اشاعتیں

جنوری, 2021 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ڊمي (نسيم کرل)

(نسيم کرل جي ڪتاب مان) مسز ۽ ميان امين الدين وارن وٽان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گالا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن. موٽ تي به هوءَ ماٺ ۾ هئي، پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ پنهنجي نيراڻ مٽائي ميرانجهڙو ٿيندو ويندو آهي. گاڏي پنهنجي گهر جو گيٽ ٽپي اڃا مس بيٺي ته پوءِ هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ ڊرايئور جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ئي ”ڊور“ کولي تڪڙي تڪڙي فرش لتاڙيندي اندر هلي وئي. اندر گهڙيم ته سندس ولائتي سويڊ وارو پرس ٽيبل تي سٽيو پيو هو ۽ پاڻ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي هئي، جيئن ”ارمس“ جي ڪا ”ڊمي“. مون کي ڏسي هن ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر جان رابرٽس جي ٺهيل سئنڊل کي پيرن جي لوڏي سان ڪنڊ ۾ اڇلايائين، جن مان هڪ پادر ته جيٽ جهاز جي تيزيءَ سان ٽي وي اسڪرين کان ذري گهٽ پاسو ڪري وڃي ڪئبينٽ سان ”ڪرئش“ ڪيو ۽ اونڌو پئجي رهيو. مون هڪ نظر سندس سئنڊل تي وڌي، جي مون لنڊن ۾ رهندڙ دوست کي پنهنجي پراڻي دوستيءَ جا واسطا وجهي، ويهه پائونڊ ڀري گهرايا هئا ۽ ٻي نظر هن جي منهن تي وڌم، جو امپورٽيڊ ميڪ – ...