڃي.

”۽ فگر؟“

اتي هوءَ سور نه سانڍي سگهي ۽ ڀريل غباري وانگر گهڻو ئي دم جهليائين. پر نيٺ ڦاٽي پئي. ”آصف خبر اٿئي ته ستن ٻارن جي ماءُ اٿئي.“

”تون ڏس.“

”پڪ ئي پڪ ”هارمونز“ وٺندي هوندي، تڏهن ته جوان لڳي پئي آهي.“

”تون به ته پنجن ٻارن ۾ من لڳي پئي آهين.“ مون کيس آٿت ڏنو.

”نه آصف، هن اڳيان ته ڪجهه ناهيان.“ هن کان ٿڌو ساه نڪري ويو.

”سندس ڪپڙا ڏٺئي؟“

”الا! ڪپڙن تي ته نظر ئي نه پئي بيٺي.“

”ڀلا تنهنجو ڇو موڊ آف ٿي ويو؟“

”آصف نه پڇ، اندر ئي سڙيو پيو آ.“

”هن ڪي سوسڙيون ساڙيون ڇا؟“

”نه نه، هوءَ ته ڏاڍي عزت سان ملي. سندس نڻانن به ڏاڍو قرب ڏنو.“

”باقي ڇا ٿيو؟“

”اهو ٿيو جو دل پئي گهريو ته زمين جاءِ ڏي ته پيهي وڃان.“

”ڀلا ٻڌائين ڇو نٿي؟“

”ڇا ٻڌايانءِ؟ دل ٿي چوي ته هن ساڙهيءَ کي تيلي ڏئي باه ۾ ساڙيان.“

”ڪمال ٿي ڪرين. ههڙي پياري ساڙهي کي ساڙيندينءَ؟“

هن ڪو جواب نه ڏنو. ڏٺم ته سندس اکين جا ڪٽورا پهرين آبجي ويا ۽ پوءِ شفاف ڳوڙها سندس پنبڻين تي ائين اٽڪي پيا، جيئن ساري سارهيءَ تي ڪو موتين جو ڪم. اتان اهي موتي ٽٽا ته هوءَ به پاڻ جهلي نه سگهي ۽ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي: ”اعتبار ڪندين ته اسان جي ويهڻ سان بيگم امين جي نوڪرياڻي جو ٽرالي گيڙي آئي ته هن کي هوبهو ساڳي ساڙهي پئي هئي..... اهو ئي ”سيڪونس“ جو ڪم ۽ ساڳيو ئي رنگ.“


تبصرے